خزان جي ور آ چڙهي ويو قصو بهارن جو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

نوجوان شاعر نويد ناز ڀٽي جو غزل پيش آهي۔ نويد ناز فيسبوڪ ۽ سوشل نيٽورڪس تي گهڻو سرگرم رهندو آهي۔ اميد ته سندس هي غزل دوستن کي پسند ايندو:​

چمن ۾ تازگي ناهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،
اُداس بلبلي آهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.

نه ڄاڻان ڪير چمن ۾ گهڙي پيو هوندو.
ويو آ پوپٽيون ڪاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،

خزان جي ور آ چڙهي ويو قصو بهارن جو.
سمورا ڀوئنرويو باهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،

رهيون نه رونقون سا ڳيون بچو نه باغ اُهو،
چڙهي ويون موسمون ڦاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن.

وجود ڪونه رهيو آ نويد خوشبو جو!
ويٺاهون آسرو لاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن۔


2wlvsja.jpg
 
جواب: خزان جي ور آ چڙهي ويو قصو بهارن جو

نه ڄاڻان ڪير چمن ۾ گهڙي پيو هوندو.
ويو آ پوپٽيون ڪاهي ۽ گُل ڪوماڻيل هن،

محترم نويد صاحب جن جي تخليق شاندار رنگ ڏئي پيش ڪرڻ جي مھرباني
 
Back
Top