• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون شام کي چئجان۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
تون شام کي ٻڌائجان۔۔۔!

تون شام کي ٻڌائجانءِ
لفظن جا رنگين ڌاڳا ويڙهڻ سان
رشتن جي گرگهلائپ ختم ناهي ٿيندي
دل کي ڌوڏڻ جو ڊپ
اڪيلي کوهه تي ويندڙپاڻياريءَجي
کڄندڙ پيرن ۽ دل جي منڌل
ڌڙڪي مان
پکي محسوس ڪري وٺندا آهن
مون وٽان انتظارن جو ٻارڻ ختم ٿيو ته
آئون مايوسين جو ليڙون لباس
وقت جي وڍ تي اوڍي ڇڏيندس
تون آرسي جي عڪس کان
روپ جي اوڌر نه وٺجانءِ
اوڌر تي ورتل درپن
بونس تي مليل زندگيءَ جيان
خوف وٽ گروي رکيل هوندو آهي...!


2nk1moi.jpg
[/img]
 
جواب: تون شام کي چئجان۔۔۔!

واھ ادا آرازو کوڙ ڏينھن کان بعد اوھان جي تخليق پڙھڻ لا ملي آھي ادا شاندار
 
جواب: تون شام کي چئجان۔۔۔!

لاجواب سٽون ۔۔۔۔۔۔۔

بهترين احساس ، اوهان جو اهي سهڻيون تخليقون قابل تعريف آهن۔
 
جواب: تون شام کي چئجان۔۔۔!

مهربانيون ادا سليمان۔۔۔۔۔۔
لک مهربانيون۔۔۔۔!
 
جواب: تون شام کي چئجان۔۔۔!

ادا سائين اسلام عليڪم۔گهڻي وقت کانپوء توهان جي نثر انداز ۾ ڪيل هڪ بهترين ۽ بامعني شاعري پڙهي لطف اچئي ويو۔ان کي جاري رکندا۔توهان جا تمام گهڻيون مهربانيون ۔هميشه خوش رهو۔
 
Back
Top