آمريڪا سمجهي ٿي ته دنيا بيوقوف آ۔۔ پر ائين آهي ڪونه۔۔۔ هُو اتان جي عوام کي مذهبي فرقاواريت جي آڙ ۾ ته بيوقوف بڻائي سگهي ٿي يا وري پنهنجي زرخريد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي عوام کي ته حقيقت جي انڌي پٽي پارائي سگهي ٿي پر دنيا کي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي۔۔۔ ان باوجود به اها حقيقت آهي ته۔۔۔
قذافي کي ماريو ويو۔۔۔ آخر کيس ڇو ماريو ويو۔۔ ڇو ته هن 42 سال لڳاتار حڪومت ڪئي ۔۔۔ ان دوران هن ليبيا جي عوام لاءِ ڇاڪيو۔۔۔ ؟ سندس ڪيل ڪمن جي جهلڪ ڪجهه هن طرح آهي۔۔
ليبيا ۾ بجلي جو بل نه آهي۔۔۔ بجلي ليبيا جي عوام لاءِ مفت آهي۔۔۔
ليبيا ۾ قرض تي ڪوبه وياج نه آهي۔۔ ليبيا جو عوام زيرو پرسنٽ وياج تي قرض ڪهڙي به بينڪ مان وٺي سگهيو ٿي۔۔
ڪنهن به ليبيائي کي گهر مهيا ڪري ڏيڻ حڪومت جي ذميداري آهي۔۔۔ قذافي جي خيال اولاد کي گهر جي سهولت هرڪو والدين مهيا ڪري نه ٿو ڏئي سگهي اهو ئي سبب آهي جو قذافي جو گهر نه هجڻ ڪري هو هميشه خيمن ۾ رهندو هو۔۔۔
شادي شده نئين جوڙي کي ليبيا حڪومت طرفان 60 هزار ليبيائي دينار يعني لڳ ڀڳ 40 لک پاڪستاني روپيه ڏنا ويندا هئا جيئن هو پنهنجي نئين زندگي جي شروعات بهتر نموني ڪري سگهن۔۔۔
صحت ۽ تعليم ليبيا ۾ مفت آهي۔۔۔ قذافي کان اڳ 25 فيصد تعليمي شرح هن وقت 83 فيصد آهي۔۔
جيڪڏهن ڪنهن ليبيائي جو اعلاج سندس وطن ۾ نه ٿي سگهي ته ان کي نه صرف ٻاهرين ملڪ اعلاج جي مفت سهولت حاصل هوندي آهي پر کيس ان مد ۾ 23 سو ڊالر يعني لڳ ڀڳ 2 لک روپيه ماهانا رهائش ۽ ڪار الائونس طور حڪومت طرفان ملند آهن۔۔
جيڪڏهن ڪو ليبيائي ڪار خريد ڪرڻ چاهي ته ان جو 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي۔۔۔
ليبيا ۾ تيل جي قيمت في لٽر 12 روپيا پاڪستاني آهي۔۔۔
ليبيا وٽ هن وقت 150 بلين ڊالرس جا اثاثا آهن جيڪي هاڻي ڌارين جي هٿ اچي چڪا آهن۔۔۔
جيڪڏهن گريجوئيشن ڪرڻ باوجود ڪنهن ليبيائي کي نوڪري نه ملي ته حڪومت ان کي جيسين نوڪري نه ملي سراسري وظيفو ڏيندي رهندي۔۔۔
ليبيا جي تيل جي ڪمائي جو هڪ حصو سمورن ليبيائي بينڪ کاتيدارن جي اڪائونٽ ۾ ڊائرڪلي موڪليو ويندو آهي۔۔۔
نئين ٻار ڄڻيندڙ ماء کي 5 هزار ڊالر يعني لڳ ڀڳ 4 لک روپيه حڪومت طرفان ادا ڪيا ويندا آهن۔۔۔
پاڪستاني 12 روپين ۾ 40 مانيون صرف ليبيا ۾ ئي ملي سگهن ٿيون۔۔۔
25 فيصد ليبيائي يونيورسٽي جي ڊگري رکندڙ آهن۔۔۔
دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايريگيشن نظام ليبيا ۾ آهي جنهن کي Great Man-Made River project سڏيو وڃي ٿو۔۔۔ جنهن جي ذريعي هن پوري ريگستاني ملڪ ۾ پاڻي دستياب آهي۔۔
افسوس جو اهڙي حڪمران کي هن وقت ظالم ۽ جابر طور دنيا آڏو ثابت ڪيو پيو وڃي۔۔۔
ادا رشيدسمون صاحب اسلام عليڪم۔ادا صدر قذافي ڀلي آمريڪا صاحب بهادر جو وفادار نه هئو ۔پر پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان مخلص هئو۔42 سال لڳتي حڪومت ڪرڻ ۽ اهئي سڀ مٿيان توهان جا ٻڌايل قدم پنهنجي قوم جي فلاح ۽ بهبود لاء ڪرڻ سچ ته سنهري الفاظن ۾ لکڻ جهڙا آهن۔شايد اهئي انهن جا سٺا ڪارنام هئا جيڪي آمريڪا صاحب بهادر کي پسند نه آيا ۽ سازشون ڪري نه رڳو قذافي جي حڪومت ختم ڪيئون پر هنن کي هن دنيا مان ئي لاڏڻون ڪرايون۔الله پاڪ کي التجاء آهي ته اسان جي ليڍرين ۽ حڪومت ۾ اهل اقتدار کي نيڪ هدايت ڏين ۽ هو سو فيصد نه پر رڳو پنجهاء فيصد مرحوم قذافي جي تلقيد ڪندي ڪجه قوم جي مفاد ۾ بهتر ڪم ڪري وڃن۔سنڌ جي عوام سچ پچ اڄڪله تمام گهڻين مصبيتن کي منهن ڏئي رهي آهي۔آڃا دير نه ٿئي آهي جيڪڏهن حڪومت جا ارباب اقدار پنهنجي قوم سان سچا ٿئي ۽ انهن جي فلاح ۽ بهبود ۽ هن مصبيت جي وقت ۾ انهن جي مالي مدد ڪن ته اسان کي يقين آهي ته موٽ ۾ عوام جي مليل محبت هنن کي صدايون تاريخ ۾ زنده رکنديون۔بهترين معلومات ونڍ ڪرڻي ته توهانجون ۽ سرلينڪا گريجوشن جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
قذافيءَ جي موت جو هڪ سبب شايد هيءُ به بڻجيو جو هو پنهنجي مخالفت ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو هو ۽ انهن کي مارائي ڇڏيندو هو۔ سندس 42 سالن تي مشتمل دورِ حڪومت ايئن ئي گذريو۔۔ بهرحال هڪ حقيقت هي به آهي ته قذافي پنهنجي آخري دور ۾ رنگين مزاج هجڻ سان گڏ عيش عشرت جي مستين ۾ اچي ويو۔۔ ۽ هن پنهنجي ملڪ جي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ پڻ ڪري ڇڏيو۔۔ ملڪ کي بادشاهت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ بهاني تخت تي قبضو ڪندڙ هن حڪمران جو لاش ايئن گهٽين ۾ رلندو۔۔ ڪنهن به نه سوچيو هو۔۔۔