• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماکي جي مک ۽ قومي ايڪتا

نثارابڙو

نائب منتظم


unitys.jpg
[/URL] Uploaded with ImageShack.us[/IMG]

ايڪتا جي سگهه
جهڙيءَ طرح سان ماکيءَ جون مکيون پنهنجي پوري سگهه استعمال ڪري، راڻيءَ جي چوڦير پنهنجي دنيا آباد ڪنديون آهن ... اتحاد، ايڪتا ۽ ڀائيچاري سان هڪجهڙا گهر ٺاهي، ماکي پئدا ڪري پاڻ ته لاڀائتيون ٿينديون آهن پر پوري جيوت کي لاڀ پهچائنديون آهن، ساڳيءَ طرح سان جيڪي قومون پاڻ ۾ اتحاد، ايڪتا ۽ ڀائچارو قائم ڪري رهنديون، اهي ئي قومون پاڻ به سوڀاريون رهنديون ۽ دنيا کي به فائدو رسائينديون ... ۽ جيڪي قومون ان فطري اصول کي پٺي ڏين ٿيون، اهي ئي قومون ناڪام ۽ نامراد ٿين ٿيون ...
 
جواب: ماکي جي مک ۽ قومي ايڪتا

ڪاش اسان ماکيء جي مک کان ڪجهه سکي سگهون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ کي اهڙي ئي ايڪتا جي ضرورت آهي۔ نه ته ڪٿي اسان گهڻو پوئتي رهجي پنهنجي شناخت نه وڃائي ويهون۔ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي اهو هڪ اهم سوال آهي۔ جنهن جي جواب لاء واجهائي رهيا آهيون۔
 
جواب: ماکي جي مک ۽ قومي ايڪتا

اسان جي هن اوطاق جي ٻن تمام وڏن ڏاهن جي ڳاله سان اسان سوء فيصد متفق آهيون۔جيستائين اسان ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا نه پيدا ٿيندي ،اسان هڪ قوم جي حثيت ۾ ترقي نه ماڻي سگهنداسين۔اسان کي پنهنجي درميان ڦهلجندڙ نفرتن کي ختم ڪري محبت ۽ پيار جي فضاء قائم ڪرڻي پوندي نه ته اسان پنهنجي قومي شناخت کي به وڃائي ويهنداسين۔خوب محنت ڪري اسان کي پاڻ کي هر ميدان تي پاڻ مڃائڻو آهي تاڪي اسان جي شنا خت اسان جي قوم جي حساب سان اوپرن ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي وڃي ۽ هو اسان کي تمام گهڻي عزت ڏيڻ جي لاء مجبور ٿئي وڃن۔
 
جواب: ماکي جي مک ۽ قومي ايڪتا

سائين ابڙا صاحب فقير اوهان سان سو فيصد متفق آهي

الله پاڪ توهان کي وڏي حياتي ، صحت ، تندرستي ۽ لکڻ جي سگهه عطا ڪري


امين

سدائين گڏ
 
Back
Top