• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان کي نصرت ڀٽو جو منهن به ڏسڻ نه ڏنو ويو: ممتاز ڀٽو

محمد لائق راهو

سينيئر رڪن
اسان کي نصرت ڀٽو جو منهن به ڏسڻ نه ڏنو ويو: ممتاز ڀٽو
لاڙڪاڻو:سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين ممتاز ڀٽو چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو کي 5 1 سالن کان کنڀي کڻي وڃي قيد ڪيو ويو اسان کي ان جو منهن ڏسڻ نه ڏنو ويو،جنهن جي جنازي تي قبضو ڪيو ويو آهي ،سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جنازي تي ۽ شهيدن جي قبرستان تي قبضو ڪيو ويو آهي،اهڙن خيالن جو اظهار هن المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي نهن غنويٰ ڀٽو سان ملڻ دوران ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو ته شهيدن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي ۽ نصرت ڀٽو جي لاش تي به پ پ پ وارا سياست چمڪائي رهيا آهن،هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو اسان جي خاندان جو حصو هئي جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون جيڪا پنهنجي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کانپوءِ بيماريءَ ۽ قيد واري زندگي گذاري،هن پ پ پ جي نمائندگيءَ جو بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ ليڊيز ونگ جو بنياد پڻ رکيو،جنهن کي پنهنجي جدوجهد دوران قذافي اسٽيڊيم ۾ لاٺي چارج دوران ڌڪ لڳو ،ان زخم جي ور چڙهي وئي ۽ هميشه بيماريءَ جي علالت ۾ گذاريو،هن چيو ته سندس مڙهه پنهنجي حقي وارثن حوالي ڪيو ،هن چيو ته سندس جنازي نماز ۾ شرڪت المرتضيٰ هائوس ۾ جائز آهي هنن سان گڏ اتي جائز ناهي.
 
Back
Top