• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهالت، ظلم. ناانصافي۽ لاقانونيت خلاف اٿي کڙا ٿيو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
جتي به آهيو ، جهالت، ظلم. ناانصافي۽ لاقانونيت خلاف اٿي کڙا ٿيو ، مذهب ، رنگ ، ذات پات کان مٿاهان ٿي، انسانيت جا امين بڻجي اٿو، ڏسو سڄو عالم اڄ اوهان ڏانهن نهاري ٿو ، ڇاڪاڻ ته سنڌ واحد ڌرتي آهي جتان قديم آثارن مان هٿيار نه مليا آهن ، سنڌي آبگھاتي بمبار ناهن، ڪرائي جا قاتل ناهن، سنڌين ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي حملو نه ڪيو آهي جڏهن ته پاڙيسرين سنڌ تي حملا ڪيا ، سنڌين انسانيت جي اعليٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي انهن کي بي گناھ نه ڪٺو ۽ نه انهن کي ڪڏهن لٽيو، سنڌ محبتن جي ڌرتي آهي جنهن لاءِ استاد بخاري چيو ،” هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻان، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڊئو سهڻان، ڪم ڪار ڪريان يا پيار ڪيان منهنجون عمريون هجن ها سو سهڻان“، اسان هر شيءِ سان ايترو پيار ڪيون ٿا جو ان پيار مان اسان کي ڊئو ئي نٿو ٿئي ، اسان محبت ۽ ڪم ۾ ايترا مشغول آهيون جو ڪنهن سان نفرت لاءِ اسان وٽ وقت ئي ناهي، ان ڌرتي تي ٽن بي گناھ مسڪين بيڏوهي سنڌي هندو ڊاڪٽرن جو قتل ، سنڌ جي 7هزار سالن جي تاريخ جي ڀائيچاري جو قتل ٿيو آهي، ان قتل پويان ، وحشي صفت جاگيرادي سوچ ملوث آهي ، جن کي هاڻ خطرو ٿئي پيو آهي ته سندن هٿان سنڌ ائين نڪري رهي آهي جيئن واري مٺ مان نڪرندي آهي ، ان ڪري هنن ظالمن جاهل ماڻهن کي ڀڙڪائي انهن کان قتل ڪرائي، پنهنجي ذات جي ماڻهن کي پنهنجي چنبي هيٺ رکڻ چاهين ٿا، اهي شڪست کاڌل مردھ نظام جا حامي سردار پاڻ ۾ گڏ آهن ، ان جاهل ڀيي سردار جو تعلق وڏيرن جي ترجمان جماعت پي پي سان آهي، ان پي پي جي کيس ڀرپور سپورٽ حاصل آهي، جنهن جي زور تي هن هي جاهلاڻي حرڪت ڪئي آهي پر هن کي خبر ناهي، ڪنهن شاعر چيو آهي، ”تون گيدي وڙهندي گن مشنن سان هي ڏهيسر وڙهندي ڏنڊن سان، تون راند نه ڄاڻي ٻارن سان اٽڪي پئين اجرڪ وارن سان“ هن وحشي ڪارروائي جي سنڌ جي ٻچي ٻچي مذمت ڪئي آهي ۽ سردار ۽ ان جي حامين تي لعنت ڪئي آهي، سردار ۽ سندس فرسودي سوچ، فڪر ۽ عمل شڪست کائي ويو، ڪنهن ڪيڏو نه سچ چيو آهي جن نوجوانن کي هن سرداري نظام قتل ڪيو، هو قتل ٿيڻ کان پوءِ به زندھ آهن ۽ هي زندھ هوندي مردھ بڻجي ويو آهي ، هنن نوجوانن کي هرڪو سلام پيش ڪري ٿو، ۽ قاتلن کي لعنت ملا مت ڪري ٿو، سنڌ ۾ جنهن نموني هندو ڀائرن خلاف سازش شروع ٿي آهي اها واضع ڪري ٿي ته ان ۾ ڪير ڪير ملوث ٿي سگھن ٿا ۽ آهن ، هر باشعور ماڻهون سمجھي ٿو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ، چورن . پاٿاريدارن، سردارن ، وڏيرن کي ڪنهن جي سرپرستي حاصل آهي اهي ڳجھا هٿ سنڌ ۾ ڇا ٿا چاهين، اهي هڪ طرف غيرقانوني ايندڙ ڌارين کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائي رهيا آهن، ته جيئن سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪجي، انهن کان روزگار ، وسيلا . شهر، حق حڪمراني، تعليم ۽ ڌرتي جي مالڪي کسي انهن کي غلام بڻائجي، ان ڪري انهن پهريان قوم پرست سياست ۾ پنهنجا ماڻهون ڀرٿي ڪيا، انهن کان سنڌ جي تعليم تباھ ڪرائي، ان وطن پرست سياست کي گندو ڪيو،ا ن کان عوام کي مايوس ڪيو، پوءِ پنهنجي هٿ ٺوڪي غدار ويڪائو وڏيرن جي سياسي منڊي لڳرائي، سنڌ کي سياسي طور ڪمزور ڪيو ، ڪرپٽ ڪيو،ڪوڙا ، ٺڳ صحافي پيدا ڪيا، انهن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ، ته ٻين کي شراب ۽ چند سڪن تي هيرايو، هڪ بي ضمير ماڻهن جي لوڌ پيدا ڪئي وئي، ان جي باوجود اهي ڪامياب ن ٿيا ته انهن هي هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ان ۾ به سنڌ جي باضمير ماڻهن جيڪا مثبت موٽ ڏئي دشمن کي جنهن نموني شڪست ڏني آهي ان جو مثال نٿو ملي، هي سنڌ جي لازوال ٻڌي جو ثبوت آهي ته هن واقعي تي سنڌ جي هراک رني آهي، هر باضمير ماڻهون ڏکارو آهي، انهن نوجوانن جي قتل کي پنهنجي گھرڀاتي جو قتل سمجھو آهي ، سنڌ جي قومي ٻڌي دشمن جي سمورن ناٽڪن ، مڪرن ۽ ڌوکن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي ، اسان جو حڪمرانن کان سوال آهي ته جڏهن آفتاب شهبان ميراڻي، پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي خبر هئي ته انهن بروقت قدم کڻي ان معاملي کي ڇو حل نه ڪيو، ان مان ظاهر آهي ته اهي سڀ ڌريون هم صلاح هيون ته اهڙو واقعو ڀل ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ڌريون انهن ڌرين جون دلال آهن جيڪي سنڌ ۾ به مذهبي جنونيت پکيڙي، سنڌ کي خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب ۽ افغانستان بنائڻ چاهين ٿيون، پر اها انهن جي ڀل آهي، اهي سنڌ ۾ ڪامياب نه ٿيندا .ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ضمير اڃان زندھ آهي، سنڌ اڃان انسانيت ۾ يقين رکي ٿي ، اڃان سنڌ مان محبت ، پيار ۽ ڀائپي وارو پکي نه اڏاڻون آهي، اسان سنڌ ڄاون کي هن واقعي کانپوءِ جاڳڻ گھرجي، هاڻ هڪ آواز ٿي چوڻ گھرجي بند ڪريو هي موت جي راند، بدمعاشي، هاڻ گھڻون ٿي ويو، هاڻ وڏيراشاهي ۽ جاگيرادي نه هلندي. هاڻ مائرن جون جھوليون ائين خالي ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته هن قتل ڪيس ۾ قاتلن سان گڏ سردار واحد بخش ڀيي کي به گرفتار ڪيو وڃي، انهن پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن ۽ پي پي اڳواڻ آفتاب شهبان ميراڻي کي به گرفتار ڪيو وڃي، ان لاءِ پي پي حڪومت تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته اها قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي به گرفتار ڪري ۽ سنڌي هندن کي مستقل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جئين ٻيهر مستقبل ۾ اهڙو واقعو پيش نه ٿي سگھي.
 
Back
Top