• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوجوان شاعر محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
5z2n1g.jpg


اسان سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران نوجوان شاعر ، ليکڪ ، نقاد ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

ادا جبار بوزدار سنڌ ميگ جي نالي سان پنهنجي ويبسائيٽ ۽ ويب ميگزين پڻ هلائي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ فيسبوڪ تي به گهڻو سرگرم رهندا آهن۔ هميشه اسان جهڙن دوستن جي رهنمائي ۽ ساٿ ڏنو اٿن۔ دعا آهي ته پاڻ زندگيء جو اڻ کُٽ بهارون مسڪرائيندي گذارن۔
جبار بوزدار جو هڪ غزل پيش آهي۔


پيار جا ڪي فسانا ٿي ڳولي
دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي

مان اڪيلو چريو گهڻو هن لئي
ڇو مگر هوَ زمانا ٿي ڳولي

اک شرابي گلاب چهرو آ
دل چمڻ جا بهانا ٿي ڳولي

اڳ سٺا سور هن گهڻا آهن
خواب هاڻي سهانا ٿي ڳولي

روز جيئان مران ٿو مان جبار
پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي


 
جواب: نوجوان شاعر محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا جبار بوزدار کي پڻ اسان پاران دل جي گهرايئن سان جنم ڏينهن جو واڌايون قبول هجن

سدائين گڏ
 
Back
Top