هُجي اهڙو سوز سر ۾ مرلي وڄا جوڳي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

Moazam Ali

سينيئر رڪن
“غزل“

هُجي اهڙو سوز سر ۾ مرلي وڄا جوڳي
منهنجي نيڻن ۾ آهي هئه موسمِ مينهوڳي

ويا ور پئجي مُون ڏسي راهون پرين جون
روئي انتظارن ۾ عُمر سڄي مُون تيوڳي

اندر منجهه وڍ ائين جئين وڻ وڍي واڍو
پڄران پئي ائين جئين ديڳين منجهه دوڳي

سُور نِئان سامئيڙا ڪيان ڪيئن سڏڙا
جلي فراقِ سپرين سُڪي ٿيم مان ڦوڳي

مون به ڪيو آ ”فياض” ڏس جوڳي ڪو ويس
وِءُ فراق ويٺي پيئان هئه مان اڀوڳي۔



فقير رشيد “فياض”
 
Back
Top