• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ ناليواري شاعر ذوالفقار بهڻ سان تعزيت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10y1c7m.jpg

نهايت ڏک ڀري خبر آهي ته سنڌ سلامت جي ساٿي، سنڌي ادبي ايسيوسيئيشن فيسبوڪ جي سيڪريٽري جنرل ، پياري شاعر ۽ بهترين انسان محترم ذوالفقار بهڻ جي 6 سالن جي پٽ گذريل جمعي تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو آهي.

انا لله و انا عليه راجعون​


اسان سڀ محترم ذوالفقار بهڻ سان سندس ڏک ۾ شريڪ آهيون ۽ رب پاڪ جي در دعاگو آهيون ته رب پاڪ سندس نينگر کي جنت نصيب ڪري ۽ محترم ذوالفقار بهڻ ۽ سندس گهروارن کي صبر جميل عطا ڪري.

 
جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ ناليواري شاعر ذوالفقار بهڻ سان تعزيت

ٻڌي واقعي به تمام گهڻو ڏک ٿيو۔۔۔ بس قدرت طرفان عطا ڪيل شيون وري به سندس ئي امانت هونديون آهن۔۔ بس ڌڻي در دعا آهي ته انسان صبر هٿ مان وڃڻ نه ڏئي۔۔۔ پنهنجي دوست ۽ سنڌ سلامت جي رڪن جي هن ڏک ۾ سمورو سنڌ سلامت سٿ شامل آهي ۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ ناليواري شاعر ذوالفقار بهڻ سان تعزيت

نهايت ئي ڏک جي خبر آهي ليڪن اهڙن موقعن تي صبر کان سواء ڪو به سهارو نه آهي دعا آهي ته الله تعالى ڊاڪٽر صاحب جن کي صبر جي توفيق عطا فرمائيندو ۽ کين ان فرزند جهڙو ٻيو شهزادو عطا فرمائيندو اسان سڀ سنڌ سلامت جا رڪن انتظاميه ڊاڪٽر صاحب جن سان ان ڏک ۾ شريڪ آهيون۔​
 
Back
Top