خبرون آهن ته پ پ پ ۽ متحده قيادت هڪ اهڙي نئين نظام تي ويچار ڪيو آهي جيڪو نه ڪمشنري نظام سڏبو ۽ نه ئي ناظمي نظام پر ان ۾ ناظم به هوندا ته ڪمشنر پڻ۔
ان ڏس ۾ ڪالهه ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جو اهم اجلاس مڪاني کاتن واري صوبائي وزير آغا سراج درانيءَ جي گهر ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاران سيد سردار احمد ڊاڪٽر صغير احمد، واسع جليل ۽ ڪنور نويد شامل هئا، جڏهن ته پ پ پاران سينيئر صوبائي وزير پيرمظهرالحق ۽ بلديات وارو وزير آغا سراج دراني موجود هئا، ٽن ڪلاڪن تائين هلندڙ انهيءَ اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين پنهنجا تيار ڪيل ڊرافٽ هڪ ٻئي کي ڏيندي چيو ته 6 نومبر تي آرڊيننس جو مدو پورو ٿي رهيو آهي ان ڪري ڪو نئون قانوني مونجهاري پيدا ٿيڻ کان اڳ گڏجي هڪ اهڙو حل تلاش ڪيو وڃي جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پ پ کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ان ڳالهه جي ڳڻتي هئي ته 6 نومبر کان اڳ ڪونه ڪو حل ڪڍيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ متحده جي وفد وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو ڪندي چيو ته نه 1979ع ۽ نه ئي 2001ع پر وچان ئي ڪو ٽيون نظام ڇو نه آندو وڃي جنهن ۾ ڪجهه اسان ۽ ڪجهه اوهان جون تجويزون شامل ڪيون وڃن، جنهن تي پ پ جي وفد اتفاق ڪندي چيو ته اڳ ۾ تيار ٿيل ڊرافٽن ۾ هر شيءَ موجود آهي، جيڪڏهن ڊرافٽن کي گڏي ڪو نئون فارمولا طئه ڪجي ته ڪو حرج ناهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي پارٽين اتفاق ڪندي پ پ ڪمشنري نظام تان هٿ کڻي وئي ۽ ايم ڪيو ايم مشرف واري نظام لاڳو ڪرڻ وارو ضد ختم ڪري ڇڏيو آهي۔
لوڪل گورنمينٽ نظام سان ڪمشنري نظام جو ڪو به واسطو نه هوندو. اهي روينيو نظام تحت ڪم ڪندا رهندا۔ آغا سراج دراني هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نئين بلدياتي نظام تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم متفق آهن، قومپرستن سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان به ڳالهايو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به گروپ پاران مخالفت ڪرڻ سان فرق نه پوندو، ڪيترائي گروپ آيا ۽ ويا. هن چيو ته هونئن به اسان چاهيون ٿا ته جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ان نظام جو ڍانچو تيار ڪرڻ بعد ان کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري پاس ڪرايو ويندو.
هاڻي ڏسجي ته آخر ڪهڙو نظام ۽ ڪيئن پيو لاڳو ٿئي؟؟ ڇا ان سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن واري مشرف دور واري حيٿيتن تي فرق پوندو ؟؟؟ ڇا ڪراچي کي 5 ضلعن ۾ ورهايو ويندو ؟؟ ڇا حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي ويندي ؟؟؟ قومپرستن جو رد عمل ڇا هوندو ؟؟؟ سنڌي ماڻهو ڇا پيا سوچين ؟