مخدوم نوح سرور رح : برگزيده شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ’نه سي جوڳي جوءِ ۾....‘
    مخدوم نوح سرور رح : برگزيده شخصيت
    الله بچايو ميمڻ

    [JUSTIFY]سنڌ جي سرزمين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي جيد عالم، بزرگ، ولي، اوليا، غوث ۽ قطب پيدا ٿيا آهن، جن دين اسلام جي ترويج، شريعت جي آبياري ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. اهڙين برگزيده هستين ۾ ڪامل مڪمل، صاحب فيض و الفتوح شخصيت حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح جن جي آهي. حضرت مخدوم نوح رحه جو پيغام، اتباع رسول اڪرم ﷺ۽ هدايت جو اولين مرڪز رسول الله ﷺ جن جي ذات برڪات آهي ۽ دين اسلام جي راهه اطاعت، عبادت، تسليم و رضا ۾ آهي.

    هن عظيم ۽ برگزيده شخصيت جا مريد ڏکڻ ايشيا، ننڍي کنڊ جي خطي ۾ تقريبن هر هنڌ موجود آهن. حضرت مخدوم نوح رحه علم، عرفان ۽ شريعت، طريقت، عبادت، رياضت، تعلق من الله ۽ فنا في الله جي چوٽيءَ تي منصب تي فائز هئا ۽ پنهنجي رشد ۽ هدايت جي وسيلي عوام الناس کي ته الله پاڪ جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيائون، پر خواص، حڪمرانن، فرما روائن، تائين به سندن ولايت جي ڌاڪ ويٺل هئي، جنهن سبب وڏا وڏا حڪمران به سندن دروازي تي عجز سان حاضري ڀريندا هئا. سنڌ ۽ هند جا اڪثر حڪمران سندن زيارت جا مشتاق ۽ محتاج هوندا هئا. حضرت مخدوم نوح رح جي تعليمات، قرآن ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ هئڻ سبب دنياوي رغبت ۽ دنياوي منصب کان بالاتر هئي ۽ پاڻ ڪنهن به فرمان روا کان نذراني يا عطيه جا طلبگار نه رهيا بلڪه اهڙي غير اسلامي ۽ مشرڪانه رسمن جي مذمت ڪئي اٿن ۽ انهن خلاف وحدانيت ۽ شريعت جي حقيقت لاءِ جهاد جاري رکيو ۽ قرآن ۽ حديث جي پاڪ درس تدريس سان پنهنجي مريدن ۽ عام ماڻهن تائين الله تعاليٰ جي دين کي پهچايو ۽ ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪئي. جيڪڏهن ڪوبه طالب علم حضرت مخدوم نوح جن کان ڪو مسئلو پڇڻ ايندو هو ته پاڻ ان مسئلي جو جواب قرآن ۽ سنت مطابق ڏيندا هئا.

    حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي ولادت باسعادت بابت وقت جي ڪن عارفن ۽ درويشن اڳ ۾ ئي پيشنگويون ڪيون هيون، جيئن شيخ ڀرڪيو عارف ڪاتيار رحه، عارف مخدوم بلال سمون، هَسو چاڪي مجذوب وغيره. مخدوم نوح رح 27 رمضان المبارڪ 911هه آخر پوئين جمعي رات ڄائو جيڪو اڳتي هلي وقت جو مرشد ڪامل ثابت ٿيو. والدين سندن نالو لطف الله رکيو، جيڪواڳتي هلي مخدوم نوح جي برڪت فيض واري نالي سان دنيا ۾ روشن ۽ مشهور ٿيو. مخدوم نوح رحه جن ستن ورهين جا هئا جو کين مخدوم عربيءَ نالي هڪ عالم وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ وهاريو هو.

    حضرت مخدوم معظم جن ڪوبه مرشد نه ورتو هو. پاڻ رات ڏينهن الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ محوَ هوندا هئا سندن قلب ذڪر، فڪر، شهود، معائنه ۽ مشاهدي جي انوار ۽ تجلين سان مُنور ۽ روشن هو. سندن هستي حبيب جي هستيءَ ۾ محوَ ۽ گم هئي. سندن سلسلو طريقت اويسي ڪتاب سراج العارفين ۾ ”نوحاني“ لکيل آهي. حضرت مخدوم نوح جي زماني ۾ سيوهڻ، درٻيلو ۽ هالڪنڊيءَ، ٻٻرلوءِ، ٺٽي ۾ مدرسا هئا، جن جون عمارتون ڌار ڌار هيون. حضرت مخدوم صاحب جن حق سچ جي حمايت، ظلم خلاف آواز بلند ڪندا هئا.

    الله تعاليٰ سندن علم جا جيڪي دروازا کوليا سي علم مطلق، علم تفسير، علم حديث، علم فقه، وغيره هئا، پاڻ فقهي مسئلا پل ۾ حل ڪندا هئا. حضرت غوث الحق رحه جن مسلمانن جي قرآن تعليم لاءِ قرآن پاڪ جو ان زماني ۾ مروج دفتري زبان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ته جيئن مسلمان قرآن مجيد جي معنيٰ کان واقف رهن.

    حضرت غوث الحق رحه زماني جا مجدد، يگانه، عارف، تحقيق جا سچا عالم وقت جا قلب هئا. دل آزاري ڪندڙ بحثن کان پرهيز ڪندا هئا، وقت جي بادشاهن کي تنبيهه ڪندا هئا ته علمائن کي سرڪاري وظيفا ملڻ گهرجن، جيئن فڪرِ معاش کان آجو رهي علم جو سلسلو جاري رکڻ ۽ عيب جوئي کان آزاد رهن. پاڻ ڪنهن کان به نذرانو، تحفو يا وظيفو قبول نه ڪندا هئا، بادشاهن جي دولت کي حرام سمجهندا هئا. پاڻ وچين زماني ۾ سنڌ جا پهريان عالي مقام باڪمال بزرگ هئا جيڪي فقيري حال ۾ بادشاهن کي روبرو حڪومتن جون اوڻايون بيان ڪندا هئا.

    سندن پوري زندگي نبي اڪرم حضرت محمد ﷺ سرورِ عالم جي نقشِ قدم تي هلندي گذري. پاڻ 25 سالن جي عمر ۾ اويسي مرتبي تي فائز ٿيا ۽ پورن چاليهن سالن جي عمر ۾ جملي مشاهدات ۽ ڪمالات وغيره کان مشرف ٿيا.

    حضرت غوث الحق مخدوم نوح دين جي فروغ لاءِ ننڍي کنڊ جي مختلف حصن جا دورا ڪيا ۽ هر هنڌ انسان ذات جي بهتري، ساڃهه ۽ رهنمائيءَ لاءِ نمايان ڪم ڪيو. پاڻ 27 ذي القعد 998 هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندن شاعريءَ جا ڪجهه لافاني بيت اڄ به موجود آهن، جهڙوڪ:

    پيئي جا پرڀات، سا ماڪُ نه ڀانيوماڻهوئا،
    روئي چُري رات، ڏسي ڏکوين کي.

    نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سکي چاٽ،
    ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.

    حضرت مخدوم نوح رحه جو سروري خاندان اڄ به پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي ڏيهه جي ڏکويلن جي سهائتا لاءِ ڪوشان آهي ۽ اميد ته هن خاندان جا رهبر ۽ رهنما پنهنجن وڏن جي پوکيل باغ جي آبياري ڪندي ڏيهه واسين جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون جاري رکندا ايندا.[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو