نوجوان شاعر محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]اسان سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران نوجوان شاعر ، ليکڪ ، نقاد ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

    ادا جبار بوزدار سنڌ ميگ جي نالي سان پنهنجي ويبسائيٽ ۽ ويب ميگزين پڻ هلائي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ فيسبوڪ تي به گهڻو سرگرم رهندا آهن۔ هميشه اسان جهڙن دوستن جي رهنمائي ۽ ساٿ ڏنو اٿن۔ دعا آهي ته پاڻ زندگيء جو اڻ کُٽ بهارون مسڪرائيندي گذارن۔
    [/JUSTIFY]
    جبار بوزدار جو هڪ غزل پيش آهي۔


    پيار جا ڪي فسانا ٿي ڳولي
    دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي

    مان اڪيلو چريو گهڻو هن لئي
    ڇو مگر هوَ زمانا ٿي ڳولي

    اک شرابي گلاب چهرو آ
    دل چمڻ جا بهانا ٿي ڳولي

    اڳ سٺا سور هن گهڻا آهن
    خواب هاڻي سهانا ٿي ڳولي

    روز جيئان مران ٿو مان جبار
    پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي


     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نوجوان شاعر محترم جبار بوزدار کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا جبار بوزدار کي پڻ اسان پاران دل جي گهرايئن سان جنم ڏينهن جو واڌايون قبول هجن

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو