ڏياري ڇو ملهائبي آهي۔۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    [​IMG]

    ڏياري يا ديپاولي...جنهن کي عام طرح سان روشنين جو تهوار ڪري به چيو ويندو آهي... هي تهوار هندو ڪئلينڊر جي مطابق 28 اسوُ مهيني ۾ ايندو آهي جيڪو خاص ڪري انگريزي حساب سان آڪٽوبر يا نومبر ۾ پوندو آهي... انڊيا، نيپال، سري لنڪا، ميانمر، موراشز، گيانا، ترنيداد ۽ توباگو، ملائيشيا ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ڏينهن تي عام موڪل هوندي آهي... خيئر سرڪاري موڪل هجڻ جي باوجود به انڊيا ۾ پرائيوٽ بزنس کليل هوندو آهي.. هندن جو عقيدو آهي ته ان ڏينهن تي لڪشمي ماتا (دولت جي ديوي) سڀني جي گهر ايندي آهي جنهن ڪري هو پنهنجا ڪاروبار کليل رکندا آهن.. ۽ ان ڏينهن تي پنهنجي گهر جي دروازي تي طرحين طرحين جي مصنوعي ڊيڪوريشن لڳائي ڪري سجائيندا آهن... ۽ شام ٿيندي ئي پنهنجي گهر جي ديوارن تي ڏيئا لڳائيندا آهن... جنهن ڪري هن ڏينهن کي ڏياري يا ديپاولي ڪري چيو ويندو آهي.. ديپاولي جي لفظي معنيٰ آهي ڏيئن جي قطار...

    ڏياري جي ڏينهن تي هندو ڪٿائن جي مطابق ڪيترائي ڀلوڙ ڪم ٿيا هئا... جيئن ان ڏينهن تي شري رامچندر جيڪو پنهنجي پيءُ جي وچن کي سچو ڪرڻ لاءِ 14 سال جنگل ۾ رهيو هو.... ان ڏينهن تي شري رامچندر پنهنجي ڀاءُ لڪشمن ۽ پنهنجي زال سيتا سميت واپس پنهنجي ديس ايوڌيا ۾ واپس وريو هو...

    ان ڪهاڻي جي گهرائي هن نموني آهي ته هڪ ڏينهن رامچندر جو پيءُ راجا دسرٿ ڪنهن جنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو.. جنهن کي ان جي زال پنهنجي مڙس کي بچائي ورتو ۽ بدلي ۾ راجا ان کي چيو ته گُهر جيڪو گهُرڻو اٿئي..تنهن تي ان مهاراڻيءَ چيو ته مان وقت اچڻ تي گهُرندس،

    ۽ آخرڪار اهو وقت تڏهن آيو جڏهن رامچندر کي راج گدي ملڻ واري هئي ۽ ان پنهنجي مڙس کي اهو چيو ته مان توهان کان هاڻي 2 وچن گهُرندس.. .
    1) رامچندر 14 سالن جي لاءِ بنواس (جنگل واسي) هليو ويو
    2) مُنهنجو پٽ ڀرت ان راج کي سنڀالي...

    دسرٿ کي 3 زالون هيون جن مان کيس 4 پٽ هئا...
    خيئر ڳالهه کي کٽائيندي راجا ان ڳالهه جي ڪري راضي ٿي ويو ته سندس خاندان جي اها رسم هئي ته ڪوبه پنهنجي ڪيل واعدي کان مڪرندو نه هيو....

    ۽ اهي 14 سال رامچندر بنواس( جنگل) ۾ رهيو ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن هو واپس پنهنجي ديس ۾ آيو...انهن 14 سالن جي دوران هن جو پيءُ سندس جنگل وڃڻ جي 6 ڏينهن اڳڀڙو مُنهنجي مطلب هن دنيا ۾ چالاڻو ڪري ويو...

    هونءَ ته ان ڏينهن سان جڙيل ڪيترون کي ڪهاڻيون آهن.. پر انهن سڀني مان خاص اها آهي جيڪا مون توهان کي ٻڌائي... هر علائقي ۾ پنهنجي پنهنجي نموني ديواليءَ جي پوجا ٿيندي آهي..

    سدائين گڏ
    سنڌسلامت، ساٿ سلامت
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏياري ڇو ملهائبي آهي۔۔۔۔

    رنجيت جي مهرباني جنهن اسان کي ڏياريء بابت ڄاڻ ڏني۔ ان سلسلي ۾ عبرت ۾ ڇپيل هڪ مضمون به دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو۔

    شيوا جي اوچي آدرش ۽ اونداهي مان روشني ڪندڙ ڏڻ ڏياري
    ڊاڪٽر ونود ڪمار اداسي

    [JUSTIFY] رات جي خاموشي کي ڦٽاڪن جي ٺڪائن سان ٽوڙي پرزا پرزا ڪندڙ ڏياري جو مهان ۽ سُندر ڏڻ جيڪو سياري جي آمد جو پيغام ساڻ ڪري هر سال جيان هن سال به ڪتيءَ جو مهينو شروع ٿيڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ اسوءَ مهيني جي ٻاٽ اماس راتي تي يعني 27 تاريخ تي وڏي جوش، جذبي ۽ اڪير سان ٽن ڏينهن تان ملهايو ويندو . اهو ڏڻ ڏياري جنهن ۾ وڏي سڪ، شردا ۽ پوڄا ڀري مهانتا سمايل آهي اُهو هندو برادري جو سڀ کان وڏو تهوار آهي. ڏياري کي هندي ۾ ديوالي ، مارواڙي ۾ ڏيواڙي ۽ سنسڪرت ۾ ديپاولي جي سندر نالن سان پڪاريو وڃي ٿو. جنهن جي معنيٰ ڏياٽين جو اُتسئو يا ڏيئن جون قطارون جن جو اصل مطلب ته اگيانتا جو انڌڪار مٽائي ڀڳتي گيان ۽ پريم جو پرڪاش نکارڻ آهي. يعني اونداهي تي روشني جي فتح ۽ باطل تي حق جي فتح جي علامت.

    ”موسمي تهوار“ ڏياري هڪ طرف آگيا پالڻ، ستيه جو هوڪو، سيتا ماتا جي پتي ورتائي ، ستيه پرتگيا، ناري ۽ شيوڪ ڌرم ، رام لڇمڻ، انجني پتر هنومان ۽ ڀرت جو اٽوٽ خلوص، ڏک سُک ۾ هڪجهڙائي، راوڻ ڪجي جبر جو داستان ۽ شيوا جو اوچو آدرش آهي ته ٻئي پاسي وري در درين تي ميڻ بتيون ٻارڻ، گهرن ،دڪانن جون صفايون ڪرڻ، مندرن، گردئارن تي چراغان ڪرڻ، هٽڙيون ٻارڻ، ميلوڙا کڻڻ، ڏيئا ۽ ڦٽاڪا ٻاري اونداهي مان روشني ڪندڙ وشنو ڀڳوان جي پتني ۽ ڌن جي ديوي مهالڇمي جي پوڄا، ڏک سک ونڊڻ، نفرتون ۽ پاپ ناس ڪرڻ ۽ روشنين جو سندر ۽ شاندار سهانو ڏڻ پڻ آهي. هڪ سال گذري وڃڻ کانپوءِ اڄ وري جڏهن گهرن ۽ دڪانن کي رنگ ٿيڻ، رات جو گهرن ۽ دڪانن جي درن ۽ ديوارن تي ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻري ڏينهن جهڙو سهائو ڪن، چئو طرف مٺائي جي مهڪ اچي، رات جي خاموشي کي ڦٽاڪن جا ٺڪاءُ ٽوڙي پرزا پرزا ڪن، اماوس جي اونداهي آڪاس ۾ کڙندڙ تارن سان گڏوگڏ چرخين ، ڦٽاڪن ۽ آتشبازي سبب سوين تارا ڏسڻ ۾ اچن ۽ چئوطرف خوشين جي هٻڪار، مرڪن جي مهڪار، بهشت جهڙي بهار، آنند جهڙي اُڪير هجي، ننڍن وڏن، ٻارن ۽ ٻڍڙن جي وات مان ٽهڪ ٽڙندي نظر اچن ته پڪ سمجهو ته اڄ مرڪن ، خوشين، ٽهڪڙن، شيوا جي اوچي آدرش ۽ اونداهي مان روشني ڪري خوشيون وکيريندڙ ڏڻ ڏياري ئي آهي. اڄ کان اٽڪل انيڪ سال اڳ ايوڌيا ننگري ۾ راجا دسرت جي راڄداني هئي. ايوڌيا ننگري ۾ انياءَ جو ته نالو نشان ئي ڪو نه هو سڄي پرجا سک شانتي سان رهندي هئي ايتريقدر جو شينهن ٻڪري به هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا هئا پر انهي باوجود راجادسرت تمام گهڻو مايوس نظر ايندو هو. هڪ دفعي راجا دسرت شڪار لاءِ نڪتو ته کيس جهنگل ۾ سج لهي ويو ۽ چئوطرف انڌير ڇائنجي ويو انهي مهل نديءَ جي ڪناري تي پنهنجي پتا شانتو ۽ ماتا گيان ونتي لاءِ سندن پٽ شروڻ ڪمار پاڻي ڀري رهيو هو. ڇاڪاڻ جو سندس ماتا ۽ پتا ٻئي سورداس (اکين کان معذور) هئا. پاڻيءَ جي گُڙ گُڙ جو آواز ٿيو جنهن تي راجا سرٿ سمجهيو ته ڪو جانور آهي جيڪو نديءَ مان پاڻي پي رهيو آهي ۽ راجا هڪدم شڪار سمجهي تير هلايو جيڪو سڌو شروڻ ڪمار جي سيني ۾ وڃي لڳو ۽ هو تڙپي تڙپي مري ويو. جڏهن اها خبر شروڻ ڪمار جي سُورداس ماتا پتا کي پئي ته انهن سراپ ڏنو ته جنهن ماڻهو اسانجي ٻچڙي کي ماري اسان کان اسانجو سهارو کسيو آهي اهو به پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾ تڙپي تڙپي مرندو.

    راجا دسرت جنهن کي ٽي زالون هيون جنهن مان وڏي راڻي ڪوشليا مان شري رامچندر، سمترا مان لڪشمڻ ۽ شتروگهن ۽ ڪيڪئي مان ڀرت پيدا ٿيا. راجا دسرت جڏهن پوڙهو ٿيو ته هن پنهنجي وڏي ۽ مهندار پٽ شري رامچند ر کي پنهنجو جانشين بنائڻ جو فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه سندس ٽين راڻي ڪيڪئي کي نه وڻي ۽ هن پنهنجي پتي راجا دسرت کي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان مونکي ڏنل وچن پاڙيو. پهريون وچن رامچندر 14 سال بنواس وڃي ۽ ٻيو وچن ته منهنجو پٽ ڀرت راڄ گدي تي ويهي راڄ ڪري. اهڙا ڪٺور وچن ٻڌي راجا دسرت کي جهٽڪو لڳو پر هن وچن نڀائڻ خاطر دل تي پٿر رکي چيو ته پراڻ جائي پر وچن نه جائي. جڏهن اها خبر شري رامچندر کي پئي ته هو محل جا سک ڇڏي پنهنجي زال سيتا ۽ ڀاءُ لڇمڻ کي ساڻ ڪري بن ڏانهن روانو ٿيو. بن ۾ گهمندي گهمندي جڏهن گوداوري نديءَ جي ڪناري ڏنڊڪ بن ۾ پهتو ته اتي لنڪا جي راجا راوڻ دوکي ۽ فريب سان سيتا کي کڻي وڃي لنڪا ۾ قيد ڪيو ۽ شري رامچندر دکڻ جي راجا سُگريو ۽ پون پتر هنومان جي مدد سان سيتا کي راوڻ جي قيد مان آزاد ڪرائي پاپي دُشٽ راجا راوڻ کي ماري پنهنجي پتا راجا دسرت جي وچنن جي پالنا ڪري 14 سال بنواس ڪاٽي واپس موٽڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.

    هوڏانهن ايوڌيا ۾ راجا دسرت شري رامچندر جي وڇوڙي ۾ هاءِ رام هاءِ رام ڪندي تڙپي تڙپي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جو اگني سنسڪار ڀرت ڪيو. ڀرت راجائي سکڙا سويڪار نه ڪري تخت تي رامچندر جون چاکڙيون رکي ونهوار هلائيندو رهيو. ڏياري جو لاڳاپو قسم، ڌن ۽ سمپتي جي ديوي لڪشمي سان پڻ آهي. ڏياري جي رات شڀ ۽ لاڀ چئوگهڙين ۾ لڪشمي جي پوڄا ڪرڻ سان گهرن ۾ ڌن سمپتي ۽ خوشحالي ايندي آهي. شري رامچندر جڏهن 14 سال بنواس ڪاٽي سيتا ماتا ۽ لڇمڻ سان گڏ جڏهن واپس ايوڌيا موٽيا هئا ته ايوڌيا واسين رستن کي سينگاري گهرن جون صفايون ڪيون. چئوطرف ڏيئا ٻاري روشنيون ڪيون ويون ۽ خوشيءَ جي اظهار طور ڦٽاڪا ٻاري خوشيون ۽ جشن ملهايو جنهن کان پوءِ هرسال جيان اڃان تائين ڏياري جو تهوار ساڳئي جذبي ۽ خوشين سان ملهايوپيو وڃي. ڏياري جو لاڳاپو سنڌ جي موسمن سان پڻ آهي زراعت تي دارومدار رکندڙ هن خطي جا ماڻهو ڏياري ڌاري فصل لهڻ سبب گهڻا خوش هوندا آهن ۽ ڏياري تي اهو پڻ چيو ويندو آهي ته ”ڏياري جو ڏيئو ٻريو. ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. انهي کان علاوه ڏياري انهي موسم ۾ اچي ٿي جڏهن سنها سنها سيءَ شروع ٿين ٿا ۽ موسم گرميءَ مان ڦري سرديءَ جي مستي طرف ويندي محسوس ٿئي ٿي . گهڻو ڪري اڪثر گهراڻن ۾ ڏياري کان ئي مانيءَ ۾ تبديلي ٿئي ٿي. رات جو چانور کائيندڙ خاندان هن ڏينهن کان ڏينهن جو چانور ۽ رات جو ماني کائڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڏياري کانپوءِ شادين جي موسم پڻ شروع ٿيندي آهي. مطلب ته ڏياري کان هر طرف خوشيون ئي خوشيون هونديون آهن. پر اسانکي اهو ياد رکڻ گهرجي ته خوشين ۾ غريبن ، پاڙيسرين ۽ رٺلن کي هرگز وسارڻ نه گهرجي. جيئن ته ڏياري ٺيڪ 10 ڏينهن پوءِ عيد الاضحيٰ پڻ آهي جنهن لاءِ اچو ته هميشه جيان گڏجي ڏياري ۽ عيد جون خوشيون ملهايون ۽ اسانجي پياري ملڪ پاڪستان لاءِ دعائون گهرون ته شل اسانجو ملڪ هميشه خوشحال آباد ۽ سرسبز رهي.[/JUSTIFY]
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڏياري ڇو ملهائبي آهي۔۔۔۔

    هون ته ننڍپڻ کان اسان پنهنجن سنڌي هندو دوستن کي ڏياري وارو ڏينهن ملهائيندا ڏسندا آيا آهيون، پر جيئن ته ان جي اصل ڪٿا جي ڪا ڄاڻ نه هئي انڪري اڄ جڏهن سنڌ سلامت جي سهڻي دوست سليمان، اڄ جي ڏهاڙي تي دوستن کي واڌايون ڏنيون ته موقعي مناسبت سان مون به سوال ڪري وڌو ۔۔۔۔ ۽ انجو ڦل اهو مليو جو رنجيت ۽ سليمان جي هن ونڊ سان اها خبر پئي ته هندو مت ۾ هن ڏهاڙي کي تمام وڏي اهميت آهي ۔۔۔ خوشين جو ڏهاڙو ۔۔۔ ڌن دولت جو ڏهاڙو ۽ ديوين ديوتائن سان منسوب ٿيل آهي هي ڏهاڙو ۔۔۔

    سڀني سنڌي هندو دوستن کي هن ڏڻ جو ڍير ساتريون واڌايون هجن ۔۔۔۔ دعا ٿا ڪريون ته سنڌ سموري سکيي ستابي ۽ خوشين سان هميشه مالا مال رهي ۔۔۔ آمين

    سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست، مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڏياري ڇو ملهائبي آهي۔۔۔۔

    ادا رنجيت ۽ ادا سليمان وساڻ ڏياري جي باري ۾ توهان جي ٻڌايل معلومات اسان جي علم ۾ نه هئي۔اڄ پهريون دفعو ان جي اهميت جي باري ۾ خبر پئي آهي ۔ توهان ٻنهي جي تمام وڏي مهرباني۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏياري ڇو ملهائبي آهي۔۔۔۔

    [JUSTIFY]ڏياري: محبت ۽ ايثار جو ڏڻ

    سنڌ جا ماڻهو ديوالي کي ڏياري چوندا آهن، ڪي وري هن ڏهاڙي کي ديپاولي به چون، ڇاڪاڻ ته هن تهوار جو واسطو ڏيئن ٻارڻ يعني جوت جلائڻ سان آهي. هي ”ڏڻ“ ملهائڻ جي پس منظر ۾ وشنو ديوتا جي پوڄا ڪرڻ جو تصور شامل هوندو آهي. وشنو ديوتا جي ڌرم پتني جو نالو ”لڪشمي ديوي“ آهي، جنهن کي اسان جي سڀيتا ۾ لڇمي ديوي به سڏيندا آهن. لڇمي ديوي ڌن، دولت، مال ملڪيت، ترقي ۽ واڌاري يعني شان جي علامت آهي.

    اهڙي طرح ٻي ديوي جو نالو سرسوتي آهي، جيڪا فنون لطيفه، علم، ڄاڻ، دانائي ۽ سياڻپ جي علامت آهي. ڏياريءَ جي ڏينهن تي ماڻهو پنهنجي گهرن ۽ دڪانن کي رنگ روپ ڏئي سينگاريندا آهن ۽ انهن کي شاندار بڻائيندا آهن، گهرن ۽ دڪانن کي به ڏيئن جي روشني يعني جوت يا نور سان روشن ڪندا آهن. انهيءَ موقعي تي آتش بازي ڪئي ويندي آهي ۽ مختلف قسمن جون مٺايون گهرن ۾ تيار ڪري دوستن ۽ مائٽن ۾ ورهايون وينديون آهن.

    ديوالي جو هي شڀ تهوار هر سال اماوس ۾ ملهايو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اماوس تي انهيءَ جو اچڻ اسان کي اهو سمجهائي ٿو ته اسان زندگي ۾ ايڏي ڪاري رات کي ۽ ايڏي ڏک ۽ نااميديءَ کي خوشي ۽ پيار جي روشن مشعل سان، ڦٽاڪن جي ٺڪائن ۾ ايڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سگهون ٿا. ڏياريءَ جي ڏينهن شري رامچندر فرمانبرداريءَ جو تمام سٺو مثال قائم ڪيو هو. هن پنهنجي والد جو حڪم مڃيندي، ايوڌيا جهڙي سهڻي نگري کي ڇڏي، محل ماڙيون تياڳيندي 14 سال بنواس يعني جهنگ ۾ گذاريا هئا ۽ لڪشمڻ جهڙي وفادار ڀاءُ شري رامچندر کي اڪيلو جهنگ ۾ ڇڏڻ بجاءِ پاڻ به انهيءَ سان گڏ جهنگ ۾ وڃي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ سيتا جهڙي ”پتني“ يعني وني جنهن سچي زال هجڻ جي رشتي کي نڀائيندي ايوڌيا نگري جي محل ۽ ماڙين کي ڇڏي، پنهنجي ور سان گڏ جهنگ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني هئي. اهي سڀ مثال اسان کي انساني اعليٰ گڻ سيکارين ٿا. انهيءَ ڏينهن تي شري رامچندر راجا راوڻ کي شڪست ڏئي واپس ايوڌيا نگري موٽيو هو. ماڻهن خوشيءَ ۾ ڏيئا ٻاري مٺايون ورهائي، ڏياريءَ جو ڏڻ ملهايو هو ۽ ايوڌيا نگري واسين انهيءَ رات گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گهرن کي روشن ڪيو هو. انهيءَ خوشي جي ڏهاڙي تي ماڻهن هڪ ٻئي سان ملي محبت، خلوص، ٻڌي ۽ ايڪتا جو وچن ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ايوڌيا نگري جي ماڻهن پراڻيون دشمنيون ختم ڪري زندگي جو نئون باب ۽ نئون سال شروع ڪيو هو.

    ان ڏينهن تي ايوڌيا جي ماڻهن کي ايتري خوشي هئي، جو شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو. هن ڏهاڙي جو اسان جي سڀيتا، تاريخ، جاگرافي توڙي وڻج، واپار سان گهرو تعلق آهي. پراڻي زماني ۾ سنڌ جا پرڏيهه ويندڙ وڻجارا يعني واپاري هي ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ کان پوءِ پرڏيهه وڃڻ لاءِ سانباها ڪندا هئا. اهي وڻجارا 6 يا اٺن مهينن لاءِ پنهنجي ڪٽنب کان پري رهي، واپار سانگي پرڏيهه ۾ گذاريندا هئا، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڏياريءَ جو ذڪر پنهنجي سر سامونڊي ۾ ڪيو آهي. ڏياري جو مقصد ڀٽڪيل دنيا کي نئين زندگي ڏيڻ آهي. مايوس چهرن تي مرڪون ۽ خوشيون آڻڻ ۽ معاشري کي نئون نياپو ڏيڻ آهي.

    دنيا جي پريشان حال ماڻهن کي محبت ۽ امن جو پيغام ڏيڻ آهي. ڏياري جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي جو اڄ گمراهي ۽ تنگ نظري چوٽ چڙهيل آهي. دنيا اندر تنگ نظري، حالات، واقعات ۽ تبديلين کي ڏسندي اهڙي معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جيئن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ خوشي ملي سگهي، جيڪو ڏياري جو درس آهي. عيدن، ڏيارين ۽ خوشين جي ٻين ڏهاڙن تي اسان کي پنهنجي آس پاس رهندڙ غريب ماڻهن تي ضرور نظر ڦيرائڻ گهرجي. هونئن به هن وقت برسات جي تباهين کان پوءِ سنڌ جا لکين ماڻهو روڊن ۽ واهن جي ڪنارن تي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. جڏهن اسان کي انهن جي دربدري جو احساس ٿئي ٿو ته ان وقت ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور ايندي آهي ته دولتمند ماڻهن لاءِ ته سال جا سڀئي ڏهاڙا عيدون ۽ ڏياريون هونديون آهن، ڇو جو انهن وٽ دنيا جون سڀ سهولتون موجود آهن پر انهن غريب ۽ دربدر ٿيل مسڪين ماروئڙن جون ڪهڙيون عيدون ۽ ڏياريون، جن وٽ هن خوشي جي ڏهاڙي تي رڳو پريشاني، لاچاري ۽ بيوسي آهي. انهن خوشي جي ڏهاڙن تي به انهن ويچارن کي صرف ماني ۽ اجهي جي ڳولا آهي، جيڪي مختلف علائقن ۾ روڊن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي بي يار و مددگار هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن. اهي مسڪين ماروئڙا پنهنجن ٻچن کي هن خوشي جي ڏهاڙي تي ڪهڙي خوشي ڏئي سگهندا؟ اهي ته پاڻ هن خوشي جي موقعي تي هر آسائش کان محروم آهن. انهن درد جي ستايل ۽ مصيبت جي ماريل مسڪينن جي اسان کي وس آهر ضرور مدد ڪرڻ گهرجي.
    نينا نهال /حيدرآباد[/JUSTIFY]

    ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
     
  6. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    خوشين جو وڏو ڏڻ ڏياري
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    رب سائين ڪائنات کي انسان جي رهڻ ۽ سندس جي عبادت ڪرڻ لاءِ پيدا فرمايو آهي هن رنگا به رنگي دنيا ۾ انسان کي ڪڏهن خوشين سان ته ڪڏهن وري ڏکن سان ڏينهن گهارڻان ٿا پون ، هن سموري ڪائنات ۾ ڪيترن ئي مذهبن ۽ عقيدن جا انسان رهن ٿا جيڪي پنهنجي پنهنجي مذهبي ڏڻ کي وڏي عقيدت سان ملهائيندا رهندا آهن ،سموري دنيا ۾ وري هندو ڌرم جووڏو ڏينهن ڏياري (ديوالي ) سونهاري سنڌ ۾ پڻ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ به نهايت عقيدت سان ملهائي پنهنجن خوشين ۾ اضافو ڪندا آهن هن ڏينهن تي هو پنهنجن گهرن ، مندرن ، دوڪانن مٿان زيب ڀريندڙ گلن جو سجاوٽ پڻ نهايت لاجواب نموني سان ڪري سينگاريندي نظر ايندا آهن .هن رات هندو ڌرم جا پوڄاري ميڻ بتيون ،ڏيئا ۽ ڄاٽيون ٻاري رات کي ڏينهن جهڙو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهن ڇڏيندا ڏياري جي رات هندو ڌرم جا عقيدت مند ڦٽاڪن سان وڏا وڏا ٽڪا ڪڍي خوشي جو اظهار پڻ ڪندي خوش ٿيندا آهن ٻيو ته هن رات مندرن ۽ گهرن ۾ خاص عبادتون ڪندا آهن جڏهن به هي ڏينهن اچڻ جي تاريخ ويجهو ايندي آهي ته هندن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ صفائي پڻ نمايا نظر ايندي آهي ، هندو ان تهوار تي پنهنجي پاڙيسرين کي پنهنجن خوشن جو ڀاڱي ڀائيوار ڪندا مٺايون ۽ ٻيا تحفا پڻ ڏيندي نظر ايندا آهن هندو ڌرم جا عقيدمند هن تهوار (ڏڻ ) کي ڪوڙ کان ڇوٽڪاري ۽ حق ۽ سچ جي ڪاميابي جو (ڏڻ ) سمجهندا آهن ،سندن جو عقيدو آهي ته ( لڪشمي ) دولت جي ديوي ، پنهنجن ٻانهن تي وڏي مهر جي نظر ڪندي ڌن ،دولت سان جئ کي نوازيندي آهي قديم وقت کان وٺي هندو ڌرم جا پوڄاري اڄ به ان جوش جذبي سان (ڏيئا ٻاري ڦٽاڪن جي آواز جي گونج ) سان هي تهوار ملهائيندا آهن . عام طرح سان ڏياري يا ديوالي کي روشنين جو (ڏڻ ) به مڃوويندو آهي هي تهوار هندو ڪئلنڊر جي مطابق 28 اسو مهيني ۾ آمد ٿيندي آهي جيڪو خاص ڪري جارجين ڪئلنڊر (انگريزي مهينن جي حساب سان وري آڪٽوبر يا نومبر مهيني ۾ پڻ ملهايو ويندو آهي ، هندون جي هن وڏي مان وڏي (ڏڻ) کي هندي زبان منجهه (ديوالي ) ۽ ديپاولي ۽ سهڻي مٺڙي ٻولي سنڌي منجهه وري (ڏياري ) ڪوٺيو ويندو آهي هن تهوار تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون حڪومتون عام موڪل ڪنديون آهن جن ۾ سريلنڪا ، نيپال ، هندوستان ، ملائيشيا ، گيانا ، سينگاپور ۽ جڏهن ته اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ان ڏينهن هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ملازمن کي عام موڪل ڪندي آهي .دنيا جي ٻين ملڪن کانسواءِ آمريڪا ملڪ ۾ هي تهوار ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته سال 2003ع کان وٺي آمريڪا وائيٽ هائوس منجهه هي ڏڻ ڏياري پهريون ڀيرو وڏي جوش جذبي تحت ملهايو ويو ۽ 2007ع منجهه آمريڪي ڪانگريس هن ڏڻ ڏينهن کي سرڪاري درجو (آفيشل اسٽيٽس ) پڻ ڏنو جڏهن ته 2009ع ڌاري آمريڪي صدر بارڪ اوباما (وائيٽ هائوس ) ۾ ڏياري تقريب جو افتتاح پڻ ڪيو ، سونهاري سنڌ جيڪا امن سلامتي واري سر زمين ڪوٺي ويندي آهي هن ڌرتي جي دنيا جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح پڻ پنهنجي من جو آواز پنهنجي شاعري وسيلي هندن جي ڏڻ (ڏياري ) کي پڻ پنهنجي ڪلام جي واهه جو زينت بڻايو آهي پاڻ سر سامونڊي جي داستان ٽيون ۾ فرمائي ٿو ته

    ڏٺي ڏياري سامنڊين سڙه سنباهيا ،

    ان کي مند اتر جي اوچتي آئي ،

    وڻجارن وائي آهي پرين پار جي .

    اهڙي طرح هندو ڌرم کان علاوه ڏياري (جين مت ۽ ٻڌ مت ) جا عقيدتمند پڻ هي ڏينهن ملهائيندا آهن سونهاري سنڌ ۾ هن تهوار ڏياري جو خوشيون پڻ ڏسڻ وٽان هونديون آهي اڄ هي تهوار منهنجي پياري شهر (وارهه ) سميت سڄي سنڌ ۾ وڏي عقيدت سان پڻ ملهايو ويندو هندن ڀائرن کي اڄ هندن سان گڏ مسلمان پڻ مبارڪون چوندي نظر ايندا منهنجي نماڻي ڌڻي در دعا ته شال سنڌ سلامت ۽ امن ، خوشين جو گهوارو رهي هندو ڀائرن کي (ڏياري ) جون کوڙ ساريون وڌايايون ۽ مبارڪون​
     
    آخري ترميم: ‏28 آڪٽوبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو