اصفهان ڇڏي سنڌ سان ناتو جوڙيندڙ بيگم ڀٽو! ذوالفقار قادري [JUSTIFY] 23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي شهر اصفهان ۾ جنم وٺندڙ نصرت اصفهاني جو پيءُ مرزا محمد عراقي شهر نجف اشرف ۾ ڄائو هو. مرزا محمد بنيادي طور هڪ واپاري هو، هو جڏهن هندستان گهمڻ سانگي آيو ته بمبئي کيس ڏاڍو وڻيو ۽ پوءِ بمبئي ۾ ئي ”بغداد سوپ“ جي نالي سان صابڻ جو ڪارخانو کوليائين. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ابتدائي تعليم بمبئي ۾ ورتي ۽ اتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين ۽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ ئي بنيادي فوجي تربيت به حاصل ڪئي. نصرت اصفهاني جا اهي ڏينهن يادگار هئا، جڏهن هوءَ پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئي ڀرسان تفريحي مقام کنڊالا ۽ لوڻا وارا گهمڻ ويندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي روايتي ڀٽو جاگيردارن مان سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي به بمبئي ۾ رهندي هئي. ٻارنهن سالن جي نصرت اصفهاني ۽ فخري کنڊالا جي هڪ پارڪ ۾ گهميا پئي ته ان تفريح گاهه ۾ کين منور الاسلام نالي ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ ذلفي ڀٽو سان گڏ ملي. منور اسلام کيس ٻڌايو ته هو سنڌ جي لاڙڪاڻي جا ڀٽوز آهن، پوءِ هي ٽئي ڇوڪريون نصرت، فخري ۽ منور پاڻ ۾ سهيليون بڻجي ويون. ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي مان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي هئي ۽ هن پنهنجي سهيلي نصرت کي وليمي جو سڏ ڏنو هو. نصرت جڏهن هڪ بينڪ جي لاڪر مان پنهنجا زيور کڻڻ وئي، تڏهن ذلفي ڀٽو پنهنجي ماءُ خورشيد سان بينڪ ۾ بيٺو هو، نصرت کيس ڪو نه سڃاتو، پر خورشيد کيس ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ ذلفي آهي، آمريڪا ۾ پڙهي ٿو. منور جي شادي کان پوءِ هو آمريڪا هليو ويو. هن جي داخلا جڏهن آڪسفورڊ ۾ ٿي، ان کان پوءِ بيگم نصرت ۽ ذلفيءَ ۾ رابطن جو سلسلو وڌندو ويو ۽ آخر باضابطه رشتو موڪليو ويو. جڏهن خبر پئي ته ذلفي اڳ به شادي شده آهي ته نصرت ڊڄي ويئي، پر ذلفي نصرت جو پيڇو نه ڇڏيو، آخر زلفي نصرت کي راضي ڪري ورتو ۽ 1951ع ۾ ٻئي ڄڻا هميشه لاءِ هڪ رشتي ۾ جڙي ويا. بيگم نصرت ڀٽو جڏهن پهريون دفعو موهن جي دڙي جي مٽي تي لاڙڪاڻي پهتي ته هن روايتي ڀٽوز جي رسمن ۽ ريتن جو خيال رکندي برقعو پاتو، پر ذوالفقار علي ڀٽو کيس اها لبرٽي ڏني ته جيڪڏهن هوءَ نه چاهي ته برقعو ڀلي نه پائي. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته ڀٽو سنڌ جا روايتي جاگيردار آهن، کيس سندس سس خورشيد بيگم جا ڪشالا به ياد هئا. خورشيد جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي هئي، پر سنڌ جي سر شاهنواز ڀٽو کيس پنهنجي راڻي بڻائي محلن ۾ رهايو. خورشيد ڏاڍا وس ڪيا هئا، پر ڀٽوز جي روايتي نوابن ڪڏهن دل سان قبول نه ڪيو. نصرت اصفهاني به ڌاري هئي، کيس پنهنجي سس جي ڪشالن جي خبر هئي، هن نه صرف ڀٽوز جي ريتن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪيو، پر سنڌ جي تهذيب ۾ پاڻ کي ضم ڪري ڇڏيو. نصرت ڀٽو روايتي ڀٽوز سان پنهنجائپ وارا رستا رکيا، پر کيس به پنهنجي سس جيان روايتي ڀٽو جاگيردارن قبول نه ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته هو ذلفي ڀٽو جي ٻي گهرواري آهي، هن ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهر واري شيرين امير بيگم ڀٽو جو هميشه وڏي ڀيڻ جيان احترام ڪيو. هوءَ پنهنجي مڙس جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي. بينظير، مرتضيٰ، شاهنواز ۽ صنم جهڙن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ نصرت ڀٽو کي ساڙ کائيندڙ ماڻهو چوندا هئا ته ذلفي ڀٽو جو ته ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي جي ڀيڻ فرح ۽ بنگالي حسينه حسنه شيخ سان واسطا آهن. پر نصرت هميشه کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي وڪالت کان ويندي اسڪندر مرزا جي وقت اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿيڻ ۾ به نصرت جو وڏو هٿ رهيو. اسڪند مرزا جي زال ناهيد ايرانڻ هئي، نواب احمد خان ڀٽو جي دعوت ۾ اسڪندر مرزا نوجوان ذلفي کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ڀٽي جي نفاست ۽ انگريزي ناهيد کي موهي وڌو. آخر ڀٽو اسڪندر مرزا ڪابينا ۾ وزير بڻجي ويو. اڳتي هلي ايوبي دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو احتجاجي تحريڪ هلائي نظربند ٿيو ته بيگم نصرت ڀٽو نه صرف ٻارڙن کي سنڀاليو، پر ڀٽو صاحب جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي رهي. ڀٽو جڏهن ملڪ جو سربراهه بڻيو ته خاتون اول هئڻ باوجود بيگم نصرت ڀٽو مسڪينن جي ڀر جهلي ٿي بيٺي رهي. 1977ع ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشل لا وارن ڏهاڙن ۾ بيگم نصرت ڀٽو نه صرف مارشل لا کي للڪاريو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي به سنڀاليو. نوجوان ڌيءَ بينظير ڀٽو سان گڏ قذافي اسٽيڊيم ۾ ضياءَ مارشل لا جا ڏنڊا کائيندڙ بيگم نصرت ڀٽو رت ۾ لهو لهان هئڻ باوجود حوصلو نه هاريو. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پر بيگم نصرت ڀٽو قوم جي ماءُ جا فرض نڀائيندي رهي. بيگم نصرت ڀٽو مڙس جي شهادت بعد نوجوان پٽ شاهنواز ڀٽو جو صدمو سٺو، پر حوصلو نه هاريو. هن پنهنجي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي اليڪشن ورڪ ۾ جهر جهنگ وڃي آخر کيس کٽرايو ۽ جلاوطن مير مرتضيٰ ڀٽو واپس وطن وريو. بيگم نصرت ڀٽو ڏاڍي خوش هئي ته اوچتو 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ڪيو ويو. کيس مير مرتضيٰ ڀٽو جي صدمي جهوري وڌو، محترمه بينظير ڀٽو کيس دبئي واري گهر ۾ وڃي رهايو، پر بيگم نصرت ڀٽو جنهن علالت جو شڪار ٿي ان مان نه نڪري سگهي. چوڻ وارا چون ٿا ته کيس آخر تائين محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي به خبر نه هئي. بيگم نصرت ڀٽو جا اهي ڏينهن آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان، جڏهن هو هر سال منهنجي گهر قمبر ۾ مجلس ۾ شرڪت لاءِ منهنجي امڙ جي سڏ تي منهنجي گهر اچي هيٺ پٽ تي ويهي رهندي هئي. 82 ورهين ۾ هي فاني دنيا ڇڏي ويندڙ نصرت اصفهاني اڄ اسان درميان ناهي رهي، پر سنڌ جا ماڻهو کيس سدائين ياد رکندا.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش 24 آڪٽوبر 2011
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم ڀٽو: جمهوري جدوجهد جي علامت! ڊاڪٽر ايوب شيخ [JUSTIFY] اڄ پاڪستان جي معتبر مجاهده، آمريت جي زبردست ويري ۽ ملڪ ۾ عورتن جو مان مٿانهون ڪندڙ هڪ اڳواڻ ايران جي شهر اصفهان جي ڄائي محترمه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ تدفين ٿي رهي آهي. اسي ورهين جي بيگم صاحبه 20 سيپٽمبر 1996ع کان پنهنجي وڏي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو جي سمجهه ۾ نه ايندڙ قتل کانپوءِ هر قسم جي ياد کان پري ٿيندي وئي. دبئي ۾ گذريل ڏهه ورهيه زمان ۽ مڪان جي هر قسم جي ڏک، غم ۽ صدمي کان پري رهندڙ بيگم ڀٽو اڄ پاڪستان جي عوام کان هميشه لاءِ ڏور هلي وئي آهي. ايران جي اصفهان شهر ۾ بيگم نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ڄائي ۽ 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ دنيا مان راهي ٿي. ان 23 کان 23 تائين جا اسي ورهيه هن زندگي ۾ جيڪي لاها چاڙها ڏٺا، جيڪا زبردست زندگي گذاري، جنهن سُک ۽ آرام سان ملڪ جي عوام آڏو رهي، تنهن جي زندگي ۾ اوچتو ڦيرو 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي خوني مارشل لا سان آيو، جنهن ٻن ورهين ۾ سندس دلير مڙس ۽ پهرين چونڊيل وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيو ويو هيو. جنرل ضيا ڀٽو خاندان جي ان پهرين قتل تي خوش ڪو نه ٿيو ۽ 1984ع ۾ هن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي زمين کي ڀٽي صاحب جو ننڍو فرزند مير شاهنواز ڀٽو موڪليو هيو. ڄڻ ته مارشلائي ناخدائن جي هٿان سڄو ڀٽو خاندان قتل ٿيڻ جو رواج پئجي ويو هيو. بيگم نصرت ڀٽو جنهن شهر ۾ ڄائي، نپني ۽ وڏي ٿي هئي، تنهن شهر اصفهان به پنهنجي تاريخ ۾ ڄمڻ، نپجڻ ۽ مري وري وري جيئرو ٿيڻ جا ڪيئي داستان لکيا آهن، تنهن شهر جي ريت ۽ روايت کان بيگم نصرت ڀٽو به آجي ڪانه هئي. چون ٿا ته جڏهن 1387ع ۾ منگول ۽ مغل نسل جي بادشاهه ”تيمور لنگ“ اصفهان کي فتح ڪرڻ کانپوءِ هن شهر ۾ انساني قتلام ڪرايو هيو. ٻن ڏينهن ۾ 70،000 ستر هزار انسانن جا لاش سسيءَ کان ڌار ڪري 2800 مينار تيار ڪرائي هر مينار ۾ 1500 انساني کوپڙيون ٽنگي وڏو جشن ڪيو هيو. اها سزا تيمور لنگ اصفهان جي شهرين جي مزاحمت جي سزا طور کين ڏني هئي ۽ اصفهان جي قتلام تي سموري دنيا کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو شهر وري آهستي آهستي آباد ٿيڻ شروع ٿيو. وري ان ۾ زندگي موٽي آئي هئي. (حوالو: ^ Fisher, W.B.; Jackson, P.; Lockhart, L.; Boyle, J.A.: The Cambridge History of Iran, p. 55. هن 1977ع ۾ پاڪستان پيپلزپارِٽي جي باني چيئرمين جي نظربندي دوران پارٽي جي اڳواڻي ڪئي. 1981ع ۾ جمهوري ڪيمپ کي منظم ڪرڻ لاءِ ”ايم آر ڊي“ جو بنياد وڌو. جناب ڀٽي جي قتل کانپوءِ جڏهن ” آهي ڪو، جيڪو سڏ ڏئي؟“ جي پڪار ٿي ته اها بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هئي، جنهن مارشلائي ظلم خلاف فوجي بربريت کي للڪاريو، جمهوري ڪيمپ کي گڏ ڪيو. کيس جمهوريت واسطي جنرل ضيا سان جيڪي به ٻه هٿ ڪرڻا هئا، ان لاءِ هن سموريون توانايون گڏ ڪيون. هن کي پنهنجي ماڊرن لباس بدران عوامي لباس پائڻ سان گڏ ڪڏهن برقعو پائي فوجي انتظاميا کي چڪر ڏيڻو پيو ته اهو به ڪري ڏيکاريو، ڪڏهن ريل ۾ عام مسافرن سان گڏجي سفر ڪري لاهور پهچڻو پيو ته ان ۾ به هن ڪاميابي سان سفر ڪري ڏيکاريو. هن قذافي اسٽيڊيم ۾ فوجي انتظاميا جي سخت چيڪنگ جي باوجود اتي وڃي هزارين ماڻهن سان گڏ رهڻ جو وچن ڪيو هيو. جڏهن ان ئي اسٽيڊيم ۾ سندس مٿان وار ڪيو ويو، کيس رتو رت ڪيو ويو، پوءِ به هن آڻ نه مڃي. اها بيگم نصرت ڀٽو هئي، جنهن جي سرفروشي جي ڪري پيپلزپارٽي سمورين لهرن ۽ لوڏن کان بچي رهي. جيتوڻيڪ هن جي 1986ع کان 1993ع جا ورهيه سياسي اسٽيج تي سرگرمي نه هئڻ جي برابر هئي، پر هن جو عوام سان واسطو ۽ رشتو ڪڏهن به ختم نه ٿيو هيو. آگسٽ 1993ع ۾ هو منهنجي والد صاحب جي مرتئي تي منهنجي مرحومه والده سان قمبر ۾ اسان جي گهر مهرباني ڪري ڏک ونڊڻ آئي هئي. امان عدت ۾ هئي ته اسان جي مائٽن سندس تصوير ڪڍائڻ کي سٺي ڳالهه نه سمجهيو هيو. اڄ بيگم صاحبه سان ان تصوير جي کوٽ پڻ اسان جي گهر ڀاتين جي ياد جو حصو آهي. 1993ع ۾ هن پاران پنهنجي وڏي پُٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي وطن آڻڻ لاءِ ڪيل سرگرمي جو هڪ وڏو داستان آهي. سادگي ۽ وطن دوستي سان لبريز بيگم صاحبه کي اها خبر نه هئي ته ضيائي باقيات جي ميڊيائي مهندارن سميت مختلف ڀٽو مخالف سياسي اڳواڻ پيپلزپارٽي کان پلئه وٺڻ لاءِ اڃا تائين ترسيل آهن. 1993ع جي پهرين مهينن کان وٺي مير مرتضيٰ ڀٽو جي اها ڪيسٽ قومي اسيمبلي ۾ هلائي وئي، جنهن ۾ هن آمريت خلاف ڳالهايو هيو. اها ڪيسٽ انٽرويو ڪندڙ صحافين انهن سياسي اڳواڻن کي ڏني هُئي. ان آواز هڪ ڀيرو ٻيهر مير مرتضيٰ ڀٽو خلاف اُٻرندڙ سازشن کي سرگرم ڪيو هيو. پ پ پ جي ڪمان ان دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي هٿ ۾ هُئي، تنهن کي ان سازش جي نتيجن جو احساس هيو. تنهن وس ڪري ڪوشش ڪئي ته جيڪي به صحافي سندس لاءِ سٺو رويو رکن ٿا، تن کي هو دمشق ۾ موجود مير مرتضيٰ ڀٽو ڏانهن موڪلي کيس ملڪ اچڻ کان منع ڪري. محترمه جون اهي ڪوششون ثاب نه پيون. مير صاحب ملڪ آيو ته سرگرمي سان اڳتي وڌنڌو آيو. سندس سمورين سياسي ۽ نيم سياسي توڙي ذاتي سرگرمين ۾ خطرا وڌايڪ موجود هئا. 1993ع ۾ چونڊن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري تڪ تي بيگم صاحبه گهر گهر وڃي پنهنجي پٽ لاءِ ووٽ گهُريا. مير مرتضيٰ ڀٽو پ پ پ جي حاجي منور علي عباسي کي هارايو. اڄ جڏهن مير به ڪونهي، محترمه به ڪونهي ته تاريخ جي انهن ورقن ۾ موجود جيڪي به خاموشيون آهن، جيڪي به بي عقليون آهن يا ”ڪري سگهڻ“ جي جيڪي به ڪم ”نه ٿي سگهيا“ واري خاني ۾ پيل آهن، سي ان ڳالهه جي گواهي پيا ڏين ته ”جي هيئن ڪجي ها ته...“ يا ”ڪاش ! مير صاحب رڳو هڪ سيٽ تي بيهي ها...“ وغيره. 1993ع ۾ پنهنجي وڏي پُٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي چونڊن ۾ کٽائي هوءَ پاڻ غير سرگرم ايم اين اي طور موجود رهي. هن جو ڪل مقصد سندس پٽ کي هڪ سيٽ تان سوڀارو ڪرائڻ هيو. 1996ع ۾ سندس پٽ جي قتل سان هوءَ پاڻ جيئري ئي گوشئه نشين ٿي ويئي. سندس ياد سهارن جي آسري پلجڻ لڳي ۽ آهستي آهستي ڪراچي کان دبئي پهچي پاڻ کي بستري حوالي ڪري ڇڏيو. سندس زندگي ۾ ئي سندس سُهڻي ۽ دلير ڌيءَ بينظير ڀٽو قتل ٿي چُڪي هئي، پر يادن جي بي وفا هجڻ کيس ان اندوهناڪ ڏُک کان پري ڪري ڇڏيو هيو. بيگم نصرت ڀٽو جمهوري جدوجهد جوIcon هئي. هن جي جدوجهد سبب هو عورت اڳواڻن ۾ معتبر اڳواڻ طور ياد رکي ويندي. جڏهن به ملڪ ۾ ”آهي ڪو؟“ جو آواز اڀرندو ته اسان کي بيگم نصرت ڀٽو ياد ايندي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي امير منڌرو [JUSTIFY]هوءَ فارس جي راڻِي، جڏهن موهن جي دڙي جي راڻي جي پٽ راڻِي بڻي، تڏهن هن اهو ڪونه سمجهيو هو ته هي ناتو رڳو بي انت لڙڪن جي ڪهاڻي بڻجي ويندو. اصفهان جيتوڻيڪه دنيا جي لاءِ ”نصف جهان“ ئي ليکيو ٿو وڃي پر نصرت جو ڪل جهان اهو طلسماتي شخصيت جو مالڪ ذلفي ڀٽو ئي هو، جنهن کي جڏهن ڦاسيءَ جي جهولي تي ننڊ اچي وئي ته بيگم نصرت ڀٽو جون سڀ ڪائناتون پرزا پرزا ٿي ويون. 23 مارچ 1929 تي جنهن نصرت جنم ورتو هو، تنهن جي نصيب جي ڪنهن خاني ۾ اهو فيصلو ته ازل کان لکجي چڪو هو ته هو هن دکي ديس جي دردن واري دڪان تان پنهنجي حصي جو وکر ضرور وٺندي. ازل جي انگ 8 سيپٽمبر 1951 تي پنهنجو رنگ لاتو ۽ هن جي هٿن تي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي نهايت ئي ڏاهي ۽ موهيندڙ مرد جي نانءَ جي ميندي لڳي. ايوبي آمريت جي اذيتناڪ گهڙين ۾ جنهن ڪاميابيءَ سان ڀٽو صاحب پار پيو ۽ نصرت جي روح جو راڻو هر ماڻهوءَ جو محبوب اڳواڻ بنجي سامهون آيو ته ان جي پويان هن جي ذهانت سان گڏ سندس سلڇڻي زال جو هٿ هو. هوءَ رڳو وزير اعظم هائوس ۾ ويٺل ڪا خاتون اول عورت ته نه هئي پر جڏهن وقت ڦيرو کاڌو، جنرل ضياءَ جي مارشل لا قهر بڻجي قوم مٿان ڪڙڪي ته اها ساڳي نصرت ڀٽو ماڻهن سان گڏ گڏ هئي. هن نهايت بهادريءَ سان پنهنجي مٿي تي لٺيون جهليون پر هڪ وک به پوئتي نه هٽي. مون پرين سان نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو ۽ ها، هن پنهنجي ساٿ جو سڳو عمر جي آخري گهڙين تائين ذوالفقار علي ڀٽي ۽ هن جي وطن سان واڳيل رکيو. ڀٽو، جيڪو هن جو روح هو، سو تصور جي سوين روپن ۾ هر وقت، هر جلسي جلوس ۾ هن ساڻ گڏ هوندو هو. هوءَ پنهنجي ور سان تڏهن به تنهائي ۾ هنجون هاري هم ڪلام ٿي هوندي، جڏهن هن پنهنجي پياري پٽ شاهنواز جي موت جي خبر ٻڌي هوندي. هن تڏهن به پنهنجي ور کي سڪ منجهان ساريو هوندو، جڏهن سندن موڀي پٽ مرتضيٰ گولين جو کاڄ بڻيو هو. ڪالهه ته رڳو هن جي بيهوش جسم منجهان ساهن جو سلسلو بند ٿيو آهي، پر هوءَ ته ان کان پهرين به ڪيترا دفعا مري چڪي هئي. خبر ناهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي وقت هوءَ ڪهڙي حال ۾ هئي پر ڀٽي صاحب، شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادتن هن جي نازڪ روح مٿان اهڙا ته زوردار حملا ڪيا جو سندس وجود ڀور ڀور ٿي پيو. هن تنهن جي باوجود به وڏي همت ۽ جرئت سان حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻي سنڀاليائين. اڄ ايم آر ڊي تحريڪ کي پنهنجي رومانس جيان ياد ڪندڙ ورڪر نصرت ڀٽو جو جڏهن ذڪر ڪن ٿا ته انهن کي گهڻن ئي پيراشوٽي جيالن جا اڇا ڪارا پڌرا ٿيندي نظر اچن ٿا. هوءَ ان وقت زندان جي اوچين ديوارن پويان جدوجهد جي عمل ۾ هئي، جڏهن ”انڪلز“ هني مون تي ويل هئا. هوءَ لازوال محبت جو هڪ اهڙو داستان هئي، جنهن کي جڏهن به ساريو ويندو، جتي به ساري ويندو ته وفا جي هر ورق تي سندس نانءُ سنهري لفظن سان نظر ايندو. هن پنهنجي انگوري مئه جهڙي ديس جي مٽيءَ منجهان محبت جا جيڪي موتي ميڙيا، سي سڀ موهن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ جي نذر ڪري ڇڏيا. هاڻي جڏهن سندس وجود شهيدن جي قبرساتن ۾ لهندو ته دور ڀٽَ تان مرشد لطيف جو آفاقي آلاپ تنبوري جي تارن کي ڇيڙيندو اچي سماعتن کي ڇهندو … جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي ...........[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) هڪ ڏکويل ماءُ! منظور ميراڻي [JUSTIFY] هوءَ ان ئي اصفهان جي هئي، جنهن کي نصف جهان سڏيو ويندو آهي. يونيسڪو پاران ”ورلڊ هيريٽيج“ قرار ڏنل ان شهر جو 16 هين صديءَ ۾ ”نصف جهان“ وارو تعارف ڪو ايئن ته نه جڙيو هوندو، يقينن ان جي حسن جي ڪا جهلڪ هوندي....چوندا آهن ته حسين شهرن جي حسن جي جهلڪ ان جي ماڻهن ۾ به هوندي آهي، ۽ اها ئي جهلڪ ذلفي ڀٽي اصفهان جي ان ليڊيءَ ۾ ڏٺي هوندي، جيڪا پوءِ پاڪستان جي ”فرسٽ ليڊي“ بڻي. چون ٿا ته اصفهان جو حسن ان جي آرڪيٽيڪچر ۾ آهي....آرڪيٽيڪچر بنيادي طور تي ماڻهن جي اندر جي حسن ۽ انهن جي مهذب پڻي جو Reflection هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو قديم قومن جي تهذيب کي انهن جي آرڪيٽيڪچر جي آئيني ۾ ڏٺو ويندو آهي...اسان به ته موهن جي دڙي جي آرڪيٽيڪچر جي بنياد تي پنهنجي تهذيب يافته هجڻ جي گواهي ڏيون ٿا. اصفهان کي جيڪڏهن زنده موهن جو دڙو چئجي ته غلط نه ٿيندو، ۽ ان زنده موهن جي دڙي جي بيگم نصرت ڀٽو هاڻي طبعي طور تي زنده نه رهي آهي! اهو به عجيب اتفاق آهي، جو اصفهان جي هن خاتون جو مڙهه اڄ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهندو، جتان کان پوءِ هن جي ملاقات ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انهن سان ٿيندي، جن کان وڇڙئي هن کي ورهيه گذري ويا آهن...دنيا ۾ سياست ممڪن آهي ته هڪ عبادت هجي، پر اسان وٽ سياست جوا وانگر رهي آهي، ۽ ان سياست ۾ نصرت ڀٽو گهڻو ڪجهه هارائي وئي...پهرين سندس ذلفي، پوءِ شاهنواز ۽ آخري ڌڪ مير مرتضيٰ وارو هو، جنهن کان پوءِ هوءَ ڄڻ ته رڳو نالي ۾ زنده هئي، باقي محترمه بينظير جي شهادت جي خبر شايد کيس هاڻي ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن واري قبرستان ۾ پئي....پر روحانيت ۾ يقين رکندڙ سندس اهڙي بي خبريءَ کي مڃڻ لاءِ شايد ئي تيار ٿين، جو انهن جو يقين آهي ته ”ماءُ ڪهڙي به عالم ۾ هجي، جيڪڏهن اولاد کي تڪليف ايندي ته ان جو پيغام کيس ضرور پهچندو! پاڪستان ۾ مادرِ جمهوريت جو لقب فقط ان لاءِ آهي، جو ذلفيءَ جي شهادت کان پوءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد هلائڻ ايتري سولي نه هئي، جيتري سولي مشرف جي دور ۾ نواز شريف جو اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ هئي، جنهن ۾ ڪلثوم نواز ڪوشش ڪئي ته اها بيگم ڀٽو ٿي سگهي، پر نواز شريف شهيد ٿي ذوالفقار ڀٽو ٿيڻ لاءِ دل نه ٻڌي ۽ پوءِ سولي دور ۾ سولي جدوجهد تان هو دستبردار ٿي ڀلي پار هليا وياا....۽ بيگم ڀٽو ڏکئي دور ۾ ڏکئي جدوجهد ڪندي رڳو جيل ئي نه وئي، پر هڪ آمر جي ڪرايل حملن ۾ رتو رت به ٿيندي رهي. 73ع کان 77ع تائين هوءَ پاڪستان جي فرسٽ ليڊي رهي، جنهن کان پوءِ هن جي سموري زندگي جدوجهد ۾ رهي...پهرين جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ پوءِ جيئري رهڻ لاءِ جدوجهد...هوءَ جيئري ٿي وري مرندي رهي ۽ مري وري جيئندي رهي، ۽ نيٺ ڪالهه هوءَ انهيءَ سموري جدوجهد ۾ پنهنجي زندگي هارائي وئي. اها زندگي جيڪا ڄڻ هن کي ملي ئي ڏک ميڙڻ لاءِ هئي....ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ مجلسن ۾ شرڪت جو شغف رکندڙ هن خاتون پنهنجي گهر ۾ به ايتريون شهادتون ڏٺيون، جو پوءِ شايد مرڻ گهڙيءَ تائين هن جي اندر ۾ شهيدن جون مجلسون جاري رهيون...بيگم ڀٽو جو وڇوڙو بظاهر ڀلي کڻي هڪ سياستدان خاتون جو وڇوڙو آهي، پر اصل ۾ اهو هڪ ڏکايل ماءُ جو ڏکن کان وڇوڙو آهي، ۽ وصال آهي، انهن سان جن کان وڇڙئي هن کي ڏهاڪا گذري چڪا هئا۔[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو: هڪ دلير عورت کي الوداع اظهار سومرو [JUSTIFY]خاندان، عورت، دليري، خوشي ۽ ڏک اهي لفظ آهن جيڪي هن جي حياتي کي بيان ڪرڻ لاءِ لازمي آهن. پنهنجي مڙس جو اقتدار جي سٺن ڏينهن کان جيل جي تڪليف ڏيندڙ ڏينهن تائين ثابت قدمي سان ساٿ ڏيڻ، آمرن سان اٽڪندڙ اڪيلي ڌيءَ سان گڏ بيهڻ، پٽ کي جلاوطني ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊرائڻ واري هي عورت حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي خاندان جي سگهه هئي. پٺتي پيل سماج جتي عورت کي رڍ ۽ ٻڪري سان ڀيٽڻ واري سوچ موجود هجي اتي نه رڳو پاڻ سياست جي رستي تي نڪري پوڻ پر ٻين عورتن کي به پاڻ سان گڏ کڻڻ. ايوب هجي يا ضياءُ ٻنهي جي آمريتي دورن ۾ پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ روڊن تي احتجاج ڪرڻ کان وٺي قيد ۽ لاهور ۾ مٿي تي لٺيون کائڻ کان پوءِ به دليريءَ سان سڀ ڪجهه سهڻ، پنهنجي شخصي حسن سان گڏوگڏ رهڻي ڪهڻي ۽ حسناڪي ۾ زندگي گذارڻ، حَسين مڙس جي لاش کانپوءِ پهرين پيرس ۾ جوان پٽ جو لاش کڻڻ، پوءِ ڪراچي ۾ وڏي موڀي پٽ جو لاش ڏسڻ ۽ پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي دلير ڌيءُ جي جدائيءَ جو درد سهڻ ، وطن کان دور ٿيڻ جو ڏک، خاندان کان پري ٿيڻ جو ڏک، پنهنجي ماڻهن جي قيد ۽ اذيتن سهڻ جو ڏک به هن جي حياتي جو حصو رهيا. بيگم نصرت ڀٽو فارس جي سرزمين تي اصفهان ۾ هوءَ ڪرد ايراني نسل جي حريري اصفهاني ڪٽنب جي گهر ۾ پيدا ٿي، سندس ڪٽنب پنهنجي علائقي جو هڪ امير خاندان هيو، جيڪو پوءِ ڪاروباري مقصدن لاءِ ڪراچي منتقل ٿي ويو. اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀينرن جي دوست هئي ۽ انهن جي معرفت ئي سندن پهرين ملاقات ذوالفقار علي ڀٽو سان ان وقت ٿي هئي جڏهن هوءَ صرف يارنهن سالن جي هئي. اها ملاقات ڀارت جي تفريحي علائقي کنڊالا ۾ ٿي هئي، جڏهن ذلفي ڀٽو بمبئي ۾ پڙهي رهيو هيو. ان ملاقات ۾ منور الاسلام به موجود هئي جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ هئي. پوءِ هنن جي ڪراچي ۾ ٻي ملاقات ٿي جڏهن نصرت ڀٽو ويهن سالن جي هئي، اها ملاقات شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي ان وقت امير بيگم سان پهرين شادي ٿيل هئي. شادي کانپوءِ جڏهن ذلفي ڀٽو پڙهڻ لاءِ آڪسفورڊ ويو ته ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن هن کي پنهنجي مڙس کان ڌار هوٽل ۾ رهڻو پوندو هيو. جڏهن ته ذلفي ڀٽو هاسٽل ۾ رهندو هيو. نصرت ڀٽو ۾ سرگرم زندگي گذارڻ وارو رجحان شروع کان ئي موجود هيو جنهن ڪري هوءَ نيشنل گارڊ ۾ به سرگرم رهي، جنهن حيثيت ۾ هن ورهاڱي جي نتيجي ۾ آيل پناهگيرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. جواني ۾ هوءَ انتهائي ذهين ۽ حسين عورت سمجهي ويندي هئي، هن جي پرڪشش شخصيت جي اندر هڪ انتهائي پيار ۽ پاٻوهه واري عورت هئي جيڪا ڪٽنب ، پنهنجي ٻارن سان بي پناهه پيار ڪندي هئي، پنهنجي ڪارڪنن کي به گهر جي ڀاتين وانگر تصور ڪندي هئي. نصرت ڀٽو جو سنڌ جي هن سحرانگيز "ڀٽو خاندان" کي ماڻهن جي دلين تائين ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار هيو؟ ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪار محمد علي جي زال اداڪاره زيبا پنهنجي تاثرات ۾ چيو ته هوءَ ڪارڪنن ۾ ايتري ويجهي هئي جو جيڪر اليڪشن ۾ هن جو مقابلو شهيد ڀٽو سان ٿئي ها ته هوءَ کٽي وڃي ها. ذوالفقار علي ڀٽو جي مقبوليت وڌڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته هن پنهنجي پارٽي ۾ عورتن کي به عملي سياست ڪرڻ جو اتساهه ڏنو ۽ انهن عورتن کي اڳيان آڻڻ واري ڪا ٻي نه پر بيگم نصرت ڀٽو هئي، جنهن پاڻ به عملي سياست ڪئي. لاڙڪاڻي ۽ چترال مان چونڊجي آئي ته ساڳي وقت پارٽي اندر به عورتن لاءِ به اسپيس پيدا ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ اڄ به عورتن جي وڌ کان وڌ نمائندگي پيپلز پارٽي ۾ آهي. هن پٺتي پيل معاشري ۾ ڪند ذهن وارن ماڻهن کي عملي اظهار ذريعي سيکاريو ته عورت به هن معاشري جو اهم حصو آهي، جيڪا مرد وانگر هر ڪم ڪري سگهي ٿي. يقيني طور تي هن جي ان سوچ پٺيان خانداني پسمنظر سان گڏ ذلفي ڀٽو جي روشن خيال سوچ جو اثر به ڪم ڪري رهيو هيو. ايوبي آمريت جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جڏهن هن ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ وڌو هيو، تڏهن پيپلز پارٽي کي ٺاهڻ واري ڪم ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم هوءَ رهي هئي. ان دور ۾ چترال کان چانڊڪا تائين هن جو عوام سان ڀرپور رابطو رهيو هيو. هوءَ مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ عورت هئي. هن جي شخصيت جو هڪ ڪمال اهو به هيو ته هڪ اوپري معاشري کي هن پنهنجو ڪيو، شروع ۾ هن کي ٻولي جي حوالي سان به پريشانيون ٿيون پر وقت گذرڻ سان گڏ هن هتان جي ٻولي ۽ هتان جي ثقافت کي به سمجهي ورتو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم ۽ هوءَ خاتون اول بڻي تڏهن به هن پنهنجي سياسي ۽ سماجي ڪرادر کي جاري رکيو. ان دوران هن خاص طور تي عورتن جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ عملي طور ڪردار ادا ڪيو. پر هن جي شخصيت جو اصل امتحان ان وقت آيو جڏهن هن جي پياري مڙس ذلفي کي ڦاسي جي جهولي تي ننڊ اچي وئي. وقت جي آمر جون اکيون هنن ٻن ماءُ ڌيءُ ڏانهن تڪي رهيون هيون. ڪيترائي ساٿي سفر ۾ ساڻ هلڻ بدران ساٿ ڇڏي رهيا هئا، ڪي لڪي ويا، ڪي خاموش ٿي ويا، ڪن سمجهوتو ڪرڻ بهتر سمجهيو. اهڙي اوکي ماحول ۾ هن پارٽي جي قيادت سنڀالي، هن وٽ ذلفي جون يادون ته هيون ئي پر ان سان گڏ سندس سياسي تربيت به ته هڪ واهرو وانگر هن جي رهنمائي ڪري رهي هئي. جوان پٽن کي آمر جي چنبن کان محفوظ رکڻ لاءِ هن پاڻ پنهنجي نياڻي بي نظير سان گڏ آمر سان مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو. جيل، نظربنديون، لاهور ۾ لڳل آمريتي ذهنيت وارن پوليس وارن جون لٺيون، مڙس جي شهادت ۽ پٽن جي جدائي جي صدمن ۾ ورتل هن عورت پنهنجي شخصيت جو اهو پاسو ديس وارن کي ڏيکاريو جيڪو اڳ ڪنهن نه ڏٺو هيو، هو پهاڙ ٿي بيهي رهي، ڏاڍ ۽ ڏمر آڏو، وحشت ۽ جنونيت آڏو.....اهو هن جي زندگي جو مشڪل ترين وقت هيو، جڏهن مڙس جي جدائي جي چند سالن اندر هن جي سڀني مان ننڍي اولاد شاهنواز ڀٽو کي پيرس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو، آمريت جي خلاف خاموش نه ٿيڻ تي هن کي هي خوفناڪ پيغام ڏنو ويو پر هن ان کي پنهنجي ڪمزوري بدران اتساهه بڻايو. جوان پٽ جي لاش جو بار ڪنهن به ماءُ لاءِ جهوري ڇڏيندڙ هوندو آهي. جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي مشڪل مرحلن ۾ هن پنهنجي پياري پنڪي کي سکر جي شديد گرمي ۾ جيل جي سلاخن پٺيان سڙندي ڏٺو، هن کي پنهنجي مڙس جي ڪيل تلقين هميشه ياد رهي ته انهن جي آڏو ڪنڌ ناهي نوائڻو. هوءَ نه رڳو پنهنجي جوان ڌيءُ جي دليري ۾ ساڻس گڏ رهي پر سياست جي ميدان ۾ به هن کي پير ڌرڻ ۾ مدد ڪيائين. ائين آمر ضياءَ جي سوچ کي هڪ نئين ڀٽو جي صورت ۾ شڪست ملڻ شروع ٿي وئي. هوءَ اهو سمورو وقت پنهنجي ڌيءُ سان گڏ رهي هئي. جڏهن بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي ته ان وقت به هوءَ ساڻس گڏ بيٺي هئي. وري جڏهن بينظير کي اقتدار کان ڌار ڪيو ويو ته هوءَ مخالف ڌر ۾ به ساڻس گڏ رهي. هن جي حياتي مسلسل جدوجهد جو ڄڻ ته نمونو بڻجي وئي هئي. هن جي حياتي جو ڏکي ۾ ڏکيو وقت ذاتي طور تي شايد اهو هيو جڏهن جي موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو شام ۾ جلاوطني دوران اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. مير جي اليڪشن مهم ۾ سندس پارٽي جو اميدوار سامهون بيٺل هيو ۽ اها لاڙڪاڻي جي ماڻهن لاءِ ڏاڍي ڏکي صورتحال هئي، پوءِ سڀني ڏٺو ته هوءَ لاڙڪاڻي جي رستن تي نڪري پئي، هن شهر جي ماڻهن کي جهنجهوڙيندي ياد ڏياريو ته ڇا مير مرتضيٰ ، شهيد ڀٽو جو پٽ ناهي، جيڪر توهان کيس اليڪشن ۾ نه کٽرايو ته مان توهان کي معاف نه ڪنديس. پوءِ جڳ جهان ڏٺو ته ڪيئن مير مرتضيٰ ڀٽو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿي هڪ شينهن وانگر گجگوڙ ڪندو پنهنجي وطن موٽي آيو. ان زماني ۾ هوءَ پنهنجي پٽ جي پاسي ٿي بيٺي، هن کي حالتن جي آگاهي جو هنر حاصل هيو، ان ڪري جڏهن هن جي مڙس کي سندس ضرورت هئي ته هوءَ ان جي پاسي ٿي بيٺي، جڏهن هن جي ڌيءُ آمر جي خلاف اڪيلي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ بيٺي ته ان وقت هوءَ ساڻس گڏ هئي، هاڻي جڏهن سندس پٽ کي هن جي ضرورت هئي ته هوءَ ان جي پاسي هئي. پوءِ جڏهن مير کي ماريو ويو ته هوءَ جهري پئي. سڀني ڏٺو ته هوءَ ۽ بينظير هڪ ڀيرو وري زندگي جي اونداهي ۽ اذيتناڪ وقت مان گذري رهيون هيون. ماءُ ڌيءُ جو اهو ڏک ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي. چون ٿا ته مير جي وڇوڙي هن جي شخصيت جي تصوير کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هيو، هوءَ هڪ اهڙي ڏک ۾ وٺجي وئي هئي جنهن جو ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪونه ٿو ٿي سگهي. پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هوءَ دبئي ۾ پنهنجي ڌيءُ بينظير ڀٽو سان گڏ رهي هئي، اهو سمورو عرصو هوءَ يادگيري ۽ ويسر جي وچ واري پل تي هلندي رهي هئي. ماضيءَ جون اذيتون هن جي حال کي زخمي ڪري رهيون هيون. هڪ عورت جنهن پنهنجي حسين زندگي جو انجام اهڙو رت ۾ رڱيل ڏٺو هجي ان جو ڏک هڪ ماءُ کان سواءِ ٻيو ڪير به سمجهي نٿو سگهي. فاطمه ڀٽو پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڏک ۾ سڏڪا ڀريندي چيو ته ”سياست اسان کي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن، هن وقت ان اذيت جو ذڪر ڪرڻ گهرجي جيڪا هن عورت ڀوڳي آهي. ٽي ٻار ۽ مڙس سندس سامهون موت جي منهن ۾ هليا ويا.“ يقيني طور تي سياست جي سيني ۾ دل ڪونهي جنهن جو بي دلي جو ذڪر فاطمه انهن لفظن ۾ ڪيو آهي. نصرت ڀٽو جي باري ۾ سندس دلير ڌيءُ بينظير ڀٽو جو چوڻ هيو ته ”منهنجي امان جي ڪر دش ڪلچر منهنجي وزيراعظم بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.“ ڪرد ماڻهن جي اجتماعي ڏک کي جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪندڙ هيءَ دلير عورت نصرت ڀٽو هن سماج ۾ روايتن کي ٽوڙڻ، آمريت ۽ اونداهي خلاف وڙهڻ، ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جي همت سارڻ ، پنهنجي خاندان پنهنجي ٻارن جي رهنمائي ڪرڻ، پنهنجي معاشري جي قيادت ڪرڻ جو انمول مثال بڻجي هن ديس، هن خطي جي ماڻهن ۾ ڳڙهي خدابخش جي انهن چئن شهيدن سان گڏ هميشه لاءِ آرامي ٿي، پنج جو انگ پورو ڪري ويئي. نفرت ته زندگي ۾ هر ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿي پر جيڪو پيار هن ڪٽنب کي نصيب ٿيو آهي ان جو هن پوري خطي ۾ ڪو مثال نٿو ملي.[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) جدوجهد جو عظيم باب بند ٿي ويو ارشد شاهه [JUSTIFY]پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ بي مثال جدوجهد ۽ لازوال قرباني جي تاريخ رقم ڪندڙ بيگم نصرت ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويئي آهي. 23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي صوبي ڪردستان ۾ امير ترين اصفهاني خاندان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بيگم نصرت ڀٽو 82 سالن جي ڄمار ۾ 25 سالن جو ڊگهو عرصو بيهوشيءَ واري حالت ۾ رهڻ بعد ڪالهه دبئي ۾ پنهنجي نياڻي صنم ڀٽو جي گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بيگم نصرت، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو جي امڙ هئي. بيگم نصرت 8 نومبر 1951 ڌاري ذوالفقار علي ڀٽو جي وني بڻجي پاڪستان آئي. هن زندگي جا اهي شروعاتي سال ئي سڪون سان گذاريا. ايوب دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي وزير هئڻ سبب هوءَ سندس پرڀور ساٿ ڏيندي رهي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ايوب جي آمريت کان بغاوت ڪندي عوامي رابطا مهم تيز ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو ساڻس گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڀرپور ساٿ ڏيندي رهي. ايوب دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي نظربند ڪيو ويو ته پهريون ڀيرو بيگم صاحبه روڊن تي اچي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي مڙس جي جدوجهد کي اڳتي وڌايو. ان دوران هو ذوالفقار علي ڀٽو تي داخل ڪيل ڪيسن کي منهن ڏيندي عدالتن ۾ قانوني جنگ پڻ ڪندي رهي. ايوب دور جي خاتمي، ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ بعد جڏهن اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو حوالي ڪيو ويو ته بيگم صاحبه خاتون اول جي حيثيت ۾ هڪ سياسي ساٿي وانگي زيڊ اي ڀٽو سان گڏ ملڪي ۽ عوامي ڀلائي واري ڪم ۾ مصروف رهي. بيگم صاحبه سياسي ڪردار ادا ڪرڻ سميت هڪ بهترين ماءُ جو ڪردار به ڀرپور نموني ادا ڪندي رهي. جڏهن جنرل ضياءُ الحق ڀٽو حڪومت جي حڪومت ختم ڪري ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ ڀٽو کي نظربند ڪري ڇڏيو، ملڪ کي ملٽري اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو، پر بيگم نصرت ڀٽو روڊن تي نڪري آمر کي للڪاريو ۽ ڀرپور عوامي جدوجهد شروع ڪئي. ان جدوجهد ۾ بيگم صاحبه کي ڪيترائي ڀيرا نظربند ڪيو ويو. بيگم صاحبه جڏهن لاهور ۾ هڪ تاريخي جلوس ڪڍيو ته ان وقت آمر جي حڪم تي مٿن لٺيون وسايون ويون، ان جلوس ۾ بيگم صاحبه کي مٿي ۾ تمام گهڻا ڌڪ رسيا هئا، جنهن کيس ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو هو، پر مرد مجاهد مثل هن عورت جدوجهد جاري رکي عوام کي حوصلو ڏنو. بيگم صاحبه کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڀٽو جي شهادت ذريعي صدمو پهچايو ويو، هن وڏي دل سان صدمي کي برداشت ڪيو، ٻارن کي حوصلو ڏنو. 1979ع ۾ بيگم صاحبه چيئرپرسن پاڪستان پيپلز پارٽي جي حيثيت ۾ پيپلز پارٽي جي جدوجهد کي اڳيان وڌايو، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به پيپلز پارٽي بيگم نصرت ڀٽو جي قيادت ۾ حصو ورتو هو، بيگم صاحبه 1983ع ۾ پارٽي جي چيئرميني بينظير ڀٽو حوالي ڪئي. ان دوران بيگم صاحبه کي ٻيو صدمو پهچايو ويو، جڏهن ظالمن فرانس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ننڍي پٽ مير شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏيئي شهيد ڪيو هو. ان وقت بيگم صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو غم ۾ نڊهال ٿي پنهنجي شهزادي جو لاش کڻي پاڪستان پهتيون هيون. ان وقت به آمر کين هميشه لاءِ ٻاهر وڃي ويهي رهڻ جون ڌمڪيون ڏيندي جدوجهد جي صورت ۾ سڄي خاندان کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، پر بهادري جي مثال بڻيل ٻنهي عورتن آمر جي ڌمڪي کي رد ڪري ڇڏيو. خاص اجازت سبب ٻنهي کي واپس پرڏيهه اماڻيو ويو. جنهن بعد بيگم صاحبه مستقبل جي خطرن کي وساريندي پنهنجي نياڻي دختر مشرق محترمه بينظير ڀٽو کي مظلوم ۽ غريب طبقي کي ملڪ جي حڪمراني ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ۾ اڳيان ڪيو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻيون 1986ع ۾ جلاوطني ختم ڪري لاهور پهتيون ته ملڪ مان لکين ماڻهن جو عوامي سمنڊ اٿلي پيو ۽ آمر کي اقتدار وڃڻ جو ڊپ ٿي پيو. بيگم صاحبه محترمه بينظير ڀٽو سان جدوجهد ۾ هر وقت گڏ رهي، بيگم صاحبه اعليٰ ذهنيت ۽ سياسي تجربي کي استعمال ڪندي آمر جنرل کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ مجبورن هن چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، پر 1988ع ۾ جڏهن آمر جنرل هڪ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو ته پوءِ اسٽبلشمينٽ لاءِ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ اڻٽر ٿي پيو. اقتداري قوتن جي سازشن باوجود بيگم صاحبه پنهنجي نياڻي کي عالم اسلام جي پهرئين عورت وزيراعظم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. بيگم صاحبه ملڪ ۾ عوامي حڪومت کي مستحڪم بڻائڻ، قومي اتحاد جي قيام ۽ عوامي ڀلائي واري پروگرام کي وسيع تر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بيگم صاحبه 1988ع ۽ 1993ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊي ويئي ۽ پارليامينٽ ۾ عوامي ڀلائي واري حڪومت جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پر سازشي قوتون ڀٽو خاندان پويان لڳل رهيون، کين سازشن کي اڳيان وڌائڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن ڀٽو خاندان جو چشم چراغ مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ڏيهه پهتو هو، مير مرتضيٰ جڏهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چونڊجڻ لاءِ اليڪشن وڙهي تڏهن بيگم صاحبه ۽ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو ۾ ڪجهه سياسي اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ ان دوران بيگم صاحبه کي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو، جيڪو بعد ۾ واپس ورتو ويو هو. بيگم صاحبه ان بعد مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ رهي، پر آهستي آهستي محترمه سان ساڻس اختلاف ختم ٿي ويا هئا. سازشي ڌرين 20 سيپٽمبر 1996ع ڌاري ڪراچي جي روڊن تي ملڪ جي وزيراعظم جي ڀاءُ، ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرمين کي ڌاڙيلن وانگي اهلڪارن کان گوليون هڻائي شهادت ڪرائي ڇڏي. ان واقعي اڳ ۾ ئي ڪيترائي صدما دل ۾ برداشت ڪندڙ بيگم صاحبه کي جهوري وڌو هو، ان رات بيگم صاحبه ۽ محترمه هوش حواس وڃائي ويٺيون هيون، کين خبر هئي ته اهو ڪم انهن قوتن جو آهي، جيڪي ڀٽو خاندان کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪرڻ گهرن ٿيون. ان صدمي بيگم صاحبه کي ڪوما ۾ اماڻي ڇڏيو، بيگم صاحبه ان کان اڳ 1980ع ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ سندس علاج هلندڙ هو. بي مثال جدوجهد ۽ لازوال قرباني ڏيندڙ سياسي اڳواڻ ۽ هڪ ماءُ کي گهر ۾ ٽئين شهادت جي ذريعي اهڙو صدمو پهچايو ويو جو هوءَ ان صدمي جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ بستري ڀيڙي ٿي ويئي. سندس نياڻيءَ جي حڪومت به جلد ختم ڪئي وئي، جنهن بعد محترمه سياست سان گڏ بيگم صاحبه جي علاج ۽ سار سنڀال جي ذميواري ڀرپور نموني ادا ڪندي رهي ۽ بيگم صاحبه لاڳيتو انتهائي نگهداشت ۾ رهي. بيگم صاحبه کي پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن، عهديدار ۽ اڳواڻ پنهنجي ماءُ سمجهندو آهي ۽ کيس اوترو ئي عزت ۽ احترام ڏيندو آهي، جيترو پنهنجي امڙ کي ڏيندو آهي. بيگم صاحبه ڊگهو عرصو پرڏيهه ۾ بيهوشي واري حالت ۾ پيل هئي، ان دوران ئي سندس ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي شايد کيس خبر ئي نه ٻڌائي ويئي. پ پ ڪارڪن هميشه دعائن ۾ کيس ياد ڪندا هئا، اهي پراميد هوندا هئا ته نيٺ هڪ ڏينهن بيگم صاحبه کي صحتمند حالت ۾ پاڻ وٽ ڏسندا. پر قدرت جي ڪرڻي کي ڪير به ٽاري نٿو سگهي، بيگم صاحبه ڏيهه وري رهي آهي پر پنهنجي چاهيندڙ ڪارڪنن کي روئاڙيندي انهن شهيدن سان ملڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ دفن ٿيڻ وڃي رهي آهي، جن شهيدن عيش عشرت جي زندگي ترڪ ڪري پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جي ڀلائي، خوشحالي ۽ جمهوريت جي قيام لاءِ پنهنجيون انمول زندگيون قربان ڪري ڇڏيون آهن، ڀٽو خاندان کي هر ڏهاڪي ۾ لاش ملندو آيو آهي، سازشي قوتن ڀٽو خاندان کي ڦاهي، زهر ۽ گولين جو استعمال ڪري لاشن کڻڻ تي مجبور ڪيو آهي. بيگم صاحبه جو موت ضرور طبعي طور تي ٿيو آهي، پر موت جي پويان موجود سمورا ڪارڻ سياسي آهن، هن کي سياست جي ڪري دلي ۽ ذهني صدما برداشت ڪرڻا پيا، جن کيس طبعي طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. بهادر عورت صدمن ۾ ذهني طور تي مفلوج ٿي وڃڻ باوجود ساهه جي تند کي جاري رکندي آئي. بي مثال جدوجهد ۽ لازوال قرباني ذريعي ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪڻ بڻجندڙ بيگم نصرت ڀٽو، جنهن بهادر زال ۽ جرئتمند ماءُ هئڻ جو ثبوت ڏنو. اها 23 آڪٽوبر 2011ع ڌاري دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي، بيگم صاحبه جي وڇوڙي سان پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جدوجهد جو هڪ عظيم بابت بند ٿي ويو. [/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) اڄ کان 6 مهينه پهرين ڪنهن ڏاهي دوست چيو هو ته محترمه نصرت ڪافي عرصي کان فوت ٿي چڪي آهي سينيٽ يا اليڪشن کان ڪجھ وقت پهرين ان جي موت کي ظاهر ڪندا ۽ هاءِ گهوڙا ڪندا ته هي ڏسو ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جو سلسلو جاري آهي ۽ اليڪشن يا سينيٽ جون سيٽون کٽڻ جي ڪوشش ڪندا، ڏسجي ته زرداري جو وارو ڪڏهن ٿو اچي!!!!۔۔۔۔۔
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو جيڪا هڪ صابرين ۽ بهادر عورت اڳواڻ رهي آهي، سندس تدفين واري ڏينهن مان ڪنهن به قسم جي اڻ وڻندڙ بحث ۾ پوڻ بجاء دعا ڪندس ته رب پاڪ مرحومه کي جنت ۾ جاء ڏي ۽ ڪنهن به دوست کي ڪنهن اهڙي مرحلي مان نه گذاري۔
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) ادا سليمان بهترين ليکن جي ڪنڍي ونڊ ڪئي آهي۔ آرٽيڪل ته سڀ پنهنجي جا تي بهترين آهن پر اظهار سومرو جو آرٽيڪل پڙهڻ وٽان آهي۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔ ڪنهن سياڻي جي چوڻي آهي ته مَکِ عادت کان مجبور هوندي آهي هميشه گند ڪچري جي ڪڍ هوندي آهي۔ اسان کي فوتگي جي ڏينهن ۾ اڻ وڻندڙ گفتار کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔۔ دعا ۾ ياد
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو شهيدن جي باغ جي مالهڻ جي اين مغل ڏينهن ٻن ۾ ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن ۾ هڪ وڌيڪ شهيد جو اضافو ٿيندو. اها شخصيت ٻي نه پر بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هوندي. جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي راڄ راڻي ۽ شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي والده آهي. هن شهيدن جي انهيءَ باغ کي پاڻيءَ بدران پنهنجو رت ڏنو ۽ انهيءَ باغ ۾ شهيد بينظير ڀٽو، ميرمرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽي جي صورت ۾ جيڪي گل ٽڙيا، انهن به انهيءَ ڪاز ڪاڻ پنهنجو رت ڏئي ۽ جان ڏئي شهادت جو پيالو پيتو. شهيدن جو هي خاندان اڄوڪي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ لاثاني، بي مثال خاندان طور ياد ڪيو وڃي، هي خاندان ڪيڏو نه عجيب خاندان هو. هن خاندان جي پڳدار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن ڦاسي گهاٽ تي پاڪستان جي ممتاز سياستدان ميان ممتاز محمد خان دولتانا جو اهو نياپو پهتو ته مون جنرلن سان ڳالهايو آهي، هو ان ڳالهه تي راضي آهن ته جيڪڏهن هينئر ڀٽو ملڪ ڇڏي ٻئي ڪنهن ملڪ هليو وڃي ته اسين کيس ڪجهه به نه چونداسين. اهو نياپو بيگم نصرت ڀٽو ڪوٽ لکپت جيل جي قيدخاني جي پويان بيٺل سندس قابل فخر ور ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏيندي دولتانا جو اهو نياپو پڻ ڏنو ته جنرلن جي آڏو نه اچبو آهي جيڪي ائين ڪندا آهن انهن کي جنرل اڏائي ڇڏيندا آهن. قيدي ذوالفقار علي ڀٽي انهيءَ نياپي کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي چيائين ته ”دولتانا کي وڃي ٻڌاءِ ته آئون تاريخ هٿان تباهه ٿيڻ بدران جنرلن جي هٿان تباهه ٿيڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. هي جملو وري ورجائڻو پوي ٿو ته هن خاندان جو هر فرد ڪيڏو نه بهادر هو. ذوالفقار ڀٽي ڪال ڪوٺڙي ۾ لکيل ڪتاب ۾ جيڪو بعد ۾ ڪنهن طرح ٻاهر به آيو، پنهنجي پٽن کي مخاطب ٿيندي چيو ته My sons are not my sons, if they fail to suck the blood of those who kill me. ”منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ناهن، جيڪڏهن انهن منهنجي قاتلن جو رت نه چوسيو“. پٽ به عجيب پٽ هئا، ٻنهي آمر جنرلن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هڪ هڪ ٿي شهيد ٿي ويا. آئون اڃا تائين انهيءَ نتيجي تي نه پهتو آهيان ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عورت چئجي يا مرد، پنجاب جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته جڏهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪ بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچ ٿي رهي هئي ته بيگم نصرت ڀٽو قذافي اسٽيڊيم ۾ نمودار ٿي. بيگم نصرت ڀٽو تي نظر پوڻ شرط قذافي اسٽيديم جا سڀ تماشبين جذبات ۾ اچي جيئي ڀٽو جا نعرا هڻڻ لڳا. اهو ڏسي ته صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي وڃي، پنجاب جي پوليس نعرا هڻندڙ تماشبينن تي لٺيون هڻڻ بدران سنڌ ڄائي بيگم نصرت ڀٽو جي مٿي تي لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳا. اهو تماشو ڏسندڙ اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته بيگم صاحبه لٺيون لڳڻ ۽ مٿي مان رت ٺينڊيون ڪري وهندو ڏسندي به نه رڙيون ڪيون ۽ نه ڪا چيخ پڪار ڪئي ۽ سنڌ جي سليمان ۽ هالار جبلن وانگر اٽل کڙي رهي ۽ آخرڪار رتورت ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه مٿان ٿي ڪري پئي ۽ بيهوش ٿي وئي. مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن 71 ڪلفٽن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدت ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ بين الاقوامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري جيئن هوءَ 70 ڪلفٽن کان 71 ڪلفٽن طرف وڃي رهي هئي ته ڪجهه صحافين کيس رستي ۾ روڪيو. انهن ۾ آئون به شامل هئس. اسان مان هڪ صحافيءَ بيگم صاحبه کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”محترمه اوهان کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر اچي ٿو“؟ جواب ۾ محترمه چيو ته ”ڀٽو صاحب ته هاڻي نه رهيو“ ائين چئي بيگم صاحبه ان صحافيءَ کي چند سيڪنڊن لاءِ گهورڻ لڳي، جيڪي صحافي ذوالفقار علي ڀٽي کي ويجهڙائي سان ڪور ڪندا هئا، انهن کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تقرير دوران ڀٽي صاحب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي چمڪ نظر ايندي هئي، اها چمڪ اسان صحافين کي ان ڏينهن بيگم صاحبه جي اکين ۾ به نظر آئي. بيگم صاحبه پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”نوجوان صحافيو منهنجو توهان سان هڪ واعدو آهي، اها جنگ جاري رهندي، جنرلن خلاف اها جنگ ڀٽا نسل در نسل وڙهندا، اڄ انهيءَ جنگ جي آئون ڪمانڊر آهيان، جڏهن آئون نه هونديس ته ان جي ڪمانڊ بينظير سنڀاليندي، جيڪڏهن بينظير نه هوندي ته مير مرتضيٰ اڳيان ايندو، جيڪڏهن ميرمرتضيٰ نه رهيو ته جنگ جي قيادت شاهنواز ڪندو“. اڄ پاڻ ڏسون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بيگم نصرت جي اولاد پنهنجي والده جي انهن لفظن جو ڪهڙو نه مان رکيو آهي. هڪ ٻئي پويان شهيد ٿي پنهنجي ماءُ کان اڳ شهيدن جي قبرستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. مون کي بيگم نصرت ڀٽو جي بهادريءَ جو هڪ ٻيو به قصو ياد آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جيل ۾ هيو. هن تي ۽ بيگم نصرت ڀٽو تي هڪ فوجي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪيس جي سماعت هڪڙي ڏينهن ايم پي ايز هاسٽل ڪراچي ۾ ٿي هئي. سماعت 9 وڳي صبح جو ٿيڻي هئي. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم، پ پ جا ٻيا ڪجهه اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۽ اسين ڪجهه صحافي ان فوجي عدالت جي ڪمري ٻاهران گڏ ٿياسين. سماعت 9 وڳي صبح جو ٿيڻي هئي، فوجي عدالت جا دروازا سوا نائين تائين به نه کليا، پوءِ بيگم صاحبه دروازن کي ٿڏي سان ٺوڪر هنئي ۽ بيگم ڀٽو، مخدوم امين فهيم ۽ اسين سڀ جيئن اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين، ڏٺوسين ته آرمي جو برگيڊيئر ۽ ايڊيشنل سيشن جج، جن تي اها عدالت مشتمل هئي، ڪن ۾ ڳالهائي رهيا هئا. بيگم نصرت ڀٽو کي غصي ۾ اندر ايندو ڏسي ۽ پ پ ڪارڪنن جا زوردار جيئي ڀٽو جا نعرا ٻڌي برگيڊيئر بيگم صاحبه کي مخاطب ٿيندي چيو ”صبر صبر! هيءَ عدالت آهي“، اهو ٻڌي بيگم صاحبه اڃا به وڌيڪ غصي ۾ اچي وئي ۽ شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي برگيڊيئر کي چيائين توهان پنهنجي چونڊيل وزيراعظم، جيڪو منهنجو مڙس آهي، ان جو تختو اونڌو ڪري کيس جيل ۾ وڌو آهي منهنجي ٻچن کي ملڪ بدر ڪيو آهي ۽ پ پ جي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ اڃا به چئو ٿا ته اسين صبر ڪيون“ برگيڊيئر چيو ته ”محترمه پر هيءَ عدالت آهي“ اهو ٻڌي بيگم صاحبه اڃا وڌيڪ غصي ۾ اچي وئي. چيائين ته توهين هن کي عدالت چئو ٿا، جڏهن ته ان تي ٿڪڻ گهرجي“. پاڪستان جي مورخن خبر ناهي ڇو انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ڇا پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪردار کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ ايم آر ڊي جي خالق بيگم نصرت ڀٽو ۽ فقط بيگم نصرت ڀٽو هئي. جيئن ته ايم آر ڊي ٺاهڻ وقت بيگم صاحب کي 70 ڪلفٽن ۾ مولانا فضل الرحمان، نوابزاده نصرالله خان ۽ سردار عبدالقيوم سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون. جيڪي ڀٽي صاحب جي حڪومت خلاف بدنام زمانه پي اين اي تحريڪ جا اهم سرواڻ هئا. جنهن ڪري اها ڳالهه شروع ۾ خود شهيد بينظير برداشت نه پئي ڪري سگهي ته آيا انهن سان گڏ ويهڻ گهرجي يا نه. پر بيگم صاحبه بينظير صاحبه کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو. ان وقت بيگم صاحبه جي اها حڪمت عملي هئي ته ڀٽي صاحب جا اصل دشمن جنرل ۽ انهن جو سردار جنرل ضياءُالحق هو ۽ انهن کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ٻين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ تدبر ۽ دانشمنديءَ جي تقاضا هئي. اهڙي طرح بيگم نصرت ڀٽو جو اهو تدبر هو جنهن جي نتيجي ۾ ايم آر ڊي ٺهي ۽ ان جي جهنڊي هيٺ اهڙي تاريخي جمهوري تحريڪ هلي جنهن جي نتيجي ۾ جنرلن کي پوئتي هٽڻو پيو ۽ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي شڪل ۾ هڪ سولين حڪومت کي اڳيان آندو ويو. بعد ۾ غير سياسي ۽ عوام دشمن قوتن جي سازشن جي نتيجي ۾ ڀٽي خاندان جي شهسوار مير مرتضيٰ ڀٽي کي رات جي اونداهي ۾ شهيد ڪيو ويو. بيگم صاحبه پنهنجي موڀي پٽ جي شهادت جو ڌڪ نه پچائي سگهي ۽ هوش حواس وڃائي ويٺي ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين هڪ زندهه لاش وانگر هئي. نيٺ اڄ ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي انهيءَ باغ جي مالهڻ پنهنجي انهيءَ باغ جو گل بڻي آهي. پر شهيد ڀٽن جي انهيءَ خاندان ۽ بيگم نصرت ڀٽو، سندس ور ٽئين دنيا جي عظيم مدبر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس بهادر نياڻي شهيد بينظير، بهادر پٽ مير مرتضيٰ ۽ شهيد شاهنواز ڀٽي آمريت جي خلاف هلايل جدوجهد دوران پنهنجي رت سان تاريخ جو هڪ باب لکيو آهي، جنهن تي تاريخ به فخر ڪندي رهندي ته سنڌ به فخر ڪندي رهندي. ڳڙهي خدا بخش کي تاريخ ۾ شايد هڪ ٻئي مهين دڙي طور ياد ڪيو ويندو. جيئن اڄ 5 هزار سالن کان پوءِ موهن جو دڙو سموري سنڌ پر دنيا جي انساني تاريخ ۾ ڪر کنيو بيٺو آهي تيئن شايد ايندڙ 5 هزار سالن کان پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو به سڄي دنيا ۾ جمهوريت لاءِ ٿيندڙ لازوال قربانين جي تاريخ ۾ ڪر کنيو بيٺو هوندو. هاڻي شايد سنڌ جي تهذيب جي علامت فقط موهن جو دڙو نه پر ڳڙهي خدا بخش به هجي!. عوامي آواز تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو شهيدن جي باغ جي مالهڻ جي اين مغل ڏينهن ٻن ۾ ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن ۾ هڪ وڌيڪ شهيد جو اضافو ٿيندو. اها شخصيت ٻي نه پر بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هوندي. جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي راڄ راڻي ۽ شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي والده آهي. هن شهيدن جي انهيءَ باغ کي پاڻيءَ بدران پنهنجو رت ڏنو ۽ انهيءَ باغ ۾ شهيد بينظير ڀٽو، ميرمرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽي جي صورت ۾ جيڪي گل ٽڙيا، انهن به انهيءَ ڪاز ڪاڻ پنهنجو رت ڏئي ۽ جان ڏئي شهادت جو پيالو پيتو. شهيدن جو هي خاندان اڄوڪي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ لاثاني، بي مثال خاندان طور ياد ڪيو وڃي، هي خاندان ڪيڏو نه عجيب خاندان هو. هن خاندان جي پڳدار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن ڦاسي گهاٽ تي پاڪستان جي ممتاز سياستدان ميان ممتاز محمد خان دولتانا جو اهو نياپو پهتو ته مون جنرلن سان ڳالهايو آهي، هو ان ڳالهه تي راضي آهن ته جيڪڏهن هينئر ڀٽو ملڪ ڇڏي ٻئي ڪنهن ملڪ هليو وڃي ته اسين کيس ڪجهه به نه چونداسين. اهو نياپو بيگم نصرت ڀٽو ڪوٽ لکپت جيل جي قيدخاني جي پويان بيٺل سندس قابل فخر ور ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏيندي دولتانا جو اهو نياپو پڻ ڏنو ته جنرلن جي آڏو نه اچبو آهي جيڪي ائين ڪندا آهن انهن کي جنرل اڏائي ڇڏيندا آهن. قيدي ذوالفقار علي ڀٽي انهيءَ نياپي کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي چيائين ته ”دولتانا کي وڃي ٻڌاءِ ته آئون تاريخ هٿان تباهه ٿيڻ بدران جنرلن جي هٿان تباهه ٿيڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. هي جملو وري ورجائڻو پوي ٿو ته هن خاندان جو هر فرد ڪيڏو نه بهادر هو. ذوالفقار ڀٽي ڪال ڪوٺڙي ۾ لکيل ڪتاب ۾ جيڪو بعد ۾ ڪنهن طرح ٻاهر به آيو، پنهنجي پٽن کي مخاطب ٿيندي چيو ته My sons are not my sons, if they fail to suck the blood of those who kill me. ”منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ناهن، جيڪڏهن انهن منهنجي قاتلن جو رت نه چوسيو“. پٽ به عجيب پٽ هئا، ٻنهي آمر جنرلن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هڪ هڪ ٿي شهيد ٿي ويا. آئون اڃا تائين انهيءَ نتيجي تي نه پهتو آهيان ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عورت چئجي يا مرد، پنجاب جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته جڏهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪ بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچ ٿي رهي هئي ته بيگم نصرت ڀٽو قذافي اسٽيڊيم ۾ نمودار ٿي. بيگم نصرت ڀٽو تي نظر پوڻ شرط قذافي اسٽيديم جا سڀ تماشبين جذبات ۾ اچي جيئي ڀٽو جا نعرا هڻڻ لڳا. اهو ڏسي ته صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي وڃي، پنجاب جي پوليس نعرا هڻندڙ تماشبينن تي لٺيون هڻڻ بدران سنڌ ڄائي بيگم نصرت ڀٽو جي مٿي تي لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳا. اهو تماشو ڏسندڙ اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته بيگم صاحبه لٺيون لڳڻ ۽ مٿي مان رت ٺينڊيون ڪري وهندو ڏسندي به نه رڙيون ڪيون ۽ نه ڪا چيخ پڪار ڪئي ۽ سنڌ جي سليمان ۽ هالار جبلن وانگر اٽل کڙي رهي ۽ آخرڪار رتورت ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه مٿان ٿي ڪري پئي ۽ بيهوش ٿي وئي. مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن 71 ڪلفٽن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدت ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ بين الاقوامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري جيئن هوءَ 70 ڪلفٽن کان 71 ڪلفٽن طرف وڃي رهي هئي ته ڪجهه صحافين کيس رستي ۾ روڪيو. انهن ۾ آئون به شامل هئس. اسان مان هڪ صحافيءَ بيگم صاحبه کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”محترمه اوهان کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر اچي ٿو“؟ جواب ۾ محترمه چيو ته ”ڀٽو صاحب ته هاڻي نه رهيو“ ائين چئي بيگم صاحبه ان صحافيءَ کي چند سيڪنڊن لاءِ گهورڻ لڳي، جيڪي صحافي ذوالفقار علي ڀٽي کي ويجهڙائي سان ڪور ڪندا هئا، انهن کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تقرير دوران ڀٽي صاحب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي چمڪ نظر ايندي هئي، اها چمڪ اسان صحافين کي ان ڏينهن بيگم صاحبه جي اکين ۾ به نظر آئي. بيگم صاحبه پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”نوجوان صحافيو منهنجو توهان سان هڪ واعدو آهي، اها جنگ جاري رهندي، جنرلن خلاف اها جنگ ڀٽا نسل در نسل وڙهندا، اڄ انهيءَ جنگ جي آئون ڪمانڊر آهيان، جڏهن آئون نه هونديس ته ان جي ڪمانڊ بينظير سنڀاليندي، جيڪڏهن بينظير نه هوندي ته مير مرتضيٰ اڳيان ايندو، جيڪڏهن ميرمرتضيٰ نه رهيو ته جنگ جي قيادت شاهنواز ڪندو“. اڄ پاڻ ڏسون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بيگم نصرت جي اولاد پنهنجي والده جي انهن لفظن جو ڪهڙو نه مان رکيو آهي. هڪ ٻئي پويان شهيد ٿي پنهنجي ماءُ کان اڳ شهيدن جي قبرستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. مون کي بيگم نصرت ڀٽو جي بهادريءَ جو هڪ ٻيو به قصو ياد آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جيل ۾ هيو. هن تي ۽ بيگم نصرت ڀٽو تي هڪ فوجي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪيس جي سماعت هڪڙي ڏينهن ايم پي ايز هاسٽل ڪراچي ۾ ٿي هئي. سماعت 9 وڳي صبح جو ٿيڻي هئي. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم، پ پ جا ٻيا ڪجهه اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۽ اسين ڪجهه صحافي ان فوجي عدالت جي ڪمري ٻاهران گڏ ٿياسين. سماعت 9 وڳي صبح جو ٿيڻي هئي، فوجي عدالت جا دروازا سوا نائين تائين به نه کليا، پوءِ بيگم صاحبه دروازن کي ٿڏي سان ٺوڪر هنئي ۽ بيگم ڀٽو، مخدوم امين فهيم ۽ اسين سڀ جيئن اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين، ڏٺوسين ته آرمي جو برگيڊيئر ۽ ايڊيشنل سيشن جج، جن تي اها عدالت مشتمل هئي، ڪن ۾ ڳالهائي رهيا هئا. بيگم نصرت ڀٽو کي غصي ۾ اندر ايندو ڏسي ۽ پ پ ڪارڪنن جا زوردار جيئي ڀٽو جا نعرا ٻڌي برگيڊيئر بيگم صاحبه کي مخاطب ٿيندي چيو ”صبر صبر! هيءَ عدالت آهي“، اهو ٻڌي بيگم صاحبه اڃا به وڌيڪ غصي ۾ اچي وئي ۽ شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي برگيڊيئر کي چيائين توهان پنهنجي چونڊيل وزيراعظم، جيڪو منهنجو مڙس آهي، ان جو تختو اونڌو ڪري کيس جيل ۾ وڌو آهي منهنجي ٻچن کي ملڪ بدر ڪيو آهي ۽ پ پ جي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ اڃا به چئو ٿا ته اسين صبر ڪيون“ برگيڊيئر چيو ته ”محترمه پر هيءَ عدالت آهي“ اهو ٻڌي بيگم صاحبه اڃا وڌيڪ غصي ۾ اچي وئي. چيائين ته توهين هن کي عدالت چئو ٿا، جڏهن ته ان تي ٿڪڻ گهرجي“. پاڪستان جي مورخن خبر ناهي ڇو انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ڇا پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪردار کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ ايم آر ڊي جي خالق بيگم نصرت ڀٽو ۽ فقط بيگم نصرت ڀٽو هئي. جيئن ته ايم آر ڊي ٺاهڻ وقت بيگم صاحب کي 70 ڪلفٽن ۾ مولانا فضل الرحمان، نوابزاده نصرالله خان ۽ سردار عبدالقيوم سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون. جيڪي ڀٽي صاحب جي حڪومت خلاف بدنام زمانه پي اين اي تحريڪ جا اهم سرواڻ هئا. جنهن ڪري اها ڳالهه شروع ۾ خود شهيد بينظير برداشت نه پئي ڪري سگهي ته آيا انهن سان گڏ ويهڻ گهرجي يا نه. پر بيگم صاحبه بينظير صاحبه کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو. ان وقت بيگم صاحبه جي اها حڪمت عملي هئي ته ڀٽي صاحب جا اصل دشمن جنرل ۽ انهن جو سردار جنرل ضياءُالحق هو ۽ انهن کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ٻين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ تدبر ۽ دانشمنديءَ جي تقاضا هئي. اهڙي طرح بيگم نصرت ڀٽو جو اهو تدبر هو جنهن جي نتيجي ۾ ايم آر ڊي ٺهي ۽ ان جي جهنڊي هيٺ اهڙي تاريخي جمهوري تحريڪ هلي جنهن جي نتيجي ۾ جنرلن کي پوئتي هٽڻو پيو ۽ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي شڪل ۾ هڪ سولين حڪومت کي اڳيان آندو ويو. بعد ۾ غير سياسي ۽ عوام دشمن قوتن جي سازشن جي نتيجي ۾ ڀٽي خاندان جي شهسوار مير مرتضيٰ ڀٽي کي رات جي اونداهي ۾ شهيد ڪيو ويو. بيگم صاحبه پنهنجي موڀي پٽ جي شهادت جو ڌڪ نه پچائي سگهي ۽ هوش حواس وڃائي ويٺي ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين هڪ زندهه لاش وانگر هئي. نيٺ اڄ ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي انهيءَ باغ جي مالهڻ پنهنجي انهيءَ باغ جو گل بڻي آهي. پر شهيد ڀٽن جي انهيءَ خاندان ۽ بيگم نصرت ڀٽو، سندس ور ٽئين دنيا جي عظيم مدبر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس بهادر نياڻي شهيد بينظير، بهادر پٽ مير مرتضيٰ ۽ شهيد شاهنواز ڀٽي آمريت جي خلاف هلايل جدوجهد دوران پنهنجي رت سان تاريخ جو هڪ باب لکيو آهي، جنهن تي تاريخ به فخر ڪندي رهندي ته سنڌ به فخر ڪندي رهندي. ڳڙهي خدا بخش کي تاريخ ۾ شايد هڪ ٻئي مهين دڙي طور ياد ڪيو ويندو. جيئن اڄ 5 هزار سالن کان پوءِ موهن جو دڙو سموري سنڌ پر دنيا جي انساني تاريخ ۾ ڪر کنيو بيٺو آهي تيئن شايد ايندڙ 5 هزار سالن کان پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو به سڄي دنيا ۾ جمهوريت لاءِ ٿيندڙ لازوال قربانين جي تاريخ ۾ ڪر کنيو بيٺو هوندو. هاڻي شايد سنڌ جي تهذيب جي علامت فقط موهن جو دڙو نه پر ڳڙهي خدا بخش به هجي!. عوامي آواز تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) هڪ عظيم بهادر عورت جو آخري سفر اعجاز منگي ايتري اذيت شايد ئي ڪنهن انسان جي مقدر ۾ آئي هجي، جيتري اذيت ان عورت جي مقدر ۾ آئي، جنهن ٽيويهه آڪٽوبر تي دبئي جي فضائن ۾ پنهنجي ان زندگيءَ جو آخري ساهه کنيو، جيڪا زندگي گهٽ ۽ قسطوار موت وڌيڪ هئي. اها عورت جنهن 23 مارچ 1929ع تي ايران جي مشهور شهر اصفحان جي امير گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ جنهن پاڪستان جي عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو سان زندگيءَ جي ڏور ٻڌي، تنهن کي ڪنهن به نجوميءَ نه ٻڌايو هو ته هو هڪ شخص سان نه پر هڪ اهڙي تاريخ سان پنهنجو جيون ڳنڍي رهي آهي، جنهن جي هر موڙ تي زخمن جا ڪيئي داستان موجود هوندا. اها زندگي جيڪا خوشيءَ ۽ مسرت سان شروع ٿي، تنهنجو پويون اڌ ايترو پيڙا وارو هوندو؟ اهو ته ڪنهن به نه ڄاتو هو! ذوالفقار علي ڀٽو جو اهو خاندان جيڪو هر حوالي سان آئيڊيل هو. جنهن ۾ هڪ بين القوامي شهرت وارو عظيم سياستدان ۽ پاڪستان جو مقبول ترين حڪمران پنهنجي سهڻي، سياڻي ۽ سورهيه گهرواريءَ سان زندگي گذاري رهيو هو. جنهن جا ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر مغرب جي وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا هئا. جن جي حياتين جو هڪ هڪ پل مسرتن جو آئينو هو، سو آئينو ضياءَ جي آمريت واري گوليءَ سان پاش پاش ٿي ويو ۽ پوءِ ان خاندان جو باقي سفر انهن ٽٽل ڪاون تي هلندي گذريو، جيڪو خاندان خوشين جو ميڙ هو. اهو انسان جنهن سان گڏ رهندي پاڪستان جي خاتون اول بيگم نصرت ڀٽو هر وقت پروٽوڪول سان هوندي هئي. جنهن کي هر هر سليوٽ ٿيندا هئا. ان خاندان کي جڏهن پنهنجي گهر جي قيدي سرواڻ سان ملڻ جي لاءِ وردين وارن جي بيرحم رويي کي برداشت ڪرڻو پوندو هو، تڏهن ان جي دل تي ڇا گذرندو هوندو؟ ان سوال جو جواب صرف ان بيگم نصرت ڀٽو ئي معلوم هو، جنهن کي پنهنجي مڙس جي گرفتاريءَ کان پوءِ اچانڪ هڪ اهڙي ميدان ۾ لهڻو پيو، جتي چومکي ويڙهه وڙهي پئي وئي. هوءَ هڪ طرف پنهنجي گهرواري جي زندگيءَ لاءِ ويڙهه ڪري رهي هئي ته ٻي طرف آمريت ۾ وکرندجندڙ پارٽيءَ کي سنڀالي رهي هئي. هوءَ هڪ طرف پنهنجي ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم لاءِ جاکوڙي رهي هئي ته ٻئي طرف هن ملڪ جي انهن ڪروڙن ماڻهن کي دلجاءِ ڏئي رهي هئي، جن جو آخري سياسي سهارو اهو ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن کي راولپنڊيءَ ۾ سوريءَ تي چاڙهيو ويو. اهو شخص جنهن هن ٽٽل ملڪ کي هڪ ڪشتيءَ وانگر جوڙي سلامتيءَ واري ساحل تي آندو، ان کي جڏهن ڦاسي تي ڏني وئي ته هن آخري پلن جي دوران پنهنجي آڱر ۾ شاديءَ جي منڊيءَ کي سنهڙي آڱر ۾ ڦيرندي ان عورت کي ياد ڪيو، جنهن کي هو پيار مان ”نصرتم“ ڪوٺيندو هو. پنهنجي مڙس جي ڦاسيءَ کان پوءِ ان عورت پنهنجي چادر کي جمهوريت جي ويڙهه جو پرچم بڻايو ۽ پوءِ هن جي سکن جو انت آيو ۽ ڏکن واري زندگي جي ابتدا ٿي. هن کي معلوم هو هن جي باقي زندگي صحرا جي سفر جهڙي آهي. پر هوءَ پنهنجي اٽل ارداي سان ان سفر جي تڪميل لاءِ وکون کڻندي رهي. هن کي هر قدم تي ڪنڊا لڳا. هن کي پاڪستان جي سياسي ڏونگرن ڏڍ ڏيڻ بدران ڏک ڏنا پر هڪڙي هوت جي لاءِ هوءَ سياست جي سسئي بڻجي هلندي رهي. هن کي پنهنجي شهيد ور سان اهو واعدو نڀائڻو هو، جيڪو هن جيل جي سيخن مان هن جو هٿ پڪڙي هن سان ڪيو هو. پوءِ هن جي پوري زندگي ان واعدي جي تڪميل جا مرحلا پوري ڪندي گذري. جيلن ۽ جلاوطنين ۾ هڪ مشعل وانگر اڳتي وڌندڙ نصرت ڀٽو جي زندگيءَ جي جوت جڏهن وسامي وئي آهي، تڏهن اسان کي ان حوالي سان سوچڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ايم آر ڊيءَ جهڙي تاريخي تحريڪ هلائيندڙ ان عورت جي حوالي سان اهي ئي لفظ لکي سگهجن ٿا ته اها هڪ زندگي گهٽ ۽ قسطوار موت وڌيڪ هئي. هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ موت هڪ وقت ايندو آهي پر ايران ۾ جنم وٺندڙ ۽ سنڌ کي پنهنجو ديس بڻائيندڙ ان عورت جي حصي ۾ موت قسطن ۾ آيو. هن پهريون ڀيرو موت جو ذائقو تڏهن چکيو، جڏهن هن جي کي اها خبر پئي ته هن جي ور کي وردين جي پهري ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو آهي. جڏهن هن کي معلوم ٿيو ته اهو ذلفي هاڻي هن دنيا ۾نه رهيو، جنهن سان جيون جو ناتو ٻڌي هوءَ باقي سمورا سڱ ٽوڙي آئي ته هن جي روح ۾ پهريون ٽڙڪاٽ پيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت بيگم نصرت جو پهريون موت هئي. پر هوءَ پوءِ به اهو سفر جاري رکيو، جنهن جو هن واعدو ڪيو هو. ڇو ته هن کي پنهنجي شهيد ور جو سپنو ساڀيان ڪرڻو هو. هن جي زندگيءَ ۾ موت جي ٻين قسط تڏهن آئي، جڏهن جلاوطنيءَ جي دوران هن جو ننڍو ۽ البيلو پٽ شاهنواز زهر جي ذريعي شهيد ڪيو ويو. اهو صدمو تمام وڏو هو. ان صدمي جي شدت کي محسوس ڪندي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز اهو نظم لکيو هو ته: ”زخمي تتر وانگر خبر، ڦڙ ڦڙ ڪري چپ ٿي وئي، فرزند تنهنجو فرانس ۾ ماريو ويو، ۽ پيءُ جان واريو ويو، تون ماءُ آن، سوچيان پيو، توکان پڇان، پر ڪيئن پڇان، پر ڪيئن پڇان؟“. جنهن خبر جي حوالي سان ڪنهن جي لاءِ پڇڻ به ڏکيو هجي، ان خبر جي گهاءَ کي پنهنجي دل ۾ سنڀالي جيئڻ جي قرباني ڏيڻ واري عورت نصرت ڀٽو هئي. اها نصرت ڀٽو جيڪا پاڻ به جلاوطن هئي ۽ جلاوطنيءَ ۾ بندوق سان ضياءَ جي آمريت سان ويڙهه ڪندڙ پٽن جي باري ۾ پريشان هئي، جي ڌيءَ زندگيءَ جا روايتي سک وٺڻ بدران سياست جا ڏک ڏسي رهي، ان عورت جي لاءِ موت جي ٽين قسط ان پٽ جي شهادت هئي، جنهن جي وطن واپسيءَ لاءِ هن تحريڪ هلائي. جنهن جي لاءِ هو پوٽي ۽ پوٽيءَ کي ساڻ کڻي سموري سنڌ ۾ تقريرون ڪندي وتندي هئي ته ”سنڌ واسيو! مرتضيٰ کي ووٽ ڪريو ته جيئن هو واپس وري سگهي. هو بلڪل پنهنجي پيءُ جهڙو آهي. هن جو هلڻ. هن جو کلڻ. هن جو ڳالهائڻ ۽ گهمڻ! جو شهيد ڀٽو جو عڪس آهي“ جڏهن اهو عڪس پنهنجي گهر جي آڏو گولين سان گهائي ماريو ويو ته پوءِ هن جي همت ۽ هوش جو انت اچي ويو. اسان کي معلوم ناهي ته هن کي پنهنجي سهڻي ۽ سياڻي ڌيءَ بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر آخر تائين ملي سگهي يا نه!؟ جيڪڏهن کيس اهو معلوم ٿيو هو ته هاڻي هن جي ڌيءَ به هن دنيا ۾ نه رهي آهي ته اها خبر هن جي قسطوار موت جو چوٿون مرحلو هوندي. پر حالتن ۽ واقعن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن کي پنهنجي ڌيءَ جي شهادت جي خبر نه ملي هوندي. ڇو ته اها خبر ملڻ کان پوءِ اهي مشينيون به هن کي زنده رکي نه سگهن ها، جن جي سهاري تي هو ڪجهه سالن کان وٺي نهايت تڪليف سان ساهه کڻي رهي هئي. عظيم ۽ پيار ڪرڻ واري ور جي المناڪ انجام کان پوءِ ٻن پٽن جي لاشن کي ڏسڻ واري ان عورت جي زندگي ڪيتري نه اذيتناڪ هئي!؟ پر هن جي جدوجهد کي ڏسندي محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ هڏ ۽ ماس مان نه پر رڪ مان جڙيل خاتون هئي. هوءَ جيڪا جسماني طور تي انتهائي نازڪ ۽ نفيس هئي. ان عورت جهڙي طرح پوليس جا تشدد برداشت ڪيا ۽ جهڙي طرح جنرل ضياءَ جي آمريت سان مستقل جهيڙو ڪيو، ان جي ان پهلوءَ کي ڏسندي ان جي لاءِ ”عظيم عورت“ جا لفظ ڪنهن به طور تي روايتي محسوس نه ٿا ٿين. ڇو ته هن جي پوري زندگي عظمت جو داستان هئي. هوءَ جيڪا پهرين مرحلي ۾ هڪ باوفا ۽ سلڇڻي زال هئي ۽ پوءِ هڪ عظيم ماءُ ٿي هلي. هوءَ صرف پنهنجن چئن ٻارن جي ماءُ نه هئي پر بعد ۾ پوري قوم جي ماءُ بڻجي وئي. ستر ڪلفٽن تي رهندڙ پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان جيالن کي هن جو ڪردار ميڪسم گورڪيءَ جي ماءُ جهڙو محسوس ٿيندو هو. هوءَ جيڪا انهن کي پوليس کان محفوظ به رکندي هئي ۽ انهن جي کاڌي پيتي کان وٺي سياري ۾ انهن جي لاءِ رلين ۽ سوڙن جو بندوبست به ڪندي هئي، ان عورت جي روپ ۾ انهن نوجوانن کي هڪ ماءُ نظر ايندي هئي. ان حوالي سان ان عورت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي نه معلوم پاڪستان جي ڪيترن ماڻهن کي اهي گهڙيون ۽ پل ياد آيا هوندا، جن ۾ انهن بيگم نصرت ڀٽو جو ماءُ وارو ڪردار اکين سان ڏٺو ۽ دل سان محسوس ڪيو هو. عام طور تي پوري ملڪ جا ماڻهو ۽ خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو هن کي پنهنجي عظيم امڙ سمجهندا هئا. ان ڪري اليڪشن جي دوارن هن جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار ووٽن جي طوفان ۾ سڪل پنن وانگر اڏامي ويندا هئا. هوءَ جنهن جي پوري قوم عزت ڪندي هئي، ان سان مرتضيٰ ڀٽو جي بهادر ڌيءَ فاطمه ڀٽو ايترو پيار ڪندي هئي جو هن پنهنجي تازي ڪتاب جو انتساب به هن جي نالي سان ڪيو. ڪالهه ذوالفقار علي ڀٽو جي ”نصرتم“ ۽ فاطمه ڀٽو جي ”جونم“ هن جڳ کي هميشه کي ڇڏي وئي. هن جو جيون ڏکن ۽ جدوجهد جو عظيم داستان هئي. ان داستان کي هن وقت تائين ڪنهن به ليکڪ قلمبند نه ڪيو آهي پر سورهيائيءَ جو اهو سفر قلمبند ٿيڻ گهرجي. ايندڙ نسل کي پتو پوڻ گهرجي ته پٽ پٽيهر جهڙا پير نه پهاڙن جا پنڌ ڪندا آهن ۽ ان سفر ۾ ثابت قدم رهندا آهن ۽ انهن جي آخري سفر تي پوري قوم ائين غمزده ٿي ويندي آهي، جيئن ماءُ جي لاڏاڻي تي ٻار درد جي درياهه ۾ لڙهندا ويندا آهن. عوامي آواز تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو: لازوال ڪردار، لازوال جدوجهد عبدالوهاب منشي دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم آمريتن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي، پر جيڪڏهن ڪو عورت ڪنهن هٿياربند آمر سان هٿين خالي مهاڏو اٽڪائي بقول شيخ اياز جي ”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ اها ڏات بيگم نصرت ڀٽو ئي هئي جنهن هٿين خالي عوام ۾ اهڙو روح ڦوڪيو جو اهي ضياءُ آمر جي اڳيان سيهي جي ديوار ٿي بيهي رهيا. جنرل ضياءُالحق جمهوريت جي شيدائين سان ڪهڙا ڪلور ڪيا، ضياءُالحق جي خلاف ڳالهائڻ ملڪ ٽوڙڻ جي برابر سمجهيو ويندو هو. آمريت خلاف مواد ڄڻ اسلام جي خلاف مواد تصور ڪيو ويندو هو. جنرل ضياءُالحق جيڪو پاڻ کي خليفو تصور ڪندو ۽ پنهنجي مخالفن کي اسلام ۽ پاڪستان جو مخالف سمجهندو هو جتي جمهوريت جي حق ۾ ڳالهائڻ عظيم گناهه سمجهيو ويندو هو. رستن، چوراهن تي ماڻهن کي ڦٽڪا هڻڻ وڏي فخر جي ڳالهه سمجهي ويندي هئي جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندڙن کي گوليون هڻڻ عام ڳالهه هئي. فوجي ڪورٽن ذريعي سزائون، ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هڻڻ رواجي ڳالهه هئي اهڙي دور ۾ اسلامي دنيا جي اها عظيم بهادر عورت بيگم نصرت ڀٽو ئي هئي جنهن جيل مان پيپلزپارٽيءَ کي هلايو پارٽيءَ کي جيئرو رکيو اهڙو دور جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جا ويجها ساٿي بانءِ ڪري ڀڄي ويا. وڏا وڏا نالا ضياءُالحق جو نالو ٻڌي ڪنبي ويندا هئا ۽ اڌ رات جو خوف مان دانهون ڪري ننڊ مان اٿي پوندا هئا اهڙي ڪاري دور ۾ جيڪڏهن حوصلو هو ته بيگم نصرت ڀٽو کي هو جنهن کي نه جيل جهڪائي سگهيو ۽ نه ضياءُالحق جا ظلم نه جلاوطن پٽن جو وڇوڙو ۽ نه سکر جهڙي ڪاڙهي ۾ بينظير ڀٽو جو قيد و بند هئڻ جنهن عورت جو عظيم ڏاهو مڙس ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو هجي جنهن جو هوءَ منهن به نه ڏسي سگهجي هجي ۽ نه ان کي هٿن سان مٽي ماءُ حوالي ڪري سگهي هجي ۽ نه ان جي وڇوڙي تي تڏو ڪري سگهندي هجي ۽ نه پنهنجي جيون ساٿيءَ جي وڇوڙي تي پنهنجي وڏي ڌيءَ بينظير جي ڪلهي تي مٿو رکي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو ڏک گهٽ ڪري سگهندي هجي. اهڙي عورت جي بهادري، دليري ۽ وڏيءَ دل تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو. هوءَ شاعر جي شعر جي هن سٽ جيان بڻجي ويئي هئي ته ”جي تون پهڻ پٻ جو ته لڱ منهنجا لوهه“ بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري ۽ دليري جنرل ضياءُالحق کي پريشان ڪري ڇڏيو ته آخر ايترن ظلمن سهڻ کان پوءِ به هن عورت جي منهن تي نه ڪا پريشاني ڏٺي ويئي ۽ نه سندس حوصلي ۾ ڪا کوٽ ڏٺي ويئي. جهڙيءَ طرح بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ڌيءُ بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو جي پرورش ڪئي ۽ انهن کي ٽانڊن تي هلڻ سيکاريو، ڏکن سان کيڏڻ سيکاريو، ظلمن سان منهن ڏيڻ سيکاريو، ڏاڍ جي اڳيان سينو تاڻي وڙهڻ سيکاريو ۽ ڏکن کي طاقت بنائي تحريڪ هلائڻ جو درس ڏيڻ واري ماءُ صرف بيگم نصرت ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿي. اها بيگم نصرت ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿي جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ سياسي يتيم ٿي ويل عوام کي پنهنجي سيني سان لاتو عوام کي حوصلو هاري ويهڻ بجاءِ نئون جوش جذبو ڏنو نئين جوت جلائڻ جو حوصلو ڏنو، حق ۽ سچ جي راهه تي اچڻ ۽ ڏاڍن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ ۽ وڙهڻ جو نئون دڳ ڏنو. جوانيءَ ۾ ڏهاڳڻ جا ڏينهن ڏسڻ واري بيگم نصرت ڀٽو ڪڏهن به ڏاڍ اڳيان هٿيار ڦٽي نه ڪيا، زندان ۽ ظلم اڳيان اف به نه ڪڇيو، آمر مٿس ظلم ڪري ٿڪجي پيو پر بيگم نصرت ڀٽو هميشه آمر اڳيان اڳي کان اڳري رهي. ضياءَ جي هر ظلم اڳيان سينو سپر ڪري بيهي رهندي هئي نه صرف پاڻ پر پنهنجي اولاد کي به آمرن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ حق، سچ تان نه هٽڻ جي ستي وڌي هئي، اهو ئي سبب هو جو بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو توڙي شاهنواز ڀٽو ماءُ جي ڏسيل راهه تي هلندي شهادتون ته ماڻيون، نه آمر آڏو جهڪيا ۽ نه ڪڏهن عوام ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ نه ڪڏهن سياست ۾ سودي بازي ڪئي بيگم نصرت ڀٽو ته پنهنجي اولاد کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ استاد بخاريءَ جي هنن سٽن جيان حوصلو ڏنو هو. نانگ نوڙي اٿئي ڏانگهه ڦيري ته ڏس، شينهن ٻڪري اٿئي ڪنڌ پڪڙي ته ڏس، باهه پاڻي اٿئي، پير ٻوڙي ته ڏس، او اٽل آدمي، دل شڪستو نه ٿيءُ. جنرل ضيا ڀٽو خاندان ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪرڻ جي لاءِ سندس زال کي خريد ڪيو ويو، سندس معصوم پوٽي سسئي هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي ماءُ پيءُ کان محروم ٿي ويئي ۽ جڏهن مير مرتضيٰ کي پنهنجي ئي گهر جي ڀرسان بغير ڪنهن ڏوهه جي شهيد ڪيو ويو ته هن دلير عورت جو اندر ٻه اڌ ٿي ويو ۽ هوءَ صرف شهيد پٽن جي اولاد کي فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر کي سنڀالڻ جي لاءِ ئي رهجي ويئي هئي. سنڌ جي ماڻهن هن بهادر عورت کي ان وقت جهرندي ڏٺو هو جڏهن هوءَ جهولي جهلي دادو ۽ لاڙڪاڻي جي عوام کان مير مرتضيٰ ڀٽو جي لاءِ ووٽ گهري رهي هئي هيءَ اها عورت هئي جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به تڪ تان ڪنهن به اميدوار کي بيهاريندي هئي ته اهو کٽي ويندو هو پر هن پٽ جي چونڊجڻ جي لاءِ جيڪي جهوليون ڦهلايون ۽ جنهن طرح مير مرتضيٰ چونڊجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهتو اهو هڪ الڳ بحث آهي جنهن تي ٻئي ڀيري ڪڏهن لکبو پر جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو تنهن ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هن جهڙيءَ طرح پيپلزپارٽيءَ کي سنڀالڻ لاءِ چيئرپرسن طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جڏهن پ پ جا سڀ سينيئر اڳواڻ سندس ساٿ ڇڏي ويا هئا ۽ پارٽي ٽڙيل پکڙيل هئي. انهيءَ ڏکئي دور ۾ هن جهڙيءَ طرح پارٽي کي سنڀاليو تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. بيگم نصرت ڀٽو کي ڪو آمر جهڪائي ته نه سگهيو پر پنهنجي ڌيءُ جي وزيراعظم هئڻ دوران موڀي پٽ جي بيدرديءَ سان قتل ٿيڻ هن کي صفا جهوري ڇڏيو ان ڏينهن کان هوءَ ملول، مايوس ۽ انتهائي ڏکويل رهندي هئي. نوجوان پٽ جي وڇوڙي جي روڳ هن کي ڪينسر جو مريض بڻائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ هن جي طبيعت ڪڏهن به سڌري نه سگهي ۽ ڏينهن به ڏينهن جهرندي ويئي هر ڏينهن مٿس ڏکن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيندو هو. نوجوان پٽن جي يادن سندس چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. نوجوان پٽن جو وڇوڙو سندس جيءُ جهوري ڇڏيندو هو. يتيم پوٽين ۽ پوٽي کي ڏسندي پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهندي هئي اڏول عورت ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويئي هئي ويتر جو سندس ڏاهي، ماءُ جي خدمت ڪندڙ ڌيءُ انتهاپسندن ۽ آمرن سان وڙهندي هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ شهادت ماڻي ته نصرت ڀٽو دنيا جي پهرين وزيراعظم دنيا جي مڃيل سياستدان ۽ دانشور ڌيءُ جو وڇوڙو سندس پيريءَ ۾ آخري سهارو به کسي ورتو. بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي ماءُ جا هٿ پير، اکيون ۽ دل بڻجي ويئي هئي جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کان اهي سڀ شيون کسيون وڃن ته هو باقي ڇا وڃي بچندو. هڪ طرف بيگم نصرت پاڪستان جي اها خوشنصيب ترين عورت هئي جنهن مهاڏ اهي ذوالفقار علي ڀٽو سان لانئون لڌيون ۽ هڪ عظيم هيري ۽ عظيم جاکوڙي، دنيا جي مڃيل اڳواڻ جي قربت ماڻي هجي ۽ ان جي اولاد ۾ بينظير ڀٽو، صنم ڀٽو، مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو جهڙا انمول هيرا هجن جن تي دنيا رشڪ ڪندي هجي جيڪڏهن اهي هيرا آهستي آهستي ٿي سندس جهولي خالي ڪري ويا ۽ اهي سڀ غير طبعي طور آمرن جي هٿان بي ڏوهي ماريا ويا ۽ انهن جي پٽن، ڌيءُ ۽ مڙس سان انصاف به نه ٿيو هجي جو هن مظلوم عورت جي دل ٿڌي ٿئي ۽ سندس ڪليجي تي ڇنڊو پوي ۽ هوءَ ڪجهه وڌيڪ ڏينهن جيئري رهي جمهوريت جي واڌاري، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهي ها، عوام جي خوشحالي ڏسي سگهي ها ملڪ کي ترقي ڪندو ڏسي سگهي ها. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي مڙس ذوالفقار علي ڀٽو، ڌيءُ بينظير ڀٽو، پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو جي قاتلن تائين پهچي نه سگهي ۽ نه انهن سان انصاف ٿيندي ڏسي سگهي پر هن دنيا مان ويندي ويندي بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي عوام کي اهو چئي ويئي آهي ته ان ڏينهن تائين کيس قبر ۾ سڪون ملي نه سگهندو جيستائين سندس مڙس، ڌي ۽ ٻن پٽن جا قاتل عوام پڌرو نه ڪندو ۽ انهن قاتلن کي عوام ڦاهي جي ڦندي تائين نه پهچائيندو ۽ ملڪ تي هميشه هميشه جي لاءِ جمهوريت جو راڄ آڻيندو ۽ ملڪ کي آمريت کان ڇوٽڪارو ڏياريندو. روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.... زلف پيرزادو ايران جي شهزادي جڏهن جوڀن کي رسي هئي ته ٻالڪ پڻ کي ياد ڪري نراس ٿي هئي پر جوڀن جي جوش کيس خوشيون آڇي مايوسيءَ جي آڙاهه مان ڪڍيو هو، اُن سمي ڪن عقابي اکين نصرت بيگم جو پيڇو ڪيو هو پر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي“ سو پاڪستان جي سياست ۾ ڀؤنچال برپا ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جا نصرت بيگم سان پيار جا پيچ اڙجي ويا ۽ جيئنءَ ڪونجون ولر ڪري سرد هوائن ۾ سنڌ جو رخ ڪنديون آهن اهڙي طرح نصرت بيگم به پاڪستان جي جمهوريت پسند سياست دان ذوالفقار علي ڀٽو سان سڄي زندگي نينهن ناتو نڀائڻ جو وچن ڪري شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي اچي سنڌ پهتي. ”ماري مرين شال، ڍٻ وڃنين ڍٻيون، جوتو اچي ڪالهه، وڌو وچ ورهين ۾“ اهڙي طرح ايران کان آيل ڪونج نصرت بيگم مان بيگم ڀٽو بڻجي وئي ۽ پاڪستان جا آڙي ڪاپ شڪاري به تحرڪ ۾ اچي ويا، پوءِ هن ايراني ڪونج سان اهو ڪجهه ٿيو جيڪو ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم تي ٿيو هو، بيگم ڀٽو کي واپس ايران وڃي سُکي ستابي خوشين ڀري زندگي گذارڻ جي آڇ به ٿي پر شايد هن جي خمير ۽ ضمير ۾ بي وفائيءَ جو تصور به نه هو، ان ڪري اهڙيون آڇون بيگم ڀٽو لاءِ بي معنيٰ هيون، هي ته ڀٽائيءَ جي ان بيت جي جيئري جاڳندي تصوير هئي ته: ”جان جان هئي جيئري، تان ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين“ کانئس پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو وَرَ کسي ورتو ۽ سمجهيو ته ان کان پوءِ هي ايراني عورت مايوس ٿي ٻچن سميت ملڪ ڇڏي وطن واپس هلي ويندي. اهڙي طرح ارڏي جمهوري سياسي خاندان مان ملڪ جي هميشه لاءِ جان ڇُٽي ويندي پر جمهوريت دشمنن ۽ آمرن جي پوڄارين جا اهڙا خواب ساڀيان نه ٿي سگهيا نه صرف بيگم نصرت ڀٽو ايران واپس نه وئي پر پنهنجي مڙس جو جمهوريت جي الم برداريءَ وارو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتو ۽ آمر ضياءَ خلاف جدوجهد جي سرواڻي پنهنجي سِرَ تي کڻي ورتي. اهڙي جهاد دوران ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمر گڏيل سازش جوڙي پرڏيهه ۾ ويٺل سندس ارڏي پٽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪرايو پر اهڙي حملي جو اثر به ابتو ظاهر ٿيو ۽ بيگم ڀٽو هن ڀيري به جوان پٽ جي شهادت سان مايوس ٿيڻ بدران ويتر آمر ۽ ان جي ڇاڙتن خلاف جدوجهد تيز ڪري ڇڏي، سندس وڏور نياڻي بينظير ڀٽو به سندس ٻانهن ٻيلي بڻجي وئي ۽ سنڌ جهڙي جاگيرداراڻي سماج ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جيڪو سياسي ڪردار ادا ڪيو اهو تاريخ جو سونهري باب آهي. پنهنجي شهيد ور ۽ جوان پٽ شاهنواز جي نراڙ کي چُمي ڏئي ڏک جا ڳوڙها ڳاڙي آمر کان پلاند جو هن جيڪو وچن ڪيو ۽ ڏک کي نفرت ۾ تبديل ڪيو ان جو تاريخ ۾ مثال ملڻ محال آهي. جنهن عيوض کيس قيد خانن جو نياڻي بينظير سميت باندي بڻايو ويو پر شهيد ور ۽ پٽ سان وفا جو پيچ ٽٽڻ بدران ويتر مضبوط ٿيندو ويو. پنهنجن پيارن سان نينهن ناتا ٽوڙڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو کي طرحين طرحين عذاب ۽ اذيتون ڏنيون ويون پر ايران جي ڪونج به سنڌ جي سرزمين کي چُمي ڏئي دلي طور وطن تسليم ڪري وطن واسين سان پنهنجو ناتو نڀائڻ جو وچن ڪري چڪي هئي ان ڪري ڏکن کي سُک سمجهي خوشيءَ سان قبوليندي رهي. آخرڪار کيس جُهڪائڻ لاءِ آخري حملي طور سندس موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي ر وڊ تي اسان جي پوليس وارن ايئن گوليون هڻي شهيد ڪيو ڄڻ ڪنهن پرڏيهي ملڪ خلاف محاذ تي وڙهندي مخالف جرنيل تي فائرنگ ڪندا هجن. بيگم نصرت ڀٽو جو درد ڪير ٿو ڄاڻين! ڪا ماءُ، ڪا بيواهه ۽ ڪا ڀيڻ هن ايران ڄائيءَ جي اذيتن کي محسوس ڪري سگهي ٿي. ملڪ ۾ عوامي جمهوري راڄ لاءِ جهيڙيندي پنهنجا ٻچا ڪهائڻ ذوالفقار ڀٽو جهڙو وَر قربان ڪرڻ لاءِ ٻه دليون ۽ جذبو گهرجي. ڳڙهي خدا بخش ۾ جمهوريت جي شهيدن جو اجتماعي قبرستان ڏسڻ کانپوءِ ڏکن، ڏوجهرن ۽ عمر جي آخري ايامن نيٺ کيس نهوڙي وڌو، ان باوجود بينظير ڀٽو جي روپ ۾ وقت جي جلادن لاءِ بيگم ڀٽو للڪار بڻيل رهي، موڀي پٽ مير مرتضيٰ جي شهادت بيگم ڀٽو لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿيو ۽ روهه کي رتيون ڪرڻ جهڙو حوصلو رکندڙ نصرت ڀٽو نيٺ اکيون بند ڪري ڇڏيون، شايد کيس ڄاڻ پئجي چڪي هئي ته بينظير ڀٽو جنهن راهه تي هلي رهي آهي ان جو انجام ڇا ٿيڻو آهي. ان ڪري هن شايد پنهنجي نياڻيءَ جي شهادت اکين سان ڏسڻ جي سگهه نه ساري اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. ڇو ته سنڌ جي ويڙهيچن سان ڪيل وچن ٽوڙڻ به نصرت ڀٽو جي خمير ۽ ضمير خلاف هو ان ڪري پنهنجي نياڻي بينظير ڀٽو کي جدوجهد کان روڪڻ به سندس لاءِ ممڪن نه هو ۽ شايد! بينظير ڀٽو جي شهاديت اکين سان ڏسڻ جي به هاڻي وٽس سگهه نه رهي هئي ان ڪري شڪارين ۽ جلادن جا تير ۽ شهادت جا وڌيڪ منظر ڏسڻ بدران هن اکيون ٻوٽي هن سنسار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ڪنهن ڪانيئر جي بڙڇيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران طبي موت کي ڳل لائڻ کي اوليت ڏني جنهن ۾ ڪامياب به ٿي وئي. پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ ايران ڄائي نصرت ڀٽو جو ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد ۽ قربانيون هميشه ياد رهنديون، جڏهن ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيندو، تڏهن ڄڻ ته پنهنجن پيارن شهيدن سان ملڻ جي آس پوري ٿيندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته خوشين جي تلاش هن ايراني ڪونج کي ڏکن جي اهڙي آڙاهه ۾ اڇليو جيڪو داستان ڪربلا جي شهيدن سان ملندڙ جُلندڙ آهي. سر جيس ته سُور، سامايس ته سُک ويا، اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا. سڀاڻي جڏهن ڪونجن جا ولر ڪڻڪندا ڳڙهي خدا بخش مٿان گذرندا ته وَلر کان وڇڙيل پنهنجي ساهيڙيءَ ڪونج کي ساريندي اکين جا بند ڀڃي ويهنديون ۽ اهي ئي ڳوڙها بيگم ڀٽو جي تربت مٿان پيل ڀنجوءَ کي پهرين آلو ۽ پوءِ مضبوط ڪندا. باقي پاڪستان جي سياسي تاريخ شهيدن ۽ سندن امڙ کي هميشه عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪندي ۽ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندي. روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو اچي ڍنڍ ڀري ڪنن ڪانگيرن سين۔ ڀٽو خاندان جا اهم فرد هن دنيا کي الوداع چئي ويا باقي پسمانده فردن ۾ في الوقت ڪا اهڙي شخصيت ظاهري طور نظر نه ٿي اچي ليڪن ڪا شخصيت اڀري آئي تڏهن به هي پاڪستان جي ڊڪٽيٽر هي ظالم انهن کي شايد اڳتي اچڻ لاء رستي جي رڪاوٽ بنجن الله تعالى کان دعا آهي ته شال مرحومه جي بخشش فرمائي کيس جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) بيگم نصرت ڀٽو: جرئتن ۽ درد جي علامت حفيظ ڪنڀر [JUSTIFY] هن فقط پنهنجي ور جو مقدمو ته نه وڙهيو هيو؟ هوءَ ته ڊگهي عرصي تائين جرئت سان ۽ بردباريءَ سان جمهوري قدرن جو مقدمو وڙهندي به رهي، عدالتن کان وٺي، تحريڪن هلائڻ تائين، هوءَ پنهنجي ڄمار جي 82 سالن ۾ چند ورهين تائين خاتون اول رهي ۽ پوءِ هوءَ درد جي درياءَ جي حوالي ٿي وئي ۽ نيٺ ”سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا“ جي تصوير بڻيل بيگم نصرت ڀٽو شهيدن جي ڀر ۾ وڃي آرامي ٿي، لڙڪن ۽ سنڌ جي وڻن جي ٽارين هن کي الوداع ڪيو. تقريباً پنجٽيهه سالن تائين هن جي غم ڪدي ۾ هر گهڙي هن جي ملاقات درد سان ئي ته ٿي هئي! هن جي جرئتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اهي ”بهادر ۽ دلير“ آمر لهي آيا هئا، جن اردن وڃي فلسطينين تي گوليون هلايون هيون ۽ پوءِ 1983ع ۾ هنن سنڌين کي به فلسطيني سمجهي ساڳي مشق دهرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. هتان جا آمر واقعي به بهادر رهيا آهن!! جن سان عورتن جي جرئتن مقابلو ڪيو آهي ۽ شڪستون کائي چڪا آهن، اوهان ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف جي آمريت تائين ڏسو! بادلن، هوائن ۽ چانڊوڪين کي قتل ڪندڙن انهن سڀني آمرن جي سامهون پهرين صف ۾ اوهان کي عورتن جي جرئت ڏسڻ ۾ ۽ للڪار ٻڌڻ ۾ ايندي ۽ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه به ضياءُ شاهي سامهون انهيءَ للڪار سان نظر ايندي ته ”وحشي آمريت ۽ آمر سان ڀٽوز وڙهندا رهندا“ ۽ ڀٽوز هن جا ٻارڙا هئا، پٽن ۽ ڌيئرن جي صورت ۾. پنهنجي سياسي سفر ۾ هوءَ جيڪو به درد برداشت ڪندي رهي، ان کي هن ڪتابن ۾ رڪارڊ ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، درد ڪٿي ٿو لکي سگهجي!؟ لکيل لفظ درد ۽ هانءُ ۾ چُڇيل درد جي ته ڀيٽ ئي ناهي! آمريتي جلاد هن جي سنڌ جهڙي جهولي ۾ لاش مٿان لاش موڪليندا رهيا. ڪسي په ڪرتي هين ابرِ بهار ڪو قربان ڪسي په قتلِ مه تابناڪ ڪرتي هين ڪسي په هوتي هي سرمست شاخسار دونيم ڪسي په بادِ صبا ڪو هلاڪ ڪرتي هين آمرن جو خنجر هن جي خاندان جي فردن سان شهرِ خموشان آباد ڪندو رهيو ۽ هوءَ رت ۾ غرق جنازا کڻندي شيطاني قوتن کي للڪاريندي رهي، هن جي خشڪ ٿي ويل اکين اڳيان انهيءَ کانسواءِ ڇا هو!؟ هر آئي دن يه خداوند گانِ مهر و جمال لهو مين غرق ميري غم ڪدي ۾ آتي هين اور آئي دن ميري نظرون ڪي سامني شهيد جسم سلامت اٺائي جاتي هين اوهان رومن امپائر جي حوالي سان ”بازنطيني رياست“ جو اصطلاح ٻڌو هوندو، جنهن جو سياسي مفهوم اقتدار لاءِ درٻار ۾ زهر ڏئي مارڻ، قتل ڪرڻ، سازشون ڪرڻ آهي. رومي سلطنت جي حڪومتي سازشن جا Actors سينيٽرن کان وٺي امير، وزير مشير هوندا هئا. قتلن ۽ غارت گيرين جي سازشن جو اڻ کٽ سلسلو ان وقت جي رومن اسٽيبلشمينٽ جي کاٻي هٿ جو کيل هوندو هو. اوهان کي ضياءُ دور ۽ ضياءُ جي باقيات جي دور ۾ اهو کيل ڀٽو فيملي خلاف دهرائبو نظر ايندو، سازشن مٿان سازشون، حملن مٿان حملا، قتل مٿان قتل ۽ وهمن ۾ وڪوڙيل سماج ان کي سازشون سمجهندي به ”قسمت“ جو نالو ڏيندي نٿو لنوائي. جڏهن آمرن جي سازشن کي قسمت ۽ نصيب جو نالو ڏجي ته آمريتن کي ڪيترو نه سک ٿو ملي ۽ چين ٿو ملي. اوهان اڄ به ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيندڙن جي انٽرويوز جا Clips نيٽ تي ڏسو. اهي به ڀٽي جي ڦاسي کي ”قسمت“ جو عنوان ڏيندي پنهنجي مڪروهه سازشن تي ”نصيب ۽ قسمت“ جي چادر چاڙهندي نظر ايندا. ”ڀٽو صاحب جهڙي وڏي رهنما کي چانهه جو آخري ڪوپ به نصيب نه ٿيو. هن جي قسمت ۾ اهو لکيل هو“ جهڙا جملا ٻڌي اوهان جو رت ٽهڪي اٿندو. مولوي مشتاق جي ججمينٽ ۾ ڀٽو صاحب جي لاءِ ڪافر جهڙا فتوائي جملا ته جسٽس انوار الحق ڪڍائي ڇڏيا هئا، پر اوهان کي اهڙن جملن مان پاڪستان ۾ ضيائي منصفن جي بنياد پرست سوچ جي خبر پئجي سگهي ٿي. ڀٽي صاحب جي جيل وڃڻ کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جو اهو جرئت مند سفر شروع ٿئي ٿو، جنهن سان گڏوگڏ هن وٽ صبر ۽ تحمل جو به مظاهرو آهي، هن جي سياست جو انداز ائين هو جو جڏهن ڀٽو صاحب قيد ۾ هوندو هو ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه اوهان کي ميدان تي قيادت سنڀاليندي نظر ايندي، جڏهن ڀٽو صاحب جيل کان ٻاهر هوندو هو ته هوءَ پسمنظر ۾ نظر ايندي. پنهنجي ماءُ کي شهيد بينظير ڀٽو درست ئي ته خراج تحسين پيش ڪندي هئي ته، ”مون Vision ڀٽي صاحب کان ورتو آهي ۽ جرئتون پنهنجي امڙ کان سکيون آهن“. جمهوريت لاءِ جدوجهد جي سفر ۾ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجون سياسي انائون پاسي تي رکي، انهن سڀني ڀٽو دشمن ماڻهن کي معاف ڪيو، جن ڀٽو صاحب جو ڪنهن پل تي ٽنگيل لاش ڏسڻ جي خوني خواهشن جو به اظهار ڪيو هو ته ڪن وري ضياءُ کي ”هڪ قبر ٻه Z“ جا خوف ڏياري ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ پئي اتساهيو. PNA جي تحريڪ جا اڪثر ليڊر ڀٽو کي لاهڻ لاءِ نه پر قتل ڪرائڻ لاءِ آتا هئا، پر جمهوريت جي بحالي لاءِ، ملڪ جي ڳچي مان ضيائي آمريت جو طوق ڪڍڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ليڊرشپ کي ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تي گڏ وٺي هلڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ هوءَ هڪ Uniting force طور اڳيان آئي ۽ پوءِ ايم آر ڊي، ضياءُ کي سوڙهو ڪري رکيو، ايم آر ڊي جي مکيه قوت پيپلز پارٽي هئي، جنهن جي قيادت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه وٽ هئي، هو ضيا شاهي ۽ ضياءُ جي باقيات سان پنهنجي ٻارن سان گڏجي مقابلو ڪندي رهي ۽ آمريت جي روهه کي ريتون ڪندي قربانين مٿان قربانيون ڏيندي وئي، جرئتن سان گڏ اهڙي درد جي علامت بنجي وئي، جن جرئتن کي لکڻ به ڏکيو ۽ جنهن درد کي چٽڻ به ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: بيگم نصرت ڀٽو (سندس وفات تي لکيل ڪالم ۽ تاثرات) ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ هڪ عظيم ليڊر ۽ شهيد جي وني،جنهن پنهنجي مڙس جي زندگي ۾ محبتن ۽ عزتن جو تمام گهڻو عروج ڏٺو۔شهيد مرتضئ ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظر ڀٽو جهڙي اولاد جي عظيم ماء، جنهن هميشه پنهنجي اولاد کي ظلم جي خلاف نه جڪهڻ جو سبق ڏنو،هن فاني دنيا مان آخرڪار ڪوچ ڪري پنهنجي دائمي آرمگام ۾ آرام فرمائي رهيون آهن۔الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته مرحومه جي مغفرت فرمائي۔انهن کي قبر جي عذآب کان پنهنجي پناه ۾ رکن۔انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلئ مقام عطا فرمائين۔آمين۔اسان جي قوم به حس آهي انسان جڏهن زنده آهي ته ان جي خدمتن کي نه سارهيندا آهن پر جڏهن هو هن دنيا مان لڏاڻو ڪري ويندو آهي ته ان جي تعريف ۾ پلون ٻڌي ڇڏيندا آهن ۔محترمه نصرت ڀٽو صاحبه هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن جي تعريف جيڪي هاڻي دوست ڪري رهيا آهن انهن جي زندگي ۾ به ڪري سگهن پيا۔تاڪي انهن کي به خبر پئجي سگهئي هان ته انهن جي سٺين خوبين جي ڪري ماڻهون انهن سان ڪيڏي محبت ڪن ٿا۔ پر واري به دوستن جون مهربانيون جو مرحومن کي سٺن الفاظن سان ياد ته ڪن ٿا۔۔