قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    آمريڪا سمجهي ٿي ته دنيا بيوقوف آ۔۔ پر ائين آهي ڪونه۔۔۔ هُو اتان جي عوام کي مذهبي فرقاواريت جي آڙ ۾ ته بيوقوف بڻائي سگهي ٿي يا وري پنهنجي زرخريد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي عوام کي ته حقيقت جي انڌي پٽي پارائي سگهي ٿي پر دنيا کي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي۔۔۔ ان باوجود به اها حقيقت آهي ته۔۔۔
    قذافي کي ماريو ويو۔۔۔ آخر کيس ڇو ماريو ويو۔۔ ڇو ته هن 42 سال لڳاتار حڪومت ڪئي ۔۔۔ ان دوران هن ليبيا جي عوام لاءِ ڇاڪيو۔۔۔ ؟ سندس ڪيل ڪمن جي جهلڪ ڪجهه هن طرح آهي۔۔

    • ليبيا ۾ بجلي جو بل نه آهي۔۔۔ بجلي ليبيا جي عوام لاءِ مفت آهي۔۔۔
    • ليبيا ۾ قرض تي ڪوبه وياج نه آهي۔۔ ليبيا جو عوام زيرو پرسنٽ وياج تي قرض ڪهڙي به بينڪ مان وٺي سگهيو ٿي۔۔
    • ڪنهن به ليبيائي کي گهر مهيا ڪري ڏيڻ حڪومت جي ذميداري آهي۔۔۔ قذافي جي خيال اولاد کي گهر جي سهولت هرڪو والدين مهيا ڪري نه ٿو ڏئي سگهي اهو ئي سبب آهي جو قذافي جو گهر نه هجڻ ڪري هو هميشه خيمن ۾ رهندو هو۔۔۔
    • شادي شده نئين جوڙي کي ليبيا حڪومت طرفان 60 هزار ليبيائي دينار يعني لڳ ڀڳ 40 لک پاڪستاني روپيه ڏنا ويندا هئا جيئن هو پنهنجي نئين زندگي جي شروعات بهتر نموني ڪري سگهن۔۔۔
    • صحت ۽ تعليم ليبيا ۾ مفت آهي۔۔۔ قذافي کان اڳ 25 فيصد تعليمي شرح هن وقت 83 فيصد آهي۔۔
    • جيڪڏهن ڪو ليبيائي هاري طور پنهنجي پروفيشنل بزنس شروع ڪري ته زمين، ٻج، ۽ ساز وسامان تائين کيس حڪومت طرفان مفت فراهم ڪيا ويندا آهن۔۔۔
    • جيڪڏهن ڪنهن ليبيائي جو اعلاج سندس وطن ۾ نه ٿي سگهي ته ان کي نه صرف ٻاهرين ملڪ اعلاج جي مفت سهولت حاصل هوندي آهي پر کيس ان مد ۾ 23 سو ڊالر يعني لڳ ڀڳ 2 لک روپيه ماهانا رهائش ۽ ڪار الائونس طور حڪومت طرفان ملند آهن۔۔
    • جيڪڏهن ڪو ليبيائي ڪار خريد ڪرڻ چاهي ته ان جو 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي۔۔۔
    • ليبيا ۾ تيل جي قيمت في لٽر 12 روپيا پاڪستاني آهي۔۔۔
    • ليبيا وٽ هن وقت 150 بلين ڊالرس جا اثاثا آهن جيڪي هاڻي ڌارين جي هٿ اچي چڪا آهن۔۔۔
    • جيڪڏهن گريجوئيشن ڪرڻ باوجود ڪنهن ليبيائي کي نوڪري نه ملي ته حڪومت ان کي جيسين نوڪري نه ملي سراسري وظيفو ڏيندي رهندي۔۔۔
    • ليبيا جي تيل جي ڪمائي جو هڪ حصو سمورن ليبيائي بينڪ کاتيدارن جي اڪائونٽ ۾ ڊائرڪلي موڪليو ويندو آهي۔۔۔
    • نئين ٻار ڄڻيندڙ ماء کي 5 هزار ڊالر يعني لڳ ڀڳ 4 لک روپيه حڪومت طرفان ادا ڪيا ويندا آهن۔۔۔
    • پاڪستاني 12 روپين ۾ 40 مانيون صرف ليبيا ۾ ئي ملي سگهن ٿيون۔۔۔
    • 25 فيصد ليبيائي يونيورسٽي جي ڊگري رکندڙ آهن۔۔۔
    • دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايريگيشن نظام ليبيا ۾ آهي جنهن کي Great Man-Made River project سڏيو وڃي ٿو۔۔۔ جنهن جي ذريعي هن پوري ريگستاني ملڪ ۾ پاڻي دستياب آهي۔۔

    افسوس جو اهڙي حڪمران کي هن وقت ظالم ۽ جابر طور دنيا آڏو ثابت ڪيو پيو وڃي۔۔۔



    سرلينڪا گريجوئين جي ٿورن سان
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    ادا رشيدسمون صاحب اسلام عليڪم۔ادا صدر قذافي ڀلي آمريڪا صاحب بهادر جو وفادار نه هئو ۔پر پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان مخلص هئو۔42 سال لڳتي حڪومت ڪرڻ ۽ اهئي سڀ مٿيان توهان جا ٻڌايل قدم پنهنجي قوم جي فلاح ۽ بهبود لاء ڪرڻ سچ ته سنهري الفاظن ۾ لکڻ جهڙا آهن۔شايد اهئي انهن جا سٺا ڪارنام هئا جيڪي آمريڪا صاحب بهادر کي پسند نه آيا ۽ سازشون ڪري نه رڳو قذافي جي حڪومت ختم ڪيئون پر هنن کي هن دنيا مان ئي لاڏڻون ڪرايون۔الله پاڪ کي التجاء آهي ته اسان جي ليڍرين ۽ حڪومت ۾ اهل اقتدار کي نيڪ هدايت ڏين ۽ هو سو فيصد نه پر رڳو پنجهاء فيصد مرحوم قذافي جي تلقيد ڪندي ڪجه قوم جي مفاد ۾ بهتر ڪم ڪري وڃن۔سنڌ جي عوام سچ پچ اڄڪله تمام گهڻين مصبيتن کي منهن ڏئي رهي آهي۔آڃا دير نه ٿئي آهي جيڪڏهن حڪومت جا ارباب اقدار پنهنجي قوم سان سچا ٿئي ۽ انهن جي فلاح ۽ بهبود ۽ هن مصبيت جي وقت ۾ انهن جي مالي مدد ڪن ته اسان کي يقين آهي ته موٽ ۾ عوام جي مليل محبت هنن کي صدايون تاريخ ۾ زنده رکنديون۔بهترين معلومات ونڍ ڪرڻي ته توهانجون ۽ سرلينڪا گريجوشن جون تمام گهڻيون مهربانيون۔ 
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    قذافيءَ جي موت جو هڪ سبب شايد هيءُ به بڻجيو جو هو پنهنجي مخالفت ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو هو ۽ انهن کي مارائي ڇڏيندو هو۔ سندس 42 سالن تي مشتمل دورِ حڪومت ايئن ئي گذريو۔۔ بهرحال هڪ حقيقت هي به آهي ته قذافي پنهنجي آخري دور ۾ رنگين مزاج هجڻ سان گڏ عيش عشرت جي مستين ۾ اچي ويو۔۔ ۽ هن پنهنجي ملڪ جي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ پڻ ڪري ڇڏيو۔۔ ملڪ کي بادشاهت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ بهاني تخت تي قبضو ڪندڙ هن حڪمران جو لاش ايئن گهٽين ۾ رلندو۔۔ ڪنهن به نه سوچيو هو۔۔۔​
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    هن وقت ته جيڪا صورتحال آهي سا آهي پر ڪو وقت ايندو ته اهي لبيا وارا قذافي کي ياد ڪري روئيندا وتندا

    آمريڪا ته جيڪو ڪردار ادا ڪري ٿو اها سڀ ڪنهنکي خبر آهي

    قذافي جون لبيائي عوام لا۽ اهڙا ڪارناما ٻڌي خوشي ٿئي سندس نالو تاريخ سونهري لفظن سان لکندي

    سدائين گڏ
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    ايترن سارن بهترين ڪمن جي باوجود اتان جي عوام آمريڪا جو ساٿ ڇو ڏنو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ايتري خوشحالي ء سهولتون شايد ڪنهن ملڪ ۾ هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اتان جي عوام کي ان جو نتيجو به ڀوڳڻو پوندو

    پوء هنن کي قذافي ياد ايندو
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    لڳي ٿو انسان يڪسانيت مان به تنگ ٿو ٿئي ان ڪري هو تبديلي چاهي ٿو۔۔ پوءِ ڀل ان جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قذافي ماريو ويو ۔۔۔۔۔! پر ڇو۔۔۔؟

    اسلامي دنيا جا تقريبن حڪمران امريڪي غلامي ۾ گزارين پيا جن مهرن کي امريڪا مناسب وقت تبديل ڪندو رهندو آهي۔ وري عوام جو رخ به وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي، جيڏانهن جي هوا هلندي آهي آمريڪي ٻيڙي پنهنجي هٿن مان ڳالھ نڪرندي ڏسي ٻيڙي کي پنهنجن مفادن آهر ان طرف جو رخ ڪندي آهي ۽ ڪجھ عوام جي حمايت ڪندو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو