ٻولي محفوظ ڪرڻ تهذيب کي بچائڻ آهي: رام گلراجاڻي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    تاريخ ۾ ٻوليون سدائين تبديليءَ جي عمل مان گذرنديون رهيون آهن. پر تبديليءَ جي هاڻوڪي رفتار غير معمولي آهي جو وڌ ۾ وڌ روايتي ٻوليون گم ٿي رهيون آهن ۽ ڪجهه اهڙيون ٻوليون آهن جيڪي انهن جي جڳهه وٺي رهيون آهن. دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6 هزار ٻوليون آهن. هن وقت اندازو لڳايو ويو آهي ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوليون ميسارجڻ جي خطري هيٺ آهن. انهن ٻولين مان 96 سيڪڙو اهڙيون آهن جيڪي دنيا جي آباديءَ جي رڳو 4 سيڪڙو حصي پاران ڳالهايون وڃن ٿيو. سراسري طور هر ٻئي هفتي هڪ ٻولي ختم ٿي رهي آهي.
    سنڌي پَڪ سان هن وقت انهن ٻولين جي لِسٽ ۾ آهي جيڪي خطري ۾ آهن، خاص طور هندستان ۾، سنڌي رڳو سنڌ ۾ نه پئي ڳالهائي وڃي، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ به هڪ چڱو ڀلو انگ سنڌي ڳالهائي ٿو.
    هندستان پنهنجي آئين هيٺ سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ڏني آهي، پنهنجي اباڻي گهر سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن اردو جي اثر ۾ وٺجندي پئي وڃي، جڏهن ته ڀارت ۾ اها پنهنجو قدر وڃائيندي پئي وڃي، سنڌين جو ٽڙيل پکڙيل هجڻ، سنڌي ٻوليءَ جي عربي ۽ ديوناگري (هندي) واري لپي ۾ سکڻ جي موقعن جي کوٽ، رياستن جي اڪثريتي ٻولين جا اثر ۽ پاڻ اسان ماڻهن جي گهرن اندر به پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ۾ هٻڪ ان جا ڪارڻ آهن. هندستان ۾ سنڌيءَ جي خاتمي جون اهي يقيني نشانيون آهن.
    سنڌي ٻوليءَ کي خطرو هجڻ جون ٻيون نشانيون آهن ڳالهائڻ وارن جو گهٽجندڙ انگ، نئين پود پاران ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ کي اوليت ڏيڻ، پنهنجي ٻارن کي سنڌي سيکارڻ ۾ ماءُ پيءَ جي ناڪامي.
    سنڌي ٻولي انهن گهرن ۽ ميدانن ۾ به زوال تي آهي جن ۾ ڪڏهن اها محفوظ هوندي هئي، مثال طور گهرن ۽ ثقافتي رسمن ۾، تنهن کان سواءِ جاگرافيائي سرحدون ڪنهن ٻوليءَ جي حفاظت جو اثرائتو ذريعو ناهن، مثال طور سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي ٻاهرين اثرن کان تحفظ ناهي. هڪ طرف عالمگير مواصلات غير معمولي طور گهڻا اثر وجهي رهي آهي ته ٻئي طرف هندستان کان پناهگيرن جي اهڙي ٻوڏ آئي جنهن جا اثر اڄ ٻين شعبن ۾ ته آهن پر ٻولي به انهن کان نه بچي سگهي آهي، چيو ويو آهي ته ٻولي انهن ماڻهن جي ذهني دولت جي مجسم صورت ٿئي ٿي جيڪي ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ آهن. هڪ ٻوليءَ، تهذيب ۽ پنهنجي قدر ۽ اهميت جي احساس وچ ۾ گهرو ڳانڍاپو آهي، جنهن ڪري چئبو ته ڀارت ۾ سنڌيءَ جو زوال هڪ گنڀير نقصان آهي. ٻوليءَ جو کسجي وڃڻ ايئن آهي ڄڻ ان جي تهذيب تي بم ڪري پوي. يونيسڪو پنهنجو پاڻ تي هيءَ ذميواري رکي آهي ته اها خطري هيٺ آيل ٻولين کي بچائي ۽ جيڪي ماڻهو اقليتن سان لاڳاپيل آهن تن جي انهن حقن کي نروار ڪري جيڪي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن، آمريڪا، نيوزيلينڊ ۽ اسپين سميت گهڻائي ملڪ آهن جيڪي پنهنجي اقليتن جي ٻولين کي محفوظ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ويلز ۽ اسرائيل انهن ٻولين کي بحال ڪيو آهي جن جي لاءِ ڪجهه وقت اڳ تائين سمجهيو ويو هو ته اهي ميسارجي چڪيون آهن، ايئن ڪرڻ ۾ سندن ڪاميابيءَ انهن ٻولين کي روز مرهه جي زندگيءَ ۾، گهر ۾ ۽ ڪم وارين جڳهن تي ڪتب آڻڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ماڻهن لاءِ برادريءَ جي حمايت ۽ آشيرواد، پڙهائي ميڊيا واري سهاري ۽ موقعن جي اهميت اجاگر ڪئي آهي.
    هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين جيڪا ذهني دولت منتقل ٿئي ٿي تنهن کي گهڻين تهذيبن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، خاص طور جتي گڏيل خاندان ٻارن جي پالنا ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندو آهي. ڏاڏيون نانيون اسان جي زندگين ۾ ابتدائي شخصيتون هونديون هيون، اهي ڄڻ ته پهرين درسگاهه هيون. جيئن براڪ اوباما جي ڏاڏي سندس زندگيءَ جو هڪ وڏو حوالو هئي، سندس حوالو ڏيڻ ۾ اوباما فخر محسوس ڪندو آهي، ساڳيءَ ريت، اسان سڀني کي گهرجي ته سنڌي ڳالهائيندي محسوس ڪريون ته پنهنجي ورثي ۽ تهذيب سان شاهوڪار ٿي رهيا آهيون. جڏهن ثقافتي ڏاهپ جي فخر جو احساس ٻئي نسل ڏانهن منتقل نه ٿو ٿئي تڏهن ٻارن ۽ سڄي سماج کان ڪجهه کسجي وڃي ٿو. اسان جي برادرين ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو ۽ ٻيون رنگينيون آهن، فخر جوڳيون خانداني، روايتون آهن ۽ انهن اندر مختلف نسلن جي ڏاهپ يا علم آهي، جيڪو سڀ ڪجهه ان صورت ۾ زيان ٿي وڃي ٿو جيڪڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻولي نه ٿا ڳالهائن، جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي پيچيده سماجي مامرن جي حل ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ٻولي ۽ تهذيب محفوظ هوندي ۽ بار پنهنجي سڃاڻپ تي فخر ڪندا تڏهن هو هڪٻئي جي عزت ڪرڻ سکندا.
    سو هاڻي سوال آهي ته پنهنجي ٻولي، ورثي ۽ تهذيب کي ڪيئن بچايون؟ اسان جو پهريون قدم اهو هجڻ گهرجي ته هن وقت جيڪو به سنڌي ڳالهائي ۽ سمجهي ٿو، تنهن ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪريون ته هو اسان جي قديم ٻولي، تهذيب ۽ ورثي جو محافظ آهي. استاد، اسڪالر يا عالم ۽ پروفيسر اسان جي ٻولي ۽ رواج جا خزانا رهندا پر جيڪڏهن سنڌي ماڻهو انهن خزانن مان فائدو نه وٺندا ته اهو سڀ ڪجهه زيان ٿي ويندو. اهو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪو ذريعو هجي ۽ انهن خزانن تائين پهچي سولو هجي.
    اسان جي ٻي اوليت ٻوليءَ جو نئون ذريعو يا ميڊيم (اسڪرپٽ يا لپي) ڳولڻ هجي، ڇاڪاڻ ته عربي ۽ ديوناگري جي مختلف هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل برادريءَ لاءِ ڪافي پهچ نه ٿي رهي. ان سلسلي ۾ مون کي خوشي آهي ته اسان مان ڪجهه ماڻهن رومن سنڌي لپي ٺاهڻ لاءِ پهريون وکون کنيون آهن. مون کي ان تي به خوشي آهي ته مون کي انهن مان هڪ ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. يقينن ان سان سنڌي هندو برادري معنوي لحاظ کان متحد ٿيندي، جنهن جي ٻارنکي ڪنهن به ٻولي کان وڌيڪ انگريزي پيٽ پئجي وئي آهي.
    اسان جي ٽئين اوليت هيءَ هجڻ گهرجي ته هڪٻئي سان سنڌي ڳالهايون. جيڪڏهن اسان پاڻ کي الڳ ۽ انوکي برادري ثابت ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ اهو ضروري آهي، ٻولي اهو ذريعو آهي جنهن سان اسان پنهنجي تهذيب کي نروار ڪري سگهون ٿا جيئن ان کي سڀ ڏسي سگهن. جيئن ڀت ۾ اها ڪِلي جنهن ۾ ڪپڙو ٽنگجي.
    اسان جي چوڻين ۾ اوليت سنڌي رسمن رواجن کي بحال ڪرڻ هجڻ کپي. اسان ڪٿي به هجون پر اسان سڀني جو هڪ الڳ زندگيءَ جو طريقو آهي، عادتون، پوشاڪ ان حد تائين جو ڀوڳ چرچا به هڪجهڙا آهن. اسان کي انهن کي اپنائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. اسان کي پاڻ کي سنڌي چوڻ ۾ هٻڪ ختم ڪرڻ گهرجي، اهو ضرور ياد ڪرڻ گهرجي ته اسان جي هڪ ڊگهي تاريخ، انوکو ڪلچر ۽ علم جو خزانو آهي.
    سنڌيءَ جو آئيندو اسان جي هاڻوڪي نسل جي هٿن ۾ آهي. هيءَ ان جي ذميواري آهي ته هو ان کي محفوظ ۽ مٿانهون رکي. ٻي صورت ۾ اها ذرا پرزا ٿي ويندي ۽ ٻين ڇانيل ٻولين ۾ ڳري ويندي. ان سلسلي ۾ الائنس آف سنڌي ايسوسيئيشن آف آمريڪااِنڪ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اهو اتحاد سنڌي ٻولي ۽ تهذيب جي تحفظ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺي ٿو ۽ مختلف ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي ساليانا ميڙ ڪرڻ ذريعي ٻولي ۽ ڪلچر کي وڌ ۾ وڌ وسيع ڪئنواس ڏئي ٿو، جيئن هن ڀيري جڪارتا ۾ ميڙ ڪري ڪيترن ئي سنڌين کي اتساهه بخشيو ويو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻولي محفوظ ڪرڻ تهذيب کي بچائڻ آهي: رام گلراجاڻي

    سٺو مضمون آهي۔

    تهذيب ۽ ٻوليء کي بچائڻ لاء ادارا ۽ عوام ڪم ڪندو آهي۔ بد قسمتيء سان اسان جا ادارا ڪم ڪونه پيا ڪن يا وري اهي سياست جي ور چڙهيل آهن۔ ثقافت کاتي هن دفعي سٺا ڪتاب ڇپايا آهن ۽ ثقافتي پروگرام ڪيا آهن پر انهن کي به سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي۔ ٻوليء کي بچائڻ لاء اهو ضروري آهي ته موجوده دور جي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن گيپ کي پورو ڪجي۔

    سنڌي ٻولي يونيڪوڊ تي هجڻ باوجود اسان جي ادارن ان کي ڪمپيوٽر جي ٻوليء ۾ شامل ڪرائڻ لاء نه ته ڪي سنجيده ڪوششون ڪيون آهن ۽ نه ئي وري ادارن ڪو وڌيڪ ڪم ڪيو آهي۔ اردو ٻولي موبائل جي استعمال ۾ آهي، عربي به آهي پر افسوس جو سنڌيء تي ڪم ڪونه ٿيو آهي۔

    اسان جا وڏا اديب ۽ مفڪر پڻ رسالن ۽ ڪتابن تائين محدود آهن۔ هاڻي دور ڊجيٽل ميڊيا جو آهي، تنهنڪري اسان کي اڳتي ڏسڻو پوندو۔ ٻيء صورت ۾ اسان رومن سنڌيء طرف وڌنداسون جيڪا سمجهڻ لاء اسان کي وقت گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو