نثارابڙو
نائب منتظم
ايڪتا جي سگهه
جهڙيءَ طرح سان ماکيءَ جون مکيون پنهنجي پوري سگهه استعمال ڪري، راڻيءَ جي چوڦير پنهنجي دنيا آباد ڪنديون آهن ... اتحاد، ايڪتا ۽ ڀائيچاري سان هڪجهڙا گهر ٺاهي، ماکي پئدا ڪري پاڻ ته لاڀائتيون ٿينديون آهن پر پوري جيوت کي لاڀ پهچائنديون آهن، ساڳيءَ طرح سان جيڪي قومون پاڻ ۾ اتحاد، ايڪتا ۽ ڀائچارو قائم ڪري رهنديون، اهي ئي قومون پاڻ به سوڀاريون رهنديون ۽ دنيا کي به فائدو رسائينديون ... ۽ جيڪي قومون ان فطري اصول کي پٺي ڏين ٿيون، اهي ئي قومون ناڪام ۽ نامراد ٿين ٿيون ...