واضح رهي ته 27 x 34جي پيپر مان مان پمفليٽ، اشتهار، بئنر ۽ ڪئلينڊر وغيره ٺهندا آهن، اهو پيپر انهن لاءِ مخصوص آهي، ان پيپر مان ڪتابن جي سائيز ناهي ٺهندي. باقي 30 x 40 ۽ 23 x 36 پيپر مان ڪتابن جون سائيز پڻ بڻجنديون آهن ته ليٽرپيڊ، ليٽرهيڊ، ڪيش ميموز، بل بڪ ، رسيدو وغيره به ٺهنديون آهن ته ڪتابن جي سائيز پڻ نڪرندي آهي. ڪڏهن وري هيئن به ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن پريس واري کي 30 x 40 جو پيپر نه ملندو آهي، ته ان جي جاءِ تي 23 x 36 پيپر پڻ هلائڻو پوندو آهي.
باقي ڪجهه ڪتابن جون سائيزون ٺهيل ته ناهن، پر اهي سوچ ويچار ڪري ٺاهڻيون پونديون آهن. مثال طور پاڪٽ سائيز جي ڪتاب جا ڪا سائيز مقرر ناهي، اها 30 x 40 واري پيپر مان ٺاهڻي پوندي آهي. اهڙيءَ طرح رائل ڪرائون سائيز پڻ ساڳئي نموني سان ٺاهڻي پوندي آهي.
ياد رکجي ته ڪمپوزنگ جي سائيز پيپرجي سائيز کان هڪ هڪ انچ گهٽ رکڻ گهرجي، پر اهو قاعدو هر هنڌ نه به هلندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪمپوزنگ واري ڪتاب جي پيجن جو تعداد ۽ پيپر جي گرام جي سائيز جي آڌار تي ڪمپوزنگ جي سائيز ڪجهه وڌائي به سگهجي ٿي، ته وري ڪڏهن ڪجهه گهٽائي به سگهجي ٿي، پر عام طور تي اهو ذهن ۾ رکجي ته مارجن گهٽ ۾ گهٽ هڪ انچ جو هئڻ گهرجي.