• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني ۽ شهيدن جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو جو وڇوڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
303955_2533498655000_1179567033_33105318_1054449261_n.jpg


نهايت ڏک ڀري خبر آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني ۽ شهيدبينظير ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضى ڀٽو جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو 82 سالن جي ڄمار ۾ اڄ دبئي ۾ وفات ڪري وئي آهي۔​

انا لله و انا اليهه راجعون

23 مارچ 1929ع تي جنم وٺندڙ نصرت اصفحاني جي شادي ذوالفقار علي ڀٽو سان 8 سيپٽمبر 1951ع ۾ ٿي۔ هو شروع کان ئي سياست ۾ متحرڪ رهي پر خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جيل اندر هجڻ ڪري هن پارٽي قيادت سنڀالي ۽ شهيد ذوالفقار جي شهادت کانپوء هن آمر ضياء سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ايم آر ڊي جي تحريريڪ ذريعي مارشلا جو مقابلو ڪيو۔ ان دوران هن جيل وڃڻ سميت، جلاوطني جهڙي سزا پڻ ڀوڳي۔ کيس قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪ جلسي دوران رتورت ڪيو ويو ۽ لٺيون لڳڻ سبب هن کي ذهني زخم پڻ رسيا جنهن جو اثر کيس وفات تائين رهيو۔ ان دوران ئي هن کي نوجوان پٽ شهيد شاهنواز جي لاش پڻ ڏسڻي پئي۔

بيگم نصرت ڀٽو ٻه دفعا قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ چونڊي ۽ مير مرتضا جي شهادت کانپوء هوء پاڻ کي سنڀالي نه سگهي ۽ مسلسل بيمار رهندي آئي ۽ ان دوران سندس ياداشت پڻ متاثر ٿي۔ ڪافي عرصي کان شديد عليل رهڻ کانپوء هن اڄ دبئي ۾ وفات ڪئي آهي۔ سندس مڙهه لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدابخش واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو۔

وزير اعظم سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪندي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي۔
 
جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني ۽ شهيدن جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو جو وڇوڙو

انا لله و انا اليهه راجعون
 
جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني ۽ شهيدن جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو جو وڇوڙو

انا لله و انا اليهه راجعون

ادا سائين اسان جي الله پاڪ جي در تي دعا آهي ته مرحومه کان هر معاملي ۾ نرمي برتين۔هنن کي قبر جي عذاب کان پنهنجي پناه ۾ رکن ۔هنن کي جنت الفردوس عطا فرمائين ۽ هنن جا جنت ۾ درجات بلند ڪن۔هنن جي پويئرن کي صبر جميل عطا فرمائين آمين۔
 
Back
Top