اي جان محبت افسوس اهو ناهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
”آزاد نظم”

اي جان محبت_
افسوس اھو ناھي_
ته اسان ھڪ نه ٿي سگھياسين.
پر افسوس ته اھو آھي،
جو اسان ۽
اسان جي محبت.
اوھان جي آڏو
عزت نه ماڻي سگھي
۽ اسان
اوھان جي نظرن ۾
ڪري پياسين_
جن نظرن ۾
اسان لئه ھميشه
عزت احترام ۽ محبت ھئي
اڄ انھن ئي نظرن ۾
نفرت
ڪاوڙ
۽ اوپرائپ ڏسي
پنھنجي وجود ۽ نصيب تي
حيرت لڳي وئي،
۽ فقير الياس دائي جي غزل جون ھي ٻه سٽون
(جنھين ڪاڻ مئا سيئن ڪانڌي نه ٿيا سي)
(سڄي زندگي لئه ڏئي سور وياسي)
ذھن ۽ زبان تي ڦرنديو رھيون_
افسوس اي پيار جي ديوي
اسان کي
محبت ۽ پيار جي بدلي ۾
بي چيني
۽ سپچيون مليون.
انتظار جو عزاب مليو.
بي وفا جو خطاب مليو.
۽ ھڪڙو نالو مليو.
تون ڪوڙو آھين.
تون ڪوڙو آھين.
ھا!
مان ڪوڙو آھيان.


شاعر الياس دايو،
ٽنڊوسومرو
 
جواب: اي جان محبت افسوس اهو ناهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سڀني سنڌي ڀائرن کي عيد الاضحي مبارڪ
 
جواب: اي جان محبت افسوس اهو ناهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين تمام سٺي شاعري آهي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top