ماڻهو منهنجي ديس جا ( الطاف شيخ)

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY](حصو پهريون)
    گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي يهودي فئملي ساسون جي خير جي ڪمن جي ڳالهه ڪئي، جيڪي هنن ممبئي ۾ قائم ڪيا. هن فئملي جي وڏي ڊئوڊ ساسون جيڪو بغداد کان لڏي ممبئي آيو هو، تنهن 1867ع ۾ هڪ اسپتال پوني ۾ پڻ ٺهرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ هتي جي وڏين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن سان پوني جوB.J ميڊيڪل ڪاليج ۽ نرسز ٽريننگ اسڪول پڻ لاڳو آهي. ٺهڻ وقت هيءَ اسپتال 144 بسترن جي هئي. اڄ اها 1500 بسترن جي آهي ۽ منجهس يتيم ٻارن جي رهائش جو بندوبست پڻ آهي.
    ممبئي جو ”ساسون ڊاڪس“ ۽ ساسون لائبريري ته بعد ۾ ممبئي پهچي ڏٺم. ان کان اڳ پوني ۾ رهائش دوران پهرين هيءَ اسپتال جيڪا اڄ ڪلهه ساسون جنرل اسپتال سڏجي ٿي نظر آئي. پوني ۾ جتي منهنجي رهائش هئي، يعني ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ، اتان پوني جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ايترو پري هئي جيترو ڪراچي جي صدر پوسٽ آفيس کان زينب مارڪيٽ. پوني ريلوي اسٽيشن وٽ ئي ساسون روڊ آهي جنهن تي هيءَ ساسون اسپتال آهي، جنهن تائين جهڙالي موسم ۾ آئون اڪثر واڪ ڪري ويندو هوس.
    انڊيا اچڻ کان اڳ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد صاحب جو ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب نه پڙهي اچان ها ته شايد هن اسپتال جو ذڪر به نه نڪري ها، پر پوني ۾ ساسون روڊ تان واڪ ڪندي يڪدم سنڌ جو اديب، تاريخدان، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايت ۽ زبان بابت کوجنا ڪندڙ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ياد اچي ويو. جنهن بابت سائين جي ايم سيد جن لکيو آهي ته هندستان جي ورهاڱي بعد ڪاڪو ڀيرومل ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. پر گذر جي تنگيءَ ڪري مجبور ٿي نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو، جتي هو ڪجهه عرصو پوني جي ساسون اسپتال ۾ رهڻ بعد 7 جولاءِ 1950ع ۾ گذاري ويو.
    ۽ هاڻ پوني ۾ هن ”ساسون جنرل اسپتال“ وٽان هر وقت لنگهندي مون کي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ياد ٿي آئي، جنهن جا زندگي جي گذريل اڌ صديءَ ۾ مون جهڙن مطالعي جي شوقينن خبر ناهي ڪيترا ڪتاب پڙهيا هوندا. تازو ٻه ٽي سال اڳ ڪاڪي ڀيرومل جي سنڌ جي هندن جي تاريخ جا ٻه جلد جيڪي 1947ع ڌاري ڇپيل هئا، انهن جو گڏيل ڇاپو حيدرآباد جي روشني پبليڪيشن ڇپرايو آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو ننڍي هوندي کان انگريزي پڙهي ٿو، اهو هن عظيم انسان جي ادبي خدمتن کان شايد اڻ واقف هجي، جنهن بابت پير علي محمد راشدي صاحب جن پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”... ڪاڪو ڀيرومل ڊگهو ۽ هڏن جو پڃرو هو. آبڪاريءَ مان استاديءَ کي پهتو. سنڌي گرامر کي سمهوئي ويو. درسي ٻاراڻا ڪتاب جيڪي لکين ٻارن پئي پڙهيا، سي سندس لکيل هئا. ٻوليءَ جي مسئلن ۾ سندس راءِ آخري حرف هوندي هئي...“
    ماءُ جي پيار بابت بيت ”ڪنهن مون کي ٿي کير پياريو“، لاباري بابت ”ِاِجهو اسوءَ جو مهينو آيو“، ماکيءَ جي مک بابت ”وقت چوي مان بادشاهه آهيان“ جهڙا ٻارن جي درسي ڪتابن لاءِ جوڙيل بيتن جو شاعر ڪاڪو ڀيرومل سن 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ منشي مهرچند آڏواڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. منشي مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو ۽ ڪاڪي ڀيرومل جو ڏاڏو آئل مل اجو مل مختيارڪار هو. ڪاڪو هڪ هنڌ پنهنجي پيءُ مهرچند لاءِ لکي ٿو ته هن جو 40 رپيا پگهار هو. 1888ع ۾ پنشن تي لٿو ته 20 رپيا پگهار ٿيو. سندس انگريز عملدار مسٽر گلبرٽ ڪوپر کيس انعام طور 500 ايڪڙ زمين ڏني ۽ هو زندگيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجي سوٽ خداآبادي عامل پئنچائت جي مکي (۽ ديوان نولراءِ ۽ ساڌو هيراند جي ڪاڪي) ديوان خوبچند آڏواڻيءَ سان گڏجي کاٽين جا ٺيڪا کڻندو رهيو.“
    ڪاڪي جي پتا جو چالاڻو 1905ع ۾ ٿيو. ڪاڪي بنيادي تعليم ۽ مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪئي. 1895ع ۾، ويهن سالن جي ڄمار ۾ سالٽ ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1942ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان پينشن ورتائين. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو جنهن بمبئي يونيورسٽي مان M.A ڪئي هئي ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو تنهن کي ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ هڪ سئو رپيه پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو هو. سگهو ئي هو صاحب Ph.D جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت اسهيو ۽ ساڳي سال 1924ع نومبر ۾ سندس جاءِ تي ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ کي ليڪچرار مقرر ڪيو ويو.
    ڪاڪو ڀيرومل پنهنجين يادگيرين ۾ ان بابت لکي ٿو ته ”مون کي پڙهائڻ جو گهڻو شوق هو. سو مون کي جيئن ئي ڊي جي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي آفر ٿي ته ايڪسائيز کاتي جي 200 رپين واري نوڪري ڇڏي هڪ سئو رپيا پگهار تي شاگردن کي اچي پڙهايم. بي اي جي شاگردن ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيم ۽ پنهنجو پورهيو سجايو سمجهيم.
    ڪاڪي ڀيرومل 28 سال ايڪسائيز کاتي ۾ ۽ 13 سال ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي. انهن ايڪيتاليهه ورهين جي عرصي ۾ هن پنجيتاليهه ڪتاب لکيا. سفرنامي جي حوالي سان پڻ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هن 1923ع ۾ ”سنڌ جو سيلاني“ جي عنوان سان لکيو. هن ڪتاب جا پيش لفظ ڄيٺمل پرسرام 1948ع-1885ع لکيا. سندس هڪ ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي“ جيڪو ٿر بابت آهي 1924ع ۾ ڇپيو هو. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”شاهه لطيف جو هنگلاج ڏي سفر ۽ واپس گرنار ۽ ٿر اچڻ“ جيڪو 1929ع ۾ ”لطيفي سُر“ Research work on travels of shah latif جي نالي سان ڇپيو. هن جي پيش لفظ ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب لکي ٿو ته وڏي عرصي کان آئون هن قسم جو ڪتاب لکڻ جي جستجو ۾ لڳو رهيس، پر ڀيرومل جنهن محنت ۽ ڄاڻ سان لکيو آهي ان سان آئون هرگز نه لکي سگهان ها.“
    ڀيرومل جا لکيل ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
    · سنڌي ٻولي 1925ع.
    · سنڌي ٻولي جي تاريخ 1941ع.
    · قديم سنڌ 1944ع.
    · سنڌ جي هندن جي تاريخ ٻه حصا 1946.
    ڪاڪي ڀيرومل ڪيترائي ٻارن لاءِ شعرن ۽ ڪهاڻين جا پڻ ڪتاب لکيا آهن. سندس تخلص ”غريب“ هو.
    · گلزارِ نظم (ٻارن جي شاعريءَ جو ڪتاب) 1909ع.
    ·موهني ٻائي (ناول 1910ع.
    · آنندا سندريڪا 1901ع.
    · گولن جا گولا 1928.
    · پنگتي مقدمو (ڊرامو)
    · بزازن جو ناٽڪ.
    بزازن جو ناٽڪ هڪ مزاحيه ڊرامو آهي، جنهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل ڏيکاريو آهي، ته ڪيئن ڪپڙو وڪڻڻ وارا گهوريئڙا در در تي وڃي، چالاڪيءَ سان مٺي زبان استعمال ڪري عورتن کي ڀنڀلائين ٿا ۽ کين ڪپڙو وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا.
    (هلندڙ)
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو