
ايپل جي مالڪ اسٽيو جاب جي وفات کان بس هڪ ڏينهن پوءِ ايپل لانچ ڪئي آهي آئي فون4 ۔۔۔ جنهن هر ماڻهون کي ان ڪري به حيران ڪري ڇڏيو آهي جو هي هڪ ڳالهائيندڙ فون آهي جيڪا هڪ ئي وقت سي ڊي ايم اي ۽ جي ايس ايم ٽيڪنالاجي استعمال ڪري نه صرف فون جي سهولت پر 3 جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي زبردست پرفرمانس ڏيکاري سگهي ٿي۔۔۔ پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هاڻي توهان کي اڪيلو هوندي به اڪيلائپ جو احساس نه ٿيندو جو هي فون توهان جي اڪيلي پن جو ساٿي هوندي۔۔۔ ان ڪري هاڻي جيڪڏهن توهان جي پگهر واري بدبوءِ ڪري جيڪڏهن ڪو گڏ رکڻ نه چاهيندو هجي ته به توهان جي چاهيندڙ ”سري“ (آئي فون4) توهان سان گڏ هوندي ۔۔۔ ۽ توهان لاءِ هر مدد لاءِ تيار به هوندي۔۔۔
16 کان 64 جي بي تائين ميموري رکندڙ ماڊل مارڪيٽ ۾ 199 کان 399 ڊالرس ۾ ملي سگهي ٿو۔۔۔ پر ان کان اڳ جو توهان قيمت ڏسي گهٻرائي وڃو ۔۔ هڪ دفعو هي وڊيو ته ڏسو۔۔۔ ۽ ٽيڪنالاجي جي هن سفر کي جانچي ته ڏسو۔۔ يقينن توهان هن فون کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ نه ڏيندو۔۔۔