اسپاٽ فڪسنگ : محمد عامر ، سلمان بٽ ۽ محمد آصف سان گڏ مظهر مجيد کي قيد جون سزائون

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [JUSTIFY]لنڊن (م ڊ) ڪرڪيٽ ڪرپشن ڪيس ۾ برطانوي عدالت مظهر مجيد کي ٻه سال 8 مهينا، اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ کي اڍائي سال، فاسٽ بالر محمد آصف کي هڪ سال ۽ محمد عامر کي 6 مهينا قيد ۽ بٽ کي 30 هزار 937 پائونڊ، آصف کي 8 هزار 120 ۽ عامر کي 9 هزار 389 پائونڊ ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي. بٽ ۽ آصف کي جيل ۽ عامر کي ٻارن جي اصلاحي مرڪز اماڻيو ويو آهي. ڪيس جو فيصلو جسٽس جيرمي ڪڪ ٻڌايو ته هن اختتامي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان چئني ڄڻن ڪرپشن ڪئي ۽ مظهر مجيد جي مدد سان ڪرڪيٽ جي ساک کي نقصان پهچايو. توهان جي اعمال سبب ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو. نوجوانن توهان کي پنهنجو هيرو بڻايو پر توهان پاڪستاني قوم کي دوکو ڏنو. هاڻ ماڻهو راند کي هميشه شڪ جي نظر سان ڏسندا. ڪجهه پائونڊن لاءِ 3 نوبال ڪيا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهچايو. سزا رڳو قيد آهي. جسٽس ڪڪ چيو ته توهان اڪثر سٽي بازي ۾ ملوث رهيا. پاڪستان جو عوام ڪرڪيٽ سان محبت ڪري ٿو توهان کين دوکو ڏنو هن عامر جي معافي جي اپيل رد ڪندي چيو ته عامر عدالت کي پڪا ثبوت فراهم ڪري نه سگهيو، سندس مقصد لالچ ۽ پئسو هو. عامر ان سازش ۾ شامل ٿيڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي. توهان سڀني برطانيا جو قانون به توڙيو. جسٽس ڪڪ چيو ته مظهر مجيد توهان اسپاٽ فڪسنگ لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ ورتا. توهان هر سطح تي ڪرپشن ۾ ملوث رهيئو ۽ سلمان بٽ سان گڏجي اوول ۽ لارڊز ۾ سازش ڪئي. 3 نوبال ته رڳو هڪڙو شو آهي. مظهر جا هندستان ۽ دبئي ۾ جوارين سان رابطا هئا ۽ هو ڪافي عرصي کان اهو ڪم ڪرڻ جو اعتراف به ڪري چڪو آهي. هن پئسا وڌيڪ حاصل ڪيا. جج سندس رحم جي اپيل رد ڪندي چيو ته مطهر راند کي ڪاروبار بنائي ورتو هو، کيس 2 سال 8مهينا قيد جي سزا ڏني وئي. جسٽس ڪڪ سلمان بٽ جي اپيل به رد ڪندي چيو ته توهان جو ڪيريئر ختم ٿي ويو. توهان کي 30 مهينا قيد جي سزا ڏجي ٿي. جج چيو ته عامر کي خراب ڪرڻ جو ذميوار به سلمان بٽ آهي. محمد آصف بابت چيو ته توهان کان نيوز آف دي ورلڊ وارن جي رقم نه ملي آهي پر توهان ڪرپشن ڪئي، ان لاءِ هڪ سال سزا ڏجي ٿي. جج چيو ته عامر وڏا نوبال ڪرايا ۽ هن بهادري سان ڏوهه جو اعتراف ڪيو توهان گهٽ پڙهيل لکيل ۽ ڳوٺاڻا آهيو ۽ ان وقت 18 سالن جا هئا اها ڳالهه اسان جي ذهن ۾ آهي. توهان کي 6 مهينا قيد جي سزا ڏجي ٿي. جسٽس ڪڪ چيو ته سٺي رويي تي توهان کي اڌ سزا معاف ڪري سگهجي ٿي. عامر سزا يوٿ اوفينڊرز انسٽيٽيوٽ ۾ ڪاٽيندو. هو ڪيس تي ٿيل خرچ به ڀريندا. برطانوي قانون موجب چئن سالن کان گهٽ سزا مان اڌ جيل ۾ ڪاٽڻي پوندي آهي. جج چيو ته نرمي نه ڪئي وڃي ها ته مظهر مجيد کي چار چار سال قيد هر ڏوهه ۾، آصف کي هڪ هڪ سال عامرکي 9 مهينا ۽ سلمان بٽ کي مظهر مجيد جيتري سزاملڻ گهرجي ها. جج چيو ته سلمان بٽ سان گڏ محمد آصف جو ڪرڪيٽ ڪيريئر اڳ ۾ئي آءِ سي سي جي سزا سبب ختم ٿي چڪو آهي. اڌ سزا پوري ٿيڻ بعد توهان کي آزاد ڪيو ويندو پر جيڪڏهن باقي عرصي ۾ توهان ٻيهر ڏوهه ڪيو ته ٻيهر جيل آندا ويندئو. ذريعن موجب سزا پوري ٿيڻ تي جوابدارن کي برطانيا ۽ يورپ مان نيڪالي ڏني ويندي۽ هو ٻيهر يورپ وڃي نه سگهندا. مظهر مجيد تي 56 هزار 554 پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو آهي، جيڪو 6 مهينن اندر ادا ڪرڻو آهي.

    عوامي آواز[/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسپاٽ فڪسنگ : محمد عامر ، سلمان بٽ ۽ محمد آصف سان گڏ مظهر مجيد کي قيد جون سزائو

    ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سزا جو هي پهريون واقعو آهي۔ سزا آيل رانديگرن ڪرڪيٽ ۽ ملڪي ساک کي گهڻو ڌچڪو رسايو آهي۔ پر منهنجي سمجهه مطابق ميچ فڪسنگ ۾ ڪيئي رانديگر ملوث رهيا آهن ۽ هي سلسلو پراڻو آهي۔ پر اسپاٽ فڪسنگ سبب هي رانديگر سزا جا مستحق ٿيا آهن۔

    ڇا هاڻي ٻيا رانديگر ڪو سبق سکي سکندا ؟؟؟

    اوهان پنهنجي راء ڏيو
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اسپاٽ فڪسنگ : محمد عامر ، سلمان بٽ ۽ محمد آصف سان گڏ مظهر مجيد کي قيد جون سزائو

    ها ٻيا به سبق سکي سگهندا
    انهن ملڪ جو نالو بدنام ڪيو اهي
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: اسپاٽ فڪسنگ : محمد عامر ، سلمان بٽ ۽ محمد آصف سان گڏ مظهر مجيد کي قيد جون سزائو

    ها توهان صحيح ٿا چئو ٻيا سبق سکي ويا هوندا هن هيڏي سزا ٻڌڻ کان پو هڪ ملڪ جو نالو بدنام ڪيو ۽ ٻيو پنهنجي زندگي جا خواب چُور ٿي ويا هوندا کلاڙين جا سزا جا صحيح حقدار آهن۔
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اسپاٽ فڪسنگ : محمد عامر ، سلمان بٽ ۽ محمد آصف سان گڏ مظهر مجيد کي قيد جون سزائو

    مون کي رانديگرن جي انهي مؤقف ۾ وزن نظر اچي رهيو آهي ته هنن اهو سڀ هِڪ دٻاءُ تحت ڪيو آهي۔ ڇو ته هنن کان اڳ ذوالقرنين حيدر به اهڙا انڪشاف ڪري چڪو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو