• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
egbx1d.jpg

نهايت ئي ڏک واري خبر آهي ته ليکڪ، صحافي ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪم ڪندڙ، سنڌي لنڪ جو باني ۽ سنڌ سلامت جو پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون انتقال ڪري ويو آهي۔

انا لله و انا اليه راجعون

مرحوم عاجز سمون جي وڇوڙي تي سنڌ سلامت جو سمورو سٿ ڏکارو آهي ۽ سندس پونيرن سان ڏک ۾ شريڪ آهي۔ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاء ڏي ۽ سندس پونيرن کي صبر جميل عطا ڪري۔

مرحوم جي جنازي نمازي اڄ 3 بجي ڪنري ۾ ادا ڪئي ويندي۔
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

اڃان هي چند مهينا پهرين ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته مرحوم پنهنجي شريڪ حيات ڀيڻ شاهده سمون سان گڏ ٽنڊو محمد خان صرف مون سان ملڻ آيو هو، مون وٽ رات به رهيو هو، دل کولي ڪچهري ڪئي هُئسين، پاڻ يارن جو يارن هو، هر ڪنهن سان ائين ملندو هو ڄڻ ڪا صدين جي سُڃاڻپ هُجيس، سندس جُدائي اندر ۾ وڍ وجهي پئي پاڻ ساري عمر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيو، انٽرنيٽ جي حوالي سان سنڌيت جي پرچار ڪندو رهيو جڏهن هُو ٽنڊو محمد خان آيو هو ته سنڌي لنڪ جي ٻن ذميوار ماڻهن هڪڙو ته مختيار نظاماڻي ۽ ٻي محترما اروما سومرو سان پهرين فرصت ۾ ملڻ جي خواهش ڏيکاريائين ۽ باقائده انهن سان پنهنجي سنڌي لنڪ جي حوالي سان ملاقات به ڪيائين جنهن مان اها ڀلي ريت خبر پئجي سگهي ٿي ته هو سنڌي لنڪ جي ميمبر دوستن سان ڪيڏو نه پيار ڪندو هو، ان کان اڳ لاڙ پٽ جي شهر پنگريو ۾ سنڌي شاعر مرحوم نور سمون جي ورسي جي موقعي تي پاڻ حاصيڪار مُنهنجو انتظار ڪندو رهيو جيئين ته انهن ڏينهن ۾ آئون شديد عليل هُئس پر مرحوم نور سمون جي ورسي جي موقعي تي پنگريو ويس ته هُو مون سان ايترو ته پاٻوهه سان مليو هو جنهن جو بيان ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي انهي حوالي سان فيس بُڪ تي ٿوري دير پهرين مونکي سنڌي لنڪ جي ميمبر اروما صاحبه هڪڙو لاکيڻي لطيف جو بيت

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جيڪي جِيءَ کي جيارين سي لاهوتِي لڏي ويا​

موڪليو هو ان بيت سان سهمت ٿيندي مان چوندس ته

مون سي ڏٺا ماءُ انين سندي ڪاءُ ڪري نه سگهان ڳالهڙي​

شال اسان جو راڻو ڀاءُ سائين عاجز سمون جنت جي هنڌورن ۾ لُڏندو هُجي ، الله سائين سندس وني اسان جي ڀيڻ شاهده سمون کي انهي عظيم ڏک کي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي . آمين

پيش آهن مرحوم عاجز سمون جون مونسان نڪتل چند يادگار تصويرون جيڪي ڪجهه عرصو پهرين سنڌ جي لاڙ پٽ جي شهر پنگريو ۾ مشهور سنڌي شاعر مرحوم نور سمون جي ورسي جي موقعي تي ڪڍيون ويون هيون۔​

155402_472403118215_794048215_5556474_1254375_n.jpg

155292_472389528215_794048215_5556373_2852043_n.jpg

154142_472402578215_794048215_5556466_6818459_n.jpg

74881_472403508215_794048215_5556476_3876615_n.jpg
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون۔۔۔۔۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا بخشي ۽ سندس وارثن کي صبر جي سگهه فرمائي ،، آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون

قبله انتهائي ڏکوئيندڙ خبر آھي، مولا سائين سائين جن جا گناھ معاف فرمائي سندن وارثن کي صبر و تحمل ڏئي، مولا سائين سندن جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي آمين۔۔۔۔ ثم آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون
ادا ڏاڍي ڏک جي خبر آهي
الله مرحوم کي جنت نصيب ڪري ۽ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي..
هر ڪنهن کي هي دنيا ڇڏي الله جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻو آهي، دعا آهي ته اسان جي موت ڪامل ايمان سان ٿئي ۽ ڪجهه گز ڪپڙي جا ڪفن جي لاءِ۽ چند فٽ زمين جا دفن جي لاءِ نصيب ٿين​
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون
ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا ڏي
۽ لواحقين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون۔۔۔۔۔۔
تمام هي ڏکائتي خبر آهي سچ پڇو ته يقين ئي نٿو اچي ته اسان جو اهو دوست اسان کي اوچتو ۽ اچانڪ ائين اڪيلو ڪري ويندو ۔۔۔۔ خير قدرت جي قانون کي ڪوئي تبديل نٿو ڪري سگهي ۽ ان سڏ کي هر ڪنهن کي لبيڪ چوڻو آهي
اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا بخشي ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ،، آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون۔۔۔۔۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا بخشي ۽ سندس وارثن کي صبر جي سگهه فرمائي ،، آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون۔۔۔۔۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا بخشي ۽ سندس وارثن کي صبر جي سگهه فرمائي

اسان سنڌ سلامت فورم جي انتظاميه پاران سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون

سدائين گڏ
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون
ادا ڏاڍي ڏک جي خبر آهي
الله مرحوم کي جنت نصيب ڪري ۽ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي..
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

نهايت ڏکائتي خبر پڙهي سخت صدمو پهتو محترم عاجز سمون اسان جو ساٿ ۾ تمام پراڻو ساٿي هو اهڙو علم دوست انسان اسان کان جدا ٿي ويو نهايت افسوس ٿيو بس لکيو رب ڪريم جو سو ته هر حالت ۾ ٿي رهندو ڪل نفس ذائقة الموت به سندس فرمان آهي دعا آهي ته الله تعالى مرحوم کي جنت فردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي۔
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

موت برحق آهي ۔۔۔ هر ساهه واري کي اهو ذائقو چکڻو آهي۔۔۔ ڪي انسان ڄمندا آهن۔۔ وڏا ٿيندا آهن ۽ هن فاني دنيا ۾ پيسجي پيسجي وقت پورو ڪري ويندا آهن۔۔۔ جن کي ڪجهه ئي وقت ۾ دنيا وساري ويهندي آهي۔۔ پر ڪي انسان هوش سنڀالڻ سان ئي پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي کي سهل بنائڻ جي جستجو ۾ رڌل رهندا آهن۔۔ اهي انسان هر وقت ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيندا رهندا آهن۔۔۔ ادا عاجز سمون پڻ اهڙن انسانن مان هيو۔۔
منهنجي خوش نصيبي آهي جو ساڻس ۽ سندن فيملي سان رابطي ۾ رهندو هيم۔۔۔ سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تي رهي ڪري ٻولي ۽ سنڌيت جي خدمت واري جذبي کي هميشه نڀائڻ جا وچن ڪندڙ هن ڀلوڙ انسان هڪ نئين انداز سان انٽرنيٽ تي ڀٽڪندڙ سنڌين کي گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۔۔۔ اهو ڪم ايترو سولو نه هو جو ان لاءِ هڪ اهڙي پليٽ فارم ٺاهڻ جي ضرورت هئي جنهن ۾ تفريح کان وٺي معلومات تائين سڀ شيون اهڙي ترتيب ۾ رکيل هجن جو اتي اچي ماڻهون پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ ڪجهه حاصل ڪري سگهن۔۔۔
ان لاءِ جڏهن پاڻ چيٽ کان شروعات ڪئي ته شروع ۾ مون کي به افسوس ٿيڻ لڳو جنهن جو ذڪر بارها ساڻس سان فون تي ٿيندو رهندو ۔۔ منهنجي خيال ۾ چيٽ وقت جو ذيان آهي۔۔ پر پاڻ هميشه مسڪرائيندي چوندا هئا ته ماڻهن کي اصل مقصد تي آڻڻ لاءِ هڪ ته پاڻ کي هيٺ لاهڻو پوندو ۽ ٻيو ته انهن جي تفريح کي پهريون ڏسڻو پوندو جنهن کان پوءِ کين ساڻ ڪري اڳتي وٺي هلي سگهجي ٿو ۔۔
ڪجهه ئي وقت ۾ پاڻ ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ خود مان پڻ سندس ڪم مان حيران ٿي ويس ته قليل وقت ۾ هڪ مڪمل ۽ ڀرپور ساٿ جوڙي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي هڪ خوبصورت سائيٽ جوڙڻ سان گڏو گڏ هڪ اليڪٽرانڪ ميگزين پڻ لانچ ڪري ورتو ۔۔۔ جنهن کي 2 سال گذرڻ باوجود سنڌ سلامت لانچ ڪري نه سگهي آهي۔۔۔
سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ کان علاوه به پاڻ هڪ محبتي ۽ يار ويس ماڻهون هو ۔۔۔ سندس ملاقات ڪندڙ هر شخص ساڻس ٻيهر ملڻ جي خواهش رکندو هيو۔۔ رب پاڪ کان دعا آهي ته کين پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪري، پنهنجي رحمتن هيٺ رکي ۔۔۔ ۽ پوئنرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

رب العالمين مرحوم عاجز سمون کي جنت ۾ جايون ڏي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا ڪري ۔۔۔ آمين

عاجز سمون سنڌ ۽ سنڌيت سان سلهاڙيل هڪ سهڻو انسان هو، هو سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو، قلمي پورهئي سان واسطيدار هجڻ سبب هو هر طرح سان سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيو ۔۔۔ سنڌ سلامت تي پاڻ ۽ سندس خاندان جون ڪاوشون پڻ قابل ستائش آهن ۔۔۔

مرحوم لئه دعائون ۽ مغفرت لئه التجائون

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

نهايت ئي ڏک واري خبر آهي

انا لله و انا اليه راجعون
رب العالمين مرحوم عاجز سمون کي جنت ۾ جايون ڏي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون
انتهائي ڏک ڀري خبر آهي پر حقيقت اها آهي ته هر انسان جو آخري ماڳ اهو ئي آهي ۽ هر انسان کي هي دنيا ڇڏي هميشهه وارو گهر آباد ڪرڻو آهي الله سائين مرحوم کي جوار رحمت ۾ جڳهه عنايت ڪري ۽ سندس پونئيرن کي اهو صدمو سهڻ جي سگهه عطا ڪري
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله و انا اليه راجعون

ڪل نفس ذائقة الموت ،بيشڪ هر انسان کي پنهنجي اصلي ماڳ ڏي موٽڻو آهي۔موت هڪ حقيقت آهي جنهن کي ٽاري نه ٿو سگهجي پر اهئي ماڻهون جيڪي انسانيت ۽ پنهنجي قوم لاء چڳا ڪم ڪري هن دنيا مان وصال ڪنداآهن،هو هميشه پنهنجي انهن سٺن ڪمن جي ڪري دلن ۾ زنده رهندا آهن۔۔سائين اعجاز سمون صاحب سان اسان جي ته ڪا ملاقات ڪانه هئي پر دوستن، سائين جون جيڪي سٺيون خوبيون پنهنجي تعزيتي ڪمينٽس ۾ ٻڌيون آهن ،ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته مرحوم کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام سان ڏاڍي محبت هئي ۽ هميشه ان جي ڀلائي لاء پيا ڪم ڪندا هئا۔مرحوم جون اهئي خوبيون وسارڻ جهڙيون نه آهن۔الله پاڪ شل مرحوم جي مغفرت ڪري ۔هنن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي،انهن جي پوئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي۔آمين۔
 
جواب: ڏک واري خبر : ليکڪ ، صحافي ۽ سنڌ سلامت جي پراڻي ساٿي محترم عاجز سمون جو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون
تمام هي ڏکائتي خبر آهي سچ پڇو ته يقين ئي نٿو اچي ته اسان جو اهوجاني دوست اسان کي اوچتو ۽ ائين اچانڪ اڪيلو ڪري ويندو خير قدرت جي قانون کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي۔ اسان جي ڌڻي درٻار دعا آهي ته کيس جنت ۾ جا بخشي ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۔ آمين
 
Back
Top