دوستو سلام
نوجوان شاعر نويد ناز ڀٽي جو غزل پيش آهي۔ نويد ناز فيسبوڪ ۽ سوشل نيٽورڪس تي گهڻو سرگرم رهندو آهي۔ اميد ته سندس هي غزل دوستن کي پسند ايندو:
چمن ۾ تازگي ناهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
اُداس بلبلي آهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.
نه ڄاڻان ڪير چمن ۾ گهڙي پيو هوندو.
ويو آ پوپٽيون ڪاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
خزان جي ور آ چڙهي ويو قصو بهارن جو.
سمورا ڀوئنرويو باهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
رهيون نه رونقون سا ڳيون بچو نه باغ اُهو،
چڙهي ويون موسمون ڦاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.
وجود ڪونه رهيو آ نويد خوشبو جو!
ويٺاهون آسرو لاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن۔
اُداس بلبلي آهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.
نه ڄاڻان ڪير چمن ۾ گهڙي پيو هوندو.
ويو آ پوپٽيون ڪاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
خزان جي ور آ چڙهي ويو قصو بهارن جو.
سمورا ڀوئنرويو باهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
رهيون نه رونقون سا ڳيون بچو نه باغ اُهو،
چڙهي ويون موسمون ڦاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.
وجود ڪونه رهيو آ نويد خوشبو جو!
ويٺاهون آسرو لاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن۔
