جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي
دنيا ڪجهه به چئي پر مرحوم جون ليبيا ملڪ جي ترقي ۽ مسلم دنيا کي متحد رکڻ ۾ بيشمار محنتون شامل هيون۔۔ سندس انجام بابت اڳ ئي اهڙيون اڳ ڪٿيون ٿيل هيون ان ڪري ڪا ڇرڪائيندڙ خبر نه آهي۔۔۔ بس هاڻي دعا آهي ته ليبيا ۾ امن قائم ٿئي ۽ شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ باغين طرفان عام شهرين ۽ اصل ليبيا جي عوام کي مارڻ جو سلسلو رڪجي وڃي۔۔۔
ڪرنل قذافي جون پاڪستان ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ ۾ جيڪي ڪوششون ۽ محنتون شامل هيون اهي ڪير نه ڄاڻي۔۔۔ پرامن ليبيا کي ڌارين جي حملي کان روڪڻ ۽ ملڪ جي عوام کي سک جون سهولتون ڏيندڙ هي شخص هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي۔۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا ۽ نيٽو جي مدد سان ڪيل هنن ڪارواين کان پوءِ ليبيا ملڪ آزادي ۽ خودارااديت برقرار رکي سگهندو يا هتان جي عوام کي به آمريڪا ۽ سندس اتحادي عراق ۽ افغانستان وانگر ڏتڙيل ڇڏي بس پنهنجي مطلب جون شيون جهڙوڪ سون ۽ تيل قابو ڪرڻ شروع ڪندو۔۔۔
ڪاش اتان جو عوام ۽ اسلامي دنيا دشمن جي چالن کي سمجهي سگهي۔۔۔