جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ گلوڪاره

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    جيجي زرينہ بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره


    محمد سليمان وساڻ


    ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،
    تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون

    هوء جنهن کي سموري سنڌ جيجي جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوء جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪاره ۽ سنڌ جي عظيم گلوڪاره هئي ، جي ها جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن.

    سنڌ جي هي دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔

    جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي فاسسيء خلاف هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو.جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي.

    جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔

    سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔

    شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔

    هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

    جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي۔

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره

    واقئي هو هڪ بهترين قومي شخصيت هئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن جا ڳايل قومي ء پيار ڀريا گيت لاجواب آهن

    ورسيِ تي کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيجي زرينه بلوچ جي ورسيء تي سنڌ سلامت پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات جي 25 آڪٽوبر 2012 جي شماري ۾ محترم ساجد سنڌي پاران هي مضمون ڇاپيو ويو آهي۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسين ماڻهون لاڙ جا درياه جي پڇاڙ جا ...

    جيجي جي منهن ۾ مادرانه محبت ۽ سندس ڳائڻ ۾ سنڌ امڙ جو سوز ... بس ٻڌڻ وارو جيجي جو مداح ٿي پوندو هو ...

    قومي گيت، لوڪ گيت ۽ ثقافتي گيت ڳائي جيجي سنڌ جي گهرن ۽ دلين ۾ اڄ به جيئري جاڳندي ويٺي سر آلاپي ...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لوڪ گيتن جي راڻي : جيجي زرينه بلوچ
    وزير فرهاد سولنگي
    جيجي زرينه بلوچ جو ڇٺيءَ جونالو آمنه هو، سندس ڄمڻ جي تاريخ بابت مختلف هنڌن تي تضاد ملي ٿو ڪٿي سندس ڄم جي تاريخ 29 ڊسمبر 1934ع لکيو ويو آهي ته ڪٿي 12 ڊسمبر 1937ع لکيل آهي. پاڻ ڳوٺ الهداد چنڊ لڳ حيدرآباد ۾ محمد موسيٰ جلالاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتائين. سندس امڙ جو نالو گل روز هو. هن جو والد صاحب ميونسپالٽي ۾ انسپيڪٽر هيو، هن کي ٻن پٽن ڊاڪٽر محمد يوسف بلوچ ۽ محمد عثمان بلوچ ۽ هڪ نياڻي آمنه جو اولاد هيو جنهن اڳتي هلي جيجي زرينه بلوچ جي نالي سان مشهوري ماڻي.​
    جيجي زرينه بلوچ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم ۾ پڙهي ۽ اتان هن 1960ع ڌاري فائينل پاس ڪيائين ان بعد 1963ع ڌاري اسڪول غلام علي نانا ۾ بحيثيت استاد مقرر ٿي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس واري اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳي اهڙي طرح هيءَ مسلسل 36 سال درس و تدريس جي مقدس پيشي سان سلهاڙيل رهي ۽ آخر 1996ع ڌاري رٽائرمينٽ ڪيائين. جيجي زرينه بلوچ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، اديب، اداڪاره، ڪهاڻيڪار ۽ لوڪ فنڪاره هئي. هن کي ٽن ٻارن جو اولاد هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز، اياز لطيف پليجو ۽ اختر بلوچ آهن.
    جيجي زرينه بلوچ جي والده جيجي گل روز 1940ع ڌاري وفات ڪري وئي جنهن کان پوءِ هن جي تربيت سندس ڏاڏي ۽ والد صاحب ڪئي. کيس ڏاڏو پيار مان هن کي ”گاگي“ ”هوري“ ”جلوان“ جي نالن سان سڏيندو هو. جيجي زرينه کي ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو جڏهن هيءَ پنهنجي پيءَ سان گڏ مولودن جي محفل ٻڌڻ ويندي هئي ان کان علاوه هن ننڍڙي عمر ۾ جيوڻي ٻائي جو راڳ ٻڌو ته سندس طبيعت راڳ ڏانهن مائل ٿي. جيجي زرينه جڏهن ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ استاد هئي ، رسيس ۾ ويهي مختلف لوڪ گيت جهونگاريندي هئي جنهن ۾ ڀڳت ڪنور رام جا ڳايل ڪلام ڪئين ريجهايان توکي ڪئين پرچايان……… ، نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو….، آءَ ڪانگا ڪر ڳالھ ….. کيس ڏاڍا وڻندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس ساٿي ٽيچرس کيس صلاح ڏني ته تون باقائده راڳ جي سکيا وٺي ريڊيو تي ڳاءِ. ڇو ته تنهنجو آواز تمام رسيلو آهي. انهيءَ دور ۾ دادي ليلان کي هن اسڪول جي فنڪشنن ۾ راڳ ڳائيندي ٻڌو ۽ پاڻ به موسيقيءَ جي شروعاتي تربيت دادي ليلان کان ئي ورتائين ان کان پوءِ پاڻ ريڊيو تي هڪ ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتائين جنهن ۾ هن ٽيون نمبر حاصل ڪيو اهڙي طرح هن 1960ع ڌاري فرضي نالي زرينه بلوچ سان سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ڳائڻ جو آغاز ڪيائين اهڙي طرح هن استاد محمد جمن کان موسيقيءَ جي تربيت ورتائين ۽ هيءَ ريڊيو جي مشهور سنگر بڻجي وئي. سندس موسيقيءَ ۾ استاد دادي ليلان ۽ استاد محمد جمن چيا وڃن ٿا جڏهن ته سندس ادب ۽ سياسي شعور جو د ڏسڻ جو اعزاز محترم رسول بخش پليجي ڏانهن وڃي ٿو.
    جيجي زرينه جون فن جي دنيا ۾ ڪيتريون ئي خدمتون آهن پر سندس ڳايل سنڌي لوڪ گيت ۽ سندس لکڻيون جيجي کي اعليٰ مقام تائين پهچائين ٿيون. سندس ڳايل مشهور لوڪ گيت جنهن ۾ ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ، شل بوند وسيءَ، مونکي پل پل پور تنهنجي پيار جا، سانوڻ رت ۾ سانورا ۽ ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ، توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون وغيره سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. جيجي زرينه کي لوڪ گيتن جي راڻيءَ جو خطاب مليو. ان کان علاوه هن ريڊيي تي ڳائڻ کانسواءِ ڊرامه، فيچر ۽ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي هن1966ع ڌاري پي ٽي وي تي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڳايو جتي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن سنڌي، بلوچي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به ڳايو آهي کيس پرڏيھه ۾ به ڳائڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه، دبئي، هندستان، ڪئناڊا شامل آهن. جيجي زرينه جون ڪيتريون ئي لوڪ گيتن جون ڪيسٽون پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. ان کان علاوه هن کي بهترين ڳائڻي، بهترين ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر هجڻ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪار هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. سندس پهرئين ڪهاڻي ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپي جنهن جو موضوع هو ”مان توکي گيت ڏيان او ڌرتيءَ“ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻي جو ڪتاب ”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون“ ڇپجي چڪو آهي. جيجي زرينه تي هڪ ڪتاب نصير مرزا پڻ لکيو آهي ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن تي هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ جنگل ۽ هٿين گل ميندي کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي، جيجي زرينه کي فن جي دنيا ۾ خدمتون ڏيڻ جي عيوض ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا آهن پر سنڌ جا ماڻهو هن سان ايتري محبت ڪن ٿا جو احترام ۽ عزت مان کيس جيجي يعني ماءُ ڪوٺين ٿا. جيڪو اعزاز سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ڳائڻي کي ناهي مليو پر ان جي باوجود کيس ٻين ايوارڊن سان گڏ شاھ لطيف ايوارڊ ۽ قلندر لال شهباز ايوارڊ مليا. سنڌ جي لوڪ گيتن جي راڻي جيجي زرينه بلوچ 25 آڪٽوبر 2005 تي وفات ڪئي ۽ سنڌ هڪ منفرد ڏات ڌڻيءَ نياڻيءَ کان محروم ٿي وئي. اڄ سندس اٺين ورسي ملهائي پئي وڃي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG][​IMG]

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    جيجي جي ياد سدا ساھ ۾ سمايل رهندي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    25 آڪٽوبر - سنڌ جي ڪوئل جيجي زرينہ بلوچ جي وڇوڙي جو ڏينهن

    ذوالفقار قادري

    ٻي خبر ناھي پر مرڻ کانپو۽
    توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون....
    مون جيجي زرينہ بلوچ کي ڪئين هنڌن تي وايون ٖ ڪافيون ٖ قومي گيت ٖ سهرا ٖ لاڏا ٖ ڳيچ ٖ مورا ڳائيندي ڏٺو ٖ پر مون کيس آمريت سان جهيڙيندي بہ ڏٺو ٖ هو جڏھن بہ اسٽيج تي آئي پنڊال کي جهومائي ٖ ماحول کي گرمائي ٖ محفل کي لٽيون هلي ويندي هئي ٖ
    جيجي زرينه بلوچ حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ جي رهواسي ميونسپل ڪميٽي حيدرآباد جي ملازم محمد موسيٰ جلالاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. جيجي زرينہ بلوچ جو ڇٽي جو نالو آمنہ هو ٖ جيجي زرينہ بلوچ فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پو۽ ماستريءَ جي نوڪري ڪئي، جيجيءَ زرينہ ريڊيو پاڪستان پاران ڪرايل نون فنڪارن جي مقابلي واري پروگرام ۾ حصو ورتو. جتي جيجيءَ پنهنجي پاڻ تي فرضي نالو زرينه رکيو، جيڪو اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻيو. جيجي زرينه بلوچ کي راڳ جي سکيا ڏيندڙ استاد، سنڌ جو ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن هو. جيجي زرينه بلوچ ٖ اختر بلوچ جهڙي بهادر نياڻي کي جنم ڏنو جنهن جنرل يحئ خان جي دور ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌي ۾ شايع ڪرڻ واري تحريڪ ۾ پنهنجي ٽن ٻين ساٿياڻين رياض ميمڻ ٖ نسيم ٻٻر عرف نسيم سنڌي ۽ شميم بهراڻي سان گڏ گرفتاري ڏئي پهرين جيل ويندڙ سنڌي شاگردياڻي جو اعزاز حاصل ڪيو اختر بلوچ سنڌي ادب ۾ پهرين عورت هئي جنهن قيد دوران “ قيدياڻي جي ڊائري “ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو ٖ جيجي زرينہ بلوچ جو ٻيو عقد نامياري سياستدان ٖ ليکڪ ۽ قانوندان رسول بخش پليجو سان ٿيو جنهن مان کيس اياز لطيف پليجو ٿيو ٖ جيجي زرينہ بلوچ هڪ سچ محب وطن سنڌياڻي هئي هو۽ گرفتار بہ رهي جيجي زرينه سنڌ سان بي انتها محبت ڪندڙ عورت هئي، جنهن لوڪ گيتن ۽ سهرن سان گڏ، اهڙا ته قومي گيت ڳايا جو نوجوان نسل ۾ قومي تحريڪ ۽ ڀرپور حصو وٺڻ جو جذبو پيدا ڪيو. جيجي زرينه جا لوڪ گيت؛ منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان، تمام گهڻا مشهور ٿيا. قومي گيتن ۾ جيئي سنڌ، ۽ ٻيا ڪيترا ئي قومي گيت مشهور ٿيا ۽ انهن ننڊ پيل جهان کي جاڳائي ڇڏيو. جيجي زرينه هڪ ئي وقت بهترين استاد، بهترين گائڪہ، بهترين ليکڪہ، بهترين صداڪاره، بهترين اداڪاره ۽ بهترين سياسي ورڪر هئي. قدرت طرفان چند خوش نصيب ماڻهن کي اهڙيون خوبيون ڀاڳ ۾ عطا ٿينديون آهن. جيجي زرينه جيڏي پاڻ قداور شخصيت هئي، اوترو ئي سندس گهر ۾ پليل اولاد سنڌ ۾ مڃتا ماڻي رهيا آهن. ضياءَ جي ظلم خلاف، سڄي ملڪ جي باغين سان سنڌ جا باغي سلهاڙيل هئا پر سموري ملڪ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهندڙ سنڌ جي اها بهادر نياڻي اختر بلوچ هئي، جنهن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي، ڊڪٽيٽر ضياءُ کي للڪاريو هو ۽ گرفتاري پيش ڪري، اسير بڻي هئي! انهيءَ کان علاوه سنڌ ۾ جڏهن به ۽ جتي به ڪو قومي ڪاڄ ٿيندو هو ته هوءَ قومي تحريڪ جي سفير بڻجي اتي پهچندي هئي ۽ قومي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبي جا طوفان برپا ڪري ڇڏيندي هئي.! جيجي زرينہ بلوچ اڄ اسان درميان نہ آھي، پر هو روحاني طور اسان سان گڏ آهي.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيجي زرينه بلوچ 29 ڊسمبر 1937ع تي ڳوٺ الهداد چند لڳ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. اصل ۾ هن جا وڏڙا ايراني بلوچ هئا، جيڪي پهرين ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد لڏي آيا. جيجي جي امڙ گل روز ان وقت لاڏاڻو ڪري وئي، جڏهن جيجي زرينه بلوچ جي عمر ڇهه سال هئي. جيجي زرينه جو اصل نالو آمنه هو. زرينه بلوچ تي ”جيجي“ نالو ”جيجي“ جي عنوان سان سندس هڪ ڪهاڻي ڇپجڻ کانپوءِ پئجي ويو. جيجي زرينه بلوچ بيماري دوران اسپتال ۾ به سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ چوندي رهي ۽ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف گڏ ٿيڻ لاءِ تلقين ڪندي رهي. جيجي ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ 2 سال جيل ڪاٽيو. جيجي هڪ ئي وقت گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هڪ اداڪاره، گلوڪاره، استاد، قومي ڪارڪن، اديب، ترجمه نگار پڻ هئي. هن جا ڳايل قومي گيت ۽ شادين جا سهرا اڄ به اوترا ئي مقبول آهن. 1962ع کان جيجي ريڊيو تان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي. شروع ۾ هن راڳ جي سکيا استاد محمد جمن کان ورتي. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏنو ۽ ان آڊيشن ۾ پاس ٿي وئي. ريڊيو تي هن پهريون ڪلام شاهه لطيف جو ڳايو. هن جي مشهور گيتن ۾ ”مور ٿو ٽلي“، ”ڪاانگ لنوي“، ”ڇلڙو“، ”ٻارڙي کي لوڏو ڏيو”،”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“، ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ…“ ۽ ٻيا گيت شامل آهن. جيجي زرينه کي ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ مليا، انهن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سانا ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ، سچل ايوارڊ، پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. جيجي زرينه جا جيڪي قومي گيت مشهور ٿيا، انهن ۾ هن ايم آر ڊي تحريڪ تي هڪ گيت ڳايو، ”موري ۽ ميهڙ، دادوءَ ۾ ڍاٽيئڙا ٻٽ ڍول ڪٺا“ ۽ جڏهن ڪامريڊ نذير عباسي شهيد ٿيو ته ان تي به هن گيت چيو، ”او امان، او امان“. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هن ”جيئي سنڌ- جيئي سنڌ“ جهڙا گيت ڳايا. جيجي زرينه شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، گل خان نصير، احمد فراز، فيض احمد فيض ۽ ٻين شاعرن کي ڳايو آهي. جيجي زرينه جون 36 کن ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آهن. هن پاڪستان کان سواءِ آمريڪا، برطانيا، دبئي، هندستان، ڪئناڊا ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو. جيجي زرينه پهرين عورت اڳواڻ هئي، جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت خلاف عورتن جي جلوس جي اڳواڻي ڪئي. جيجي زرينه بلوچ کي پي ٽي وي تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو هو. پي ٽي وي جي جن ڊرامن ۾ هن ڪم ڪيو، انهن ۾ ”دنگي منجهه دريا“، ”انا“، ”جنگل“، ”ڪاروان“، ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“، ”زينت“، ”روپ ٻهروپ“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”ڪيڏو نه ڪارونڀار“ شامل آهن. جڏهن ته پاڻ بين الاقوامي شهرت ماڻيائون. جيجي زرينه بلوچ ڪيترين ئي ٻولين ۾ گيت چيا، جن ۾ سنڌي، بلوچي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ عربي شامل آهن. ريڊيو تي جيجي ڳائڻ کانسواءِ ڊراما، فيچر ۽ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خاطر جيل وئي. هن ڀٽ شاهه کان ڪراچيءَ تائين عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ڪيو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي حمايت ۾ به بک هڙتال ڪئي. جيجي هڪ بهترين ڪهاڻيڪار سان گڏو گڏ هڪ بهترين ترجمه نگار پڻ هئي، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”تنهنجي ڳولها، تنهنجون ڳالهيون“ آهي. هن شرون ڪمار ورما جي افساني جو ترجمو ڪيو، جيڪو ”بوند بوند لاءِ ڀٽڪي“ جي عنوان سان ڇپيو. هن جون روح رهاڻ، سهڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون، جڏهن ته جيجيءَ ”ڪيڏو ڪارونڀار“ سوڌو 3 ڊراما پڻ لکيا ۽ زان پال ساتر جي ڪتاب جو ”ديوار“ نالي سان پڻ ترجمو ڪيو. جيجي زرينه بلوچ، سوا مهينو موت سان وڙهندي رهي ڪراچي جي اسپتال ۾ پر موت نيٺ اسان کان 25 آڪٽوبر 2005ع ۾ جيجي کي ڌار ڪري ڇڏيو. اسپتال ۾ خيريت معلوم ڪندڙ مداحن کي جيجي بيماري دوران به گيت ٻڌائيندي رهي. اڪثر هي گيت ”ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به، ريت چين ناهي“ ٻڌايو ۽ جڏهن اهو گيت اسپتال ۾ ڳائيندي هئي ته ٻڌندڙن جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا هئا. افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته گذريل سال وانگر هن سال به سرڪاري سطح تي جيجي زرينه بلوچ جي ورسي ملهائڻ جو ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو آهي.

    مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
    _هائيڊ پارڪ؛ روزانـ ڪاوش ؛ 25 آڪٽوبر 2010
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو