بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي عورتن لاءِ اتساهه جي علامت طور زنده رهندي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    آچر ڏينهن، بيگم نصرت ڀٽو جي موت کانپوءِ پاڪستان جي تقريبن سموري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي، موت ۽ المياتي سفر کي 24 ڪلاڪ ڪور ڪري رهي آهي ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي ’مادر جمهوريت‘ (mother of democracy) قرار ڏئي رهي آهي تڏهن بيگم صاحبه جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ زندگيءَ جو هڪ نقطو اسان هتي ضرور ڌيان تي آڻڻ چاهيون ٿا ۽ اهو آهي پاڪستان جي جبر هيٺ رهندڙ اڌ آبادي عورت جو هن جي زندگيءَ، جرئت ۽ جمهوريت لاءِ ثابت قدم جدوجهد مان اتساهه وٺڻ وارو آهي. هلندڙ سال جڏهن عورتن جي جدوجهد ۽ نجات لاءِ ڪم ڪندڙ 3 عورتن کي نوبل انعام سان نوازيو ويو، تڏهن اسان نه چاهيندي به بيگم نصرت ڀٽو جي انهن جي ڪارج ۽ قربانين سان ڀيٽ ڪيون ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد، ڪارج، مقصد ۽ قربانيءَ سان ڪنهن کي به برابر نه ٿو ڪري سگهجي.
    جنرل ضياءَ الحق جي 11 سالن واري آمريتي دور ۾ عورتن خلاف مت ڀيد وارا ڪارا قانون رڳو بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي نظر ۾ رکي لاڳو ڪيا ويا هئا. ضياءَ الحق جي سياهه دور ۾ جمهوريت، عورتن جي برابري ۽ عورتن جي سياسي جدوجهد ۾ برابري واري ڪردار جي حوالي کان جيڪا contribution بيگم نصرت ڀٽو جي هڪ بيوهه ۽ هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ هئي ان جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. رڳو ننڍي کنڊ نه پر اوهان ڏکڻ ايشيا توڻي پوري دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ عورت کي اٿاهه قربانين ۽ زندگيءَ ڀر واري ثابت قدم جدوجهد جي تارازيءَ ۾ وجهندؤ ته بيگم نصرت ڀٽو جو پلڙو ڀاري رهندو.
    جي ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو چاهي ها ته هوءَ باقي زندگي آرام سان لنڊن يا پئرس ۾ گذاري پئي سگهي پر هن ان بجاءِ جدوجهد جو اڻانگهو رستو ورتو. بينظير ڀٽو جي عمر ان وقت 23 سال هئي ۽ هو ٻاهر تعليم حاصل ڪري رهي هئي. جڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي. انهيءَ مرداڻي جاگيردار سياسي ماحول ۾ 23 سالا بينظير ڀٽو جي سياسي تربيت جو سمورو ڪريڊٽ (سَهرو) بيگم نصرت ڀٽو کي وڃي ٿو. محترمه کي اردو نه ايندي هئي، اردو سيکارڻ کان هزارين لکين ماڻهن آڏو اسٽيج تي خطاب ڪرڻ ۽ سر تي رئو ڍڪڻ تائين اها نصرت ڀٽو هئي جنهن محترمه کي سيکاريو ته پاڪستان جهڙي مرداڻي سماج ۾ سياست ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. سندي محبوب ور جي المناڪ ڦاهيءَ، وزيراعظم هائوس کان نظربندي ۽ جيل خانن تائين پهچڻ وارن صدمن ۽ ٻن ٽين ايج پٽن جي جلاوطني ۽ ٽٽل ۽ ويران آشيانيءَ وارين انيڪ صعوبتن ۽ تڪليفن، اذيتن ۽ الزامن جي سنگباريءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جهڙيءَ ريت پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو، سندس اها جرئت ۽ حوصلو هن کي دنيا جي عظيم عورتن ۾ شمار ڪري ٿو. جمهوري مقصد لاءِ ڀٽو خاندان ۽ خاص طور نصرت ڀٽو صاحبه جو ڪردار هاڻ دنيا جي جمهوري تاريخ جو شاندار باب آهي.
    قذافي اسٽيڊيم ۾ ضياءَ جي ڇاڙتن هٿان سِر ۾ لٺ لڳڻ سبب رتورت ٿيڻ کان، ڪينز فرانس جي هڪ فليٽ مان پنهنجي نوجوان پٽ شاهنواز ڀٽو جي پراسرار موت کي برداشت ڪرڻ ڪنهن عام عورت جي وس جي ڳالهه نه آهي. پاڪستاني آمرن عورتن جي سياسي ڪردار کي ڪچلڻ لاءِ امتيازي قانون لاڳو ڪيا پر ان باوجود نصرت ڀٽو صاحبه توڻي محترمه بينظير ڀٽو تاريڪيءَ ۾ لاٽ ٻارڻ وارو عمل جاري رکيو- ۽ اهو عمل مير مرتضيٰ ڀٽو جي سندي ئي گهر ستر ڪلفٽن جي ڀر ۾- پوليس هٿان مارجڻ واري ناقابل برداشت صدمي تائين جاري رهيو. انهيءََ صدمي کيس پوءِ هوش ۾ ئي رهڻ نه ڏنو ۽ عليل حالت ۾ هوءَ دبئي رواني ڪئي وئي ۽ ويندي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان به هوءَ بي خبر رهي جو ان وقت تائين هوءَ يادداشت ۽ ڪجهه سمجهڻ کان لاچار هئي. بيگم نصرت ڀٽو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سسئي واري ڪردار جيان هئي جنهن ڪيئي لڪ لنگهي پير پٿون ئي نه ڪيا هئا پر روح به پٿون پٿون ڪري ڇڏيو هو. هن جو اندر لطيف سائين جي ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن ڦٽي ٿيو ڦارون“ جي مثل هو.
    جي پاڪستان جي خون آلود جمهوري تاريخ ۾ ڪا خاتون ”مادرِ جمهوريت“ جي مستحق آهي ته اها بنا شڪ جي بيگم نصرت ڀٽو صاحبه آهي. نه رڳو اهو پر پاڪستاني عورتن جي جدوجهد ۾ هوءَ هڪ اتساهه ۽ هڪ جرئت جي مثال طور زنده رهڻي آهي. پاڪستاني عورتن جي نجات، خوشحالي، برابري ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ حلقن ۽ ڌرين کي بيگم نصرت ڀٽو جي ثابت قدم جدوجهد ۽ قربانين واري عظيم مثال مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هڪ حوالي کان بيگم نصرت ڀٽو جي انهيءَ جدوجهدجي پڄاڻي ٿي پر روحاني طور هن جي جدوجهد ۽ ڪردار تاحال عظيم جدوجهد ۾ اتساهه جي مثل اسان وٽ زنده رهندو.
    "عبرت ايڊيٽوريل"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو