نهايت ڏک ڀري خبر آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني ۽ شهيدبينظير ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضى ڀٽو جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو 82 سالن جي ڄمار ۾ اڄ دبئي ۾ وفات ڪري وئي آهي۔
انا لله و انا اليهه راجعون
23 مارچ 1929ع تي جنم وٺندڙ نصرت اصفحاني جي شادي ذوالفقار علي ڀٽو سان 8 سيپٽمبر 1951ع ۾ ٿي۔ هو شروع کان ئي سياست ۾ متحرڪ رهي پر خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جيل اندر هجڻ ڪري هن پارٽي قيادت سنڀالي ۽ شهيد ذوالفقار جي شهادت کانپوء هن آمر ضياء سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ايم آر ڊي جي تحريريڪ ذريعي مارشلا جو مقابلو ڪيو۔ ان دوران هن جيل وڃڻ سميت، جلاوطني جهڙي سزا پڻ ڀوڳي۔ کيس قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪ جلسي دوران رتورت ڪيو ويو ۽ لٺيون لڳڻ سبب هن کي ذهني زخم پڻ رسيا جنهن جو اثر کيس وفات تائين رهيو۔ ان دوران ئي هن کي نوجوان پٽ شهيد شاهنواز جي لاش پڻ ڏسڻي پئي۔
بيگم نصرت ڀٽو ٻه دفعا قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ چونڊي ۽ مير مرتضا جي شهادت کانپوء هوء پاڻ کي سنڀالي نه سگهي ۽ مسلسل بيمار رهندي آئي ۽ ان دوران سندس ياداشت پڻ متاثر ٿي۔ ڪافي عرصي کان شديد عليل رهڻ کانپوء هن اڄ دبئي ۾ وفات ڪئي آهي۔ سندس مڙهه لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدابخش واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو۔
وزير اعظم سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪندي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي۔