• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
دوستو مان ڪو شاعر يا اديب ته ناھيان، پر ڪڏهن ڪڏهن قلم کي ھلائيندي سنڌ جي سونهن تي لکڻ جي لا دل چوندي آ پو پيا قلم ھلائيندا آھيون، اميد ته منهنجي ننڍڙي ڪاوش دوستن کي پسند ايندي ،
دوستو جيڪڏهن مون ڪا غلطي ڪئي ھجي ته درست ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا۔۔۔ مهرباني


هي سهڻي منهنجي ڌرتي آ،
۽ سونهن ڀريل ڪا سرتي آ،

هت ماڻهن جي آ مھڪ مٺي،
هت مورن جي ڪا مستي آ

ھت چھرو چھرو چنڊ مثل،
هت سونهن خدائي قدرتي آ

هي جو جوان ڏھيسر هت
ھت ڀٽائي جي به وستي آ،

هن سنڌ جا سورھيه پُٽ سنڌي،
”ديشي“ به شاعري سکي ورتي آ
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

هن سنڌ جا سورھيه پُٽ سنڌي،
”ديشي“ به شاعري سکي ورتي آ
ها ابا ديشي به شآعري سکي ورتي آهي سچي ڳاله آهي ابا سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ خلوص جو سهڻن الفاظن ۾ تمام بهترين ادا
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

هن سنڌ جا سورھيه پُٽ سنڌي،
”ديشي“ به شاعري سکي ورتي آ[/size][/font][/color][/b][/quote]
هي بيت تمام سٺو آهي بهترين ادا
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

هن سنڌ جا سورھيه پُٽ سنڌي،
”ديشي“ به شاعري سکي ورتي آ


واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا عرفان ديشي اوهان کي واڌايون شاعري سکڻ جون ۽ شاعر ٿيڻ جون۔

شاعر گهڻا حساس ٿيڻ سان گڏ سماج ۾ تبديلي يا انقلابي سوچ پيدا ڪرڻ واريون شخصيتون هونديون آهن۔ اسان کي به اها اميد رهندي ته اوهان پنهنجي شاعريء ۾ نکار آڻي وڌيڪ سهڻي ۽ پختي نموني اظهار ڪندا رهندا۔
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

واهه سهڻا واهه تمام بهترين،،، دعا آهي ته جلدي ڇتي ڪوري وانگي وڏو شاعري ٿي ويندي
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

ھت چھرو چھرو چنڊ مثل،
هت سونهن خدائي قدرتي آ


ديشي صاحب اسلام غليڪم۔توهان جون شاعري جون ڪاوشون هڪ سٺو عمل آهي ان کي جاري رکندا۔بيشڪ اسان جي ڌرتي کي الله پاڪ هر قسم جي نعمتون سان مالامال ڪيو آهي پر اسان کي انهن جو قدر نه آهي۔ 
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

ادا۔۔۔ سليمان مڙئي۔۔۔۔ سماج کي ظاھر ڪرڻ لاء سنڌ جي نقشي کي ڏسي پيا لکندا آھيون توهان جا قُرب جو پسند ڪيوَ۔۔۔
ها ادا صغير بلاشڪ۔۔۔۔ ڇتي ڪوري جھڙو مڃيندڙ شاعر ٿيند۔۔۔۔
قُرب سڄي سنگت پسند ڪرڻ جا۔۔۔ مهربانيون
 
جواب: ھي سُھڻي منهنجي ڌرتي آ؛ عرفان ديشي

دوستو مان ڪو شاعر يا اديب ته ناھيان، پر ڪڏهن ڪڏهن قلم کي ھلائيندي سنڌ جي سونهن تي لکڻ جي لا دل چوندي آ پو پيا قلم ھلائيندا آھيون، اميد ته منهنجي ننڍڙي ڪاوش دوستن کي پسند ايندي ،
دوستو جيڪڏهن مون ڪا غلطي ڪئي ھجي ته درست ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا۔۔۔ مهرباني



”ديشي“ به شاعري سکي ورتي آ
مبارڪون ادا شاعري سکڻ جون
 
Back
Top