اوه !اوطاقن،اوتارن،ڊرائنگ رومن,ڪلفٽن۽ڊفينس ۾ خالي فليٽ،بنگلا وٺي عياشي ڪرڻ واري قوم!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اوه ! اوطاقن، اوتارن، ڊرائنگ رومن, ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ خالي فليٽ، بنگلا وٺي عياشي ڪرڻ واري قوم!

    وه! اوطاقن، اوتارن، ڊرائنگ رومن, ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ خالي فليٽ، بنگلا وٺي عياشي ڪرڻ واري ۽ شراب و شباب، چرس، ڀنگ ۾ مدهوش ۽ سُلفين جا سُوٽا هڻڻ واري، ڌاڙيل گيري،قومي غيرت وڪڻي چند ناڻن تي ڌارين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ۽ رونيو کاتا ٽرانسفر ڪرائي ڏيڻ واري، هارين نارين تي ظلم ڪري ڌاڪ وهارڻ واري، بغير محنت سان آڪڙ، فرعونيت، ، ڪلف لڳل ڪپڙا پائي، چار چار موبائل هٿ ۾ کڻي ڏيکاءُ ڏيندڙ، پجارن ۽ لينڊ ڪُروزن سان واٽ ويندڙ انگ اُگهاڙي سنڌي غريبن کي ڪُچلي، ماري، سندن عزتن سان کيڏڻ واري ۽ غرور و تڪبر ڪري هلڻ واري مُهنجي پياري سنڌي قوم! اچو ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ۾ عقل، قابليت ۽تعليم کي هڪ ٻئي سان بغير ڪنهن اُجوري جي اوريون ۽ علم جي زڪوات ڪڍون ،ڏينهن رات هڪ ڪري هيءَ ڪمائي ڪري ان ۾ شاهوڪار ٿي وٺون، ڇو جو اسان، نام نهاد وڏيرن، ڪامورن ۽ ڪاروباري مُفاد پرستن طرفان سندن مطلب جي پالسين ۽ غريب سنڌي عوام جي پنهنجي غلام رهڻ جي فطرت ڪري تمام غريب ۽ اڇي ڪالر وارا، سازش تحت هيٺياهين ليول واري غُربت تي پُچايا ويا آهيون ، ڇو جو اسان جو اڄ جو غريب عوامي نسل ۽ اڇي ڪالر وارو مڊل ڪلاس به تعليم جي حُصول کان ڪئين ڏهايون پري ڪرايو ويو آهي ۽ حالتون به ٻُڌائين ٿيون ته ڳاٽي ٽوڙ مهنگائيءَ جي ڪري انهن ۾ تعليم کان مسقبل ۾ به بلڪل ڪناري ڪشي پئدا ٿيندي ۽ اهي تعليم، نوڪريون وغيره به انهن جي حصي ۾ اينديون، ڇو جو اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جون ڳاٽي ٽوڙ فيون، استادن جي ان ۾ نه پڙهائڻ جي عادت ۽ مهنگو پرائيويٽ ٽيوشن جو رُجهان هنن کي تعليم کان بلڪل پُٺي ڌڪيلي چُڪو اهي، ڇو جو اسان جا مڙئي تماشائي ليڊر ڊاڙي اسانجي فطرت سمجهي تقريرن ۾ الجهائي ويٺا آهن ۽ پريڪٽيڪل عملن ۽ جدوجهد ۾ بلڪل انوالوِ ناهن،ڇو جو 80 سيڪڙو غريب سنڌين جي گهرجن ۽ ضرورتن جي محسوسيات کان تمام پري آهن، ڇو جو ٻئي طرف غريب ۽ سُفيد پوش سنڌين جي روايتي درگذري به يقين سڀ ڪُجه ڄاڻي انهن ئي ظالم پيرن، ميرن، جاگيردارن، رئيسن، وڏيرن، ڪامورن يا سند منشي ۽ ڪمدارن کي ئي ووٽ ڪري ايوانن ۾ پُهچائي رهي آهي، ڇو جو اهو حال جيڪو اسان 5 هزار سالن کان ٻڌي ۽ ڏسي رهيا آهيون. سو نه ته وڏيرا ۽ ڪامورا تبديل ٿيندا ۽ نه ئي ظلم ۽ زيادتيون سهڻ وارا سنڌي غريب ۽ سُفيد پوش عوام ۽ اهي ئي ڪارڻ فقط اسان جي تباهيءَ جا ڪارڻ آهن ۽ فنا ٿيڻ تائين برقرار رهندا. ڇو جو جڏنهن اسان روايتي اقدارن جي ڪري سڀ ڪُجه وساري هڪ ٻئي کان خوش آهيون ۽ اهو به نٿا سوچيون ته اسان نئين ايندڙ نسل کي ڪهڙو دڳ پيا ڏيون! ته قوم جو الله ئي حافظ آهي نه پوءِ هي دانهون ڪوڪون ڇو؟.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اوه !اوطاقن،اوتارن،ڊرائنگ رومن,ڪلفٽن۽ڊفينس ۾ خالي فليٽ،بنگلا وٺي عياشي ڪرڻ واري

    سائين عبدالرزاق مهربانيون ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي هن ڪالم لکڻ تي اوهان کي سلام آهي۔ جنهن ۾ اوهان سڀ سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون آهن۔ اسان به اوهان وانگر پيا سوچون۔ هاڻي ڪيترو انتظار ڪبو ، عملي ڪم ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي پر هر دفعي رهنمائن طرفان ڌوڪا مليا آهن۔ تنهنڪري عملي جدوجهد کان پهريان هڪ پلان جي ضرورت آهي ته ڪيئن هن پاتال مان نڪرجي۔

    ڪاش اسان هڪ ٿي سوچون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جو بهترين ۽ اکيون کوليندڙ ڪالم آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو