ڦليلي نامو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ قاسم علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2011۔

  1. قاسم علي شاه

    قاسم علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڦليلي نامو

    قاسم علي شاهه

    ڦليلي، هڪ عظيم واهه آهي، هن جي تعريف ۾ ڪيترائي گيت، غزل، نظم ۽ ليک لکيا ويا آهن. ڦليلي واهه، عاملن ۽ ڀائيبندن جي قديم شهر حيدرآباد وچان وهي ٿو. هن واهه کي پنهنجي تاريخ ۽ تمدن آهي، جنهن ڪري هن واهه شهرت ماڻي آهي. اڳ واهه جي ٻنهي ڪنارن سان ساوا گهاٽا ڇانودار وڻ هئا، جتي مسافر اچي آرام ڪندا هئا. سنڌ نيشنل ڪاليج جي اڳوڻن هندو سنڌي ودوانن جي تحقيق موجب هن واهه تي ڦليلي نالو ان ڪري پيو، جو هن واهه جي ڪنار سان ڦولدار وڻ ۽ ٻوٽا جهجهي انداز ۾ هوندا هئا. انهن ڦولدار وڻن جي نسبت سان کيس ”ڦليلي“ چيو ويو. هن واهه جي نسبت سان هڪ بازار جو نالو ڦليلي رکيو آهي.

    هن واهه جي اونهائي ٻه کان ڇهه گز ۽ ويڪر 350 فوٽ آهي. سنڌو درياهه مان نڪرندڙ سڀني کان هيءَ وڏي شاخ هئي، جنهن جو پراڻو وهڪرو ڪڇ جي رڻ ڏانهن ويندو هو، جيڪو 1775ع کان پوءِ به قائم هو. بعد ۾ ٽالپر حڪمرانن، هن واهه تي خصوصي توجهه ڏنو ۽ هن واهه مان ڪيتريون شاخون ڪڍرائي، غيرآباد زمينن کي آباد ڪرايو هو. هن واهه کي مهڙ وٽ ڦليلي ۽ پڇڙيءَ وٽ گوني چيو ويندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾، هن واهه کي وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو ويو. ان زماني ۾ هن واهه جو هيڊ ورڪس ڄامشوري وٽ رکيو ويو.

    سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب، لوئر سنڌ بئراج جي تعمير کان اڳ، ڦليليءَ جي حيثيت هڪ ڦاٽ جي هوندي هئي، هي ڦاٽ ميرپور بٺوري تعلقي ۽ جاتيءَ رستي جي ڀر ۾ ڇتن جي ڳنڍي جي ويجهو گونگڙي سان وڃي ملندو هو. پر لوئر سنڌ بئراج جي تعمير کان پوءِ ڦليليءَ ۽ پڃاريءَ جو منهن ڄام شوري وٽان ڪڍيو اٿن ۽ موجوده وقت حيدرآباد شهر پڃاريءَ (ڦليليءَ) جي ڪپ تي آهي. نئين وهڪري کان پوءِ، هي حيدرآباد تعلقي، ٽنڊي محمد خان تعلقي، ميرپور بٺوري، سجاول ۽ جاتيءَ تعلقن کي آباد ڪري ٿو. دڙي شهر وٽان هن مان نئچل شاخ ۽ وزيراڻي شاخ نڪري ٿي. هي واهه 11 لک 3 هزار 44 ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو.

    حيدرآباد شهر وٽ، اڇيءَ ۽ ڪاريءَ موريءَ وچان ڦليليءَ واهه مان اولهه طرف، هڪ ننڍو واهه ڪڍيو ويو هو، جيڪو رشي گهاٽ کان ٿيندو، ڊومڻ واهه سان ملي ويندو هو. اتان اهو واهه سنگت موريءَ ڏي روانو ٿيندو هو، سنڌي زبان جي نامياري اديب ۽ مورخ عبدالقيوم ”صائب“ جي تحقيق مطابق، ”سنگت موريءَ کان اها واهه جي شاخ وهي، ٽن تلائن کي پاڻي پهچائيندي هئي. اها ئي شاخ حيدرآباد جي قلعي کان ٿيندي، وري وڃي ڦليلي واهه ۾ پوندي هئي، جتي ڌوٻي ڪپڙا ڌوئيندا هئا. ڦليليءَ جي ڪناري سان شوالا هوندا هئا، جتي هندو ڀائر سندن ڌرم مطابق پوڄا پاٺ ڪندا هئا. ان کان ٿورو اڳيان، ڪرنل تروٽ جو باغ هوندو هو، جيڪو بعد ۾ حسن علي آفندي کي تحفي طور ڏنو ويو هو. باغ سامهون، ٺوڙها چاڙهي وٽ، واهه جي شاخ جي ڪپ تي تولا رام هاءِ اسڪول ۽ اسڪول جي سامهون ناري هنري شالا، سيٺ ڍولڻ مل تعمير ڪرايا هئا ۽ قلعي جي ڀر ۾ سکر جي گردوارو عمارت هئي، جنهن ۾ سک ڌرم جي تعليم ڏني ويندي هئي. هينئر اها عمارت هڪ پنجابي ڊاڪٽر فاروق نامي جي قبضي ۾ آهي“.

    ڦليليءَ جي ٻنهي ڪنارن تي شاندار پر فضا باغ هوندا هئا، جن جو ذڪر انگريز سياحن پڻ ڪيو آهي. ڦليليءَ جي اولهه طرف مندرن جو خوبصورت علائقو رشي گهاٽ سڏبو هو، جتي پپر جا گهاٽا وڏا ڇانودار، سندر وڻ هئا. ڏياريءَ جي رات، ڏيئار ٻاري ڦليليءَ جي نذر ڪيا ويندا هئا، انهن ڏيئن جي چمڪ ماڻهن جي دلين کي به مسرور ڪري ڇڏيندي هئي، ان رات ماڻهو هڪ ٻئي کان مٺايون، مصريون ۽ مرڪون وصول ڪندا هئا. جڏهن، سانوڻ ۾ پاڻي چاڙهه کائيندو هو، تڏهن مرد توڙي عورتون، نئين پاڻيءَ جي آمد تي خوشيون ملهائيندا هئا.

    رشي گهاٽ جي اولهه ۾ ناني محمد شاهه وارن جو باغ هوندو هو. باغ ۾ موتيو، موگرو، ٽانگر ۽ گلاب جا گل جام ٿيندا هئا، جن جو چونڊو پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ٿيندو هو. اهي گل صبح سوير بازار ۾ کپايا ويندا هئا. انهن گلن تي اسان جي وڏڙن جو گذران ٿيندو هو. ڦليليءَ جي آس پاس ديوانن جي باغن جا گل اسان جي ناني ۽ ڏاڏي وٽ مقاطي ۾ هئا. باغن جا مالڪ، اهي ديوان سڳورا، اسان جي ڪٽنب جو گهڻو خيال رکندا هئا. هر ڏياريءَ تي اسان جي وڏڙن کي لونگيون، ڪپڙا ۽ مٺايون سوغات ڪري ڏيندا هئا. رشي گهاٽ جي ڀرسان شامداس پارڪ هوندو هو. ڇا ته ان ۾ رونق هئي! رڳو رنگه برنگي قسمين قسمين جا گل!... ڪنول جو گل پهريون ڀيرو مون اتي ڏٺو.

    ڦليليءَ جي اوڀر ۾، مير رسول بخش ٽالپر جو باغ هوندو هو، جتي مير صاحب شام جو ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو. سنڌي ماڻهن جي نيڪ جذبي سان خدمت ڪيائين. مير سياستدان هو، ماڻهو کيس شير سنڌ چوندا هئا. مير صاحب جي باغ جي ٿورو اڳيان، اولهه پاسي، حيدرآباد جي اعليٰ پاءِ جي درسگاهه، سنڌ نيشنل ڦليلي ڪاليج جي شاندار عمارت اڄ به قائم آهي. هن ڪاليج سان ڪيتريون ئي يادگيريون وابسته آهن. هي ڪاليج اعليٰ تعليم ڏيڻ جي لحاظ کان اتم درجي تي پهتل هو. اهو ڪاليج سنڌ ۾ رهندڙ تهذيب يافته جاتيءَ جي يادگيري ڏياري ٿو. اها جاتي واقعي درسگاهن جو تقدس ڪري ڄاڻندي هئي. سندن هتان لڏي وڃڻ کان پوءِ تعليم، تجارت، تعمير ۽ ترقيءَ جو عمل رڪجي بلڪه ختم ٿي ويو آهي. هن ملڪ جي مالڪن جي هتان وڃڻ کان پوءِ هيءُ وطن ويران ٿو ڀانئجي. ڦليلي ڪاليج جي اتر ۾ ڍولڻ داس جو شاهي باغ هو، جنهن جا گل، ڦل ۽ ميوات هنڌين ماڳين مشهور هئي. ڦليليءَ جي پل اڇي موريءَ کان اوڀر ڏي، پارسيءَ جو مشهور باغ هو. هن باغ ۾ هڪ اهڙو تلاءُ هو، جنهن جي مٿان ساڳوان جي ڪاٺ جو پويلين تعمير ڪيل هو، پويلين جي اندرين پاسي ڇت ۾ جنسيات متعلق اگهاڙيون مورتيون اڪريل هيون. ان باغ جي بنگلي ۾ رهندڙ، هڪ خوبصورت ڇوڪري مون سان گڏ پڙهندي هئي. ننڍي هوندي اسين ٻئي ان پويلين ۾ راند ڪندا هئاسين. افسوس اڄ نه اهو باغ رهيو آهي، نه اهو پويلين، نه ئي اها خوبصور ڇوڪري، زندگيءَ کي به عجيب رنگ آهن.

    ڦليليءَ واهه جي اولهه ڪناري، ٽنڊي مير محمود وٽ انگريزن جو تعمير ڪرايل پاور اسٽيشن هو، جتان حيدرآباد کي بجلي ڏني ويندي هئي. ان پاور هائوس جو ٽاور پري کان پيو نظر ايندو هو.ا ن ئي جاءِ تي ڦليليءَ مٿان ريلوي جي پل آهي، جنهن تي بيهي ڦليليءَ جو دلڪش نظارو پسي سگهجي ٿو.ا ن پل تان جوڌپور، حيدرآباد ريلوي لائين گذري ٿي، جيڪا سنه 1892 ۾ تعمير ٿي، جنهن تي ان وقت 390738 رپيا خرچ آيو هو. پل ڀرسان ڏکڻ ڏي، پاپي ڪانگريسيءَ جو سهڻو من موهڻو باغ هوندو هو، جنهن جا ڏاڙهون مٺا ۽ لذيذ هوندا هئا. ڪانگريس پارٽيءَ جا ليڊر، هن باغ ۾ اچي پاپي جا مهمان ٿيندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ اهو باغ حسن علي آفندي جي پونيئر کي مليو، هتان اولهه طرف، ٻه اڍائي ميل پري دادا لوڪرام ڏوڏيجا جي انڊس گلاس ورڪس فئڪٽري هئي، جنهن جو ذڪر هن سندس ڪتاب ۾ ڪيو آهي.

    ڦليليءَ جي اوڀر طرف، ريلوي لائين جي اورئين پاسي، ٽالپر حڪمران مير نصير خان جو دلڪش باغ پوکايل هوندو هو، جنهن ۾ جاوا، سيلون ۽ بنگال کان آندل ٻوٽا پوکيا ويا هئا. باغ جي تلاءَ ۾ سنگمرمر مان ٺهيل ڳئون جي مُک جي مورتي لڳل هئي، جنهن جي وات مان پاڻي نڪري تلاءَ ۾ پوندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو عيد جي نماز هن باغ ۾ پڙهندا هئا. هن باغ جي ڀرسان، بلڻ شاهه جي مقام ۾ سنڌي ادب جي ابي مرزا قليچ بيگ جو مرقد مبارڪ آهي، جتي پاڻ ابدي آرامي آهي، مير نصير باغ جي ڀرسان ڦليليءَ ڪناري، حيدرآٻاد ٽينري هئي، جتي جانورن جي کلن کي صاف ڪري، ان مان برٽش، انڊين آرميءَ لاءِ لانگ بوٽ ٺاهيا ويندا هئا.

    ڦليليءَ ۾ ٻيڙين رستي تجارتي مال جي ترسيل ٿيندي هئي.ا هو مال بدين کان حيدرآباد ايندو ويندو هو. ان وقت ڦليلي بازار اڇي موري وڏو تجارتي مرڪز هو. تنهن دور ۾، ديوان گوپالداس ڦليليءَ جي روح روان هوندو هو. سندس دور ۾ ڦليليءَ جي علائقي ترقيءَ ڏي قدم وڌايا. ماڻهو کيس سڪ مان ياد ڪن ٿا. گوپالداس ڦليليءَ ۾ مارڪيٽ، اسپتال، ريڊنگ روم ۽ اسڪول تعمير ڪرايا هئا. هن مهان انسان اسڪول جي اڳيان جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو هڪ حوض تعمير ڪرايو هو ۽ مسافرن لاءِ الڳ پاڻيءَ جو نل هڻايو هو. ڦليلي بازار جي وچ ۾ هڪ ميدان وٽ، ديوان تلسي داس موٽواڻي، پاڻيءَ جو هڪ حوض ٺاهرايو هو، جنهن مان ٻهراڙي مان وکر کڻي ايندڙ جتن جا اٺ پاڻي پيئندا هئا.

    جڏهن ڏکڻ جي هوا گهلندي، تڏهن ڦليليءَ جي پاڻيءَ ۾ لهرون ناچ ڪنديون هيون ۽ ساوڪ سان ڀريل ڪنارن تي ويٺل ڀانت ڀانت جا پکي گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. وڻن جون سايون ٽاريون مدهوشيءَ ۾ لڏنديون ۽ لمنديون هيون. ڪي پکي ڪپ تي ويهي پيا چهنبن سان کنڀ سوئيندا هئا. رات پوندي ئي کڙکٻيتا پنهنجي جسم جي روشنيءَ سان ساري ماحول جي منور ڪري ڇڏيندا هئا، جن جي جڳمڳ ساري رات جاري رهندي هئي.

    اڇيءَ موريءَ جي ڀڪ سان، ڦليليءَ ڪناري تي سائين قادر بخش ملاح وارن جو ڳوٺ هو، جتي چاچي سومار ملاح وارن جون ٻيڙيون پاڻيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون. چاچي سومار وارا پرهه ڦٽيءَ کان به اڳ، رڇ ۽ ڄار ميڙي سيڙي ٻيڙين ۾ رکي، ٻيڙيون پاڻيءَ ۾ هاڪاري مڇيون مارڻ ويندا هئا. چاچو سومار نائکن کي ٻيڙيون صحيح نموني نيويگيٽ ڪرڻ جون وڏي واڪي هدايتون ڏيندو رهندو هو. سندس واڪا پري کان پيا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. سج اڃا ڪني نه ڪڍندو هو ته ٽوٻا پکي اچي نروار ٿيندا هئا. واءُ ۾ پرڙن کي تيز ڦڙڪائي، پاڻيءَ ۾ غوطا ڏئي، مڇيون پڪڙي وٺندا هئا. صبح سوير هڪ ڪولهي ماري، ڪناري تي مانڊاڻ منڊي، پکين جو شڪار ڪرڻ ايندو هو، سندس اهڙي ڪڌي ڪم تي، مون کي ڏاڍي بڇان لڳندي هئي، دل ئي دل ۾ کيس ڦٽڪار وجهندو هو.س

    ڦليليءَ جي پاڻيءَ تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، لکين ٽن اناج، ميوا، ڀاڄيون، ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار ٿيندي هئي. ڦليليءَ جي آس پاس ڳوٺن ۾ چوپائي مال جهڙوڪ ٻڪرين، مينهن، ڳئن ۽ ڏاچين جا لاتعداد ڌڻ هوندا هئا، جن مان لکين لٽر کير دستياب ٿيندو هو ۽ ٻيلن مان هزارين مڻ عمارتي ڪاٺ ۽ جلائو ڪاٺ پيدا ٿيندو هو، پر پوءِ به هيءُ خطو سکيو ستابو ٿي نه سگهيو.

    ڦليليءَ جي ڪپرن سان ٻير، نم، بڙ ۽ سرنهن جا بيشمار وڻ، گلن سندا ٻوٽا ۽ گلن واريون وليون ٿينديون هيون، وڻن جي ٻور، ٻوٽن ۽ ولين جي گلن تي قسم قسم جا اندازي کان ٻاهر پوپٽ، ڀئونر ۽ ماکيءَ جون مکيون اچي پر گهٽ ٿينديون هيون. انهن وڻن ۾ اعليٰ قسم جي ماکي ٿيندي هئي، اتان جا ڌراڙ ماکي جي مانارن مان ماکيءَ جون چئونريون ڀري کڻي ويندا هئا. ڦليليءَ واهه جي ڪنارن سان آباد ڳوٺن ۾، چوپائي مال لاءِ گاهه چارو جام ٿيندو هو ۽ کير ۽ مکڻ جي فرارواني عام هوندي هئي، چوپايو مال جڏهن ڪنارن تي چرڻ ايندو هو ته انهن جي ڳچين ۾ ڳانين سان ٻڌل ٽلين ۽ چڙين جو آواز پري کان هڪدم توجهه ڇڪائي وٺندو هو.

    ڦليلي واهه ڪيترن ئي اديبن ۽شاعرن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو هو، جن هن واهه جو پنهنجي ادبي شهپارن ۾ ذڪر ڪيو آهي. جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ڪاڪي هري موٽواڻي، سيد نثار حسيني، عبدالقيوم صائب، ممتاز مرزا، اسماعيل شيخ، حبيب الله مرزا، تنوير عباسي، تاجل بيوس، ليکراج عزيز وغيره جا نالا شامل آهن. هن نئين دور ۾، فطرت ۽ ان ۾ موجود وڻن ۽ پکين سان پيار ڪندڙ، ٽنڊي ٺوڙهي ۾، ڦليليءَ ڪناري جنم ورتل اديب نصير مرزا وڏي چاهه سان ڦليليءَ جو ذڪر ڪيو آهي سندس شعر آهي ته.

    يار ڦليليءَ پار رهي ٿو، جنهن جو نانءُ نصير،

    يار ته ناهي يارن جو، ڄڻ آهي پير فقير.

    آئون روزانو ڦليليءَ ڪناري ويندو آهيان، اتي پکين جو نظارو پسندو آهيان. هتي آباد پکيءَ، ڦليليءَ جي سونهن ۽ سينگار آهن. شام جو اوڀر طرف، نيري آسمان جي افق تي، ڦليليءَ جي ڪناري سان، ساوڪ ڀريل وڻن مٿان، اهي اڇا پکي واهه ۾ پيا اڏامندا رهندا آهن. ساڌو واسواڻي پکين کي پرماتما جا ٻار سمجهي، کين پيار ڪندو هو، سندن قول هو ته پيار نازڪ اٿو، ان جي سنڀال ڪريو.

    [JUSTIFY]
    پسو پکيئڙن ماڻهنئا ميٺ گهڻو.​
    [/JUSTIFY]

    لوئر سنڌ بئراج جو اولين خاڪو نهچلداس وزيراڻي پيش ڪيو هو.
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڦليلي نامو

    ادا قاسم علي شاھ،توهانجون تمام گهڻيون مهربانيون جو پنهنجي قيمتي وقت کي سيڙائي ڦليلي واھ تي هڪ تمام گهڻي معلومات تي مبني ليک هن فورم تي ونڍ ڪري،هن اوطاق جي زينت ۾ اضعافو ڪيو اٿئو۔

    ''''''ڦليليءَ جي ڪپرن سان ٻير، نم، بڙ ۽ سرنهن جا بيشمار وڻ، گلن سندا ٻوٽا ۽ گلن واريون وليون ٿينديون هيون، وڻن جي ٻور، ٻوٽن ۽ ولين جي گلن تي قسم قسم جا اندازي کان ٻاهر پوپٽ، ڀئونر ۽ ماکيءَ جون مکيون اچي پر گهٽ ٿينديون هيون. انهن وڻن ۾ اعليٰ قسم جي ماکي ٿيندي هئي، اتان جا ڌراڙ ماکي جي مانارن مان ماکيءَ جون چئونريون ڀري کڻي ويندا هئا. ڦليليءَ واهه جي ڪنارن سان آباد ڳوٺن ۾، چوپائي مال لاءِ گاهه چارو جام ٿيندو هو ۽ کير ۽ مکڻ جي فرارواني عام هوندي هئي، چوپايو مال جڏهن ڪنارن تي چرڻ ايندو هو ته انهن جي ڳچين ۾ ڳانين سان ٻڌل ٽلين ۽ چڙين جو آواز پري کان هڪدم توجهه ڇڪائي وٺندو هو.'''''


    ادا سائين ڦليلي واه ۽ انهن جي ڪپرن تي پوکيل وڻن جون جيڪي خوبيون توهان پنهنجي ليک ۾ ٻڌائيون آهن ان کي ڪنهن ظالم جي نظر لڳئي ويئي آهي۔اهئي سڀ شيون هاڻي ناپائيدار ٿئي ويون آهن۔پاڻي جي به هاڻي کوٽ آهي ۽ وڻ ٽڻ ته مهاڳئي ختم ٿئي ويا آهن۔ُڦليلي واھ جي سونهن جنهن تي ڪئي شاعر حضرات فدا ٿئي ان کي پنهنجي شاعري جو مرڪز بنايو هاڻي زماني جي سرد مهري سان آهستي آهستي ختم ٿيندي ٿي وڃي۔دعا ڪريو ته وري ڦليلي واه پنهنجي جوبن سان وھڻ لڳئي ۽ اسان کي واڻڪار،ماکي ۽ ڇانون جو مزو ماڻڻ ڏئي۔۽ جانورن جي لاء گاه واه جي ڪپ تي پيدا ٿئي،
     
  3. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: ڦليلي نامو

    بهترين ونڊ آهي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو