پريس جي دوستن کان سوال

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    دوستو السلام عليڪم
    اميد آهي ته عيد خير سان گزاري هوندي۔
    سوال اهو آهي ته ڪتابن ۽ پريس جي اصطلاحات ۾ ڪجھ لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن جي انهن جي وضاحت تفصيل سان ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي، جهڙوڪ
    ڊيمي سائيز
    ڊبل ڊيمي
    ڪرائون
    ڊبل ڪرائون
    دوستن جي مهرباني۔۔۔
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    ادا اوهان جي هن سوال جو جواب تلاش ڪرڻ جي لا مختلف ذريعا استعمال ڪيا پر ڪٿان ڪجهه نه وريو ۔ بس هڪڙي دوست
    اها ئي ڳالهه ڪئي جيڪا منهنجي علم ۾ هئي ته اهي نالا پيپر سائيز جا آهن۔ ان لا پيپر سائيز جي باري ۾ ڳولا ڪئي ته اوهان جي
    سوال سان لاڳاپيل 4 جواب ملي ويا پر۔۔۔۔ هي آهي اوهان جو جواب جهنهن ۾ اوهان جي سوال کانسوا
    ٻيون به تمام سائيزز موجود آهن۔۔

    وڌيڪ معلومات جي لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو


    [​IMG]



    دعا ۾ ياد۔


    ۔​
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    تمام بهترين معلومات آهي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    اسان جي علم ۾ پڻ اها ڳالهه هاڻي آئي آهي ادا طاهر جي بدولت

    مهرباني سائين درويش صاحب

    سدائين گڏ
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    دوستن جي مهرباني خاص طور ادا درويش جي، پر وري به آءُ ڪجھ وڌيڪ وضاحت جو منتظر آهيان، وقت ملي ته ادا ابو واصف جن کي گذارش آهي۔
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    تمام بهترين معلومات آهي
     
  7. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    السلام عليڪم دوست مٺا! اوهان جي پوسٽ پڙهي ته هئم، پر توهان جي جواب کي مزيد پختو ڪرڻ لاءِ ڪالهه حيدرآباد جي پريس مارڪيٽ مان ڦيرو هڻي پيپرن جي باري ۾ ڪجهه معلومات حاصل ڪئي اٿم، جنهن کي هن چارٽ ۾ سهيڙي رهيو آهيان. اميد ته اوهان ان مان رهنمائي حاصل ڪندا.

    [​IMG]

    اهو ممڪن آهي ته لاهور يا ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ ان کان علاوه وڏي سائيز وارا پيپر پڻ هجن. ڪراچي جي مارڪيٽ کي جانچڻ لاءِ اوهان سائين رشيد صاحب جي معرفت سان محترم جاويد قاضي صاحب کان رهنمائي حاصل ڪري سگهو ٿا. باقي حيدرآباد جي مارڪيٽ ۾ جيتريون به ڪمپوزنگ جون سائيزون هلن ٿيون.

    واضح رهي ته 27 x 34جي پيپر مان مان پمفليٽ، اشتهار، بئنر ۽ ڪئلينڊر وغيره ٺهندا آهن، اهو پيپر انهن لاءِ مخصوص آهي، ان پيپر مان ڪتابن جي سائيز ناهي ٺهندي. باقي 30 x 40 ۽ 23 x 36 پيپر مان ڪتابن جون سائيز پڻ بڻجنديون آهن ته ليٽرپيڊ، ليٽرهيڊ، ڪيش ميموز، بل بڪ ، رسيدو وغيره به ٺهنديون آهن ته ڪتابن جي سائيز پڻ نڪرندي آهي. ڪڏهن وري هيئن به ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن پريس واري کي 30 x 40 جو پيپر نه ملندو آهي، ته ان جي جاءِ تي 23 x 36 پيپر پڻ هلائڻو پوندو آهي.

    باقي ڪجهه ڪتابن جون سائيزون ٺهيل ته ناهن، پر اهي سوچ ويچار ڪري ٺاهڻيون پونديون آهن. مثال طور پاڪٽ سائيز جي ڪتاب جا ڪا سائيز مقرر ناهي، اها 30 x 40 واري پيپر مان ٺاهڻي پوندي آهي. اهڙيءَ طرح رائل ڪرائون سائيز پڻ ساڳئي نموني سان ٺاهڻي پوندي آهي.

    ياد رکجي ته ڪمپوزنگ جي سائيز پيپرجي سائيز کان هڪ هڪ انچ گهٽ رکڻ گهرجي، پر اهو قاعدو هر هنڌ نه به هلندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪمپوزنگ واري ڪتاب جي پيجن جو تعداد ۽ پيپر جي گرام جي سائيز جي آڌار تي ڪمپوزنگ جي سائيز ڪجهه وڌائي به سگهجي ٿي، ته وري ڪڏهن ڪجهه گهٽائي به سگهجي ٿي، پر عام طور تي اهو ذهن ۾ رکجي ته مارجن گهٽ ۾ گهٽ هڪ انچ جو هئڻ گهرجي.
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    سائين ابو واصف جن جي مهرباني جو پاڻ نهايت عام فهم طريقي سمجهاڻي ڏنائون ادا عمران جن به پنهنجي طرفان ڪوشش ڪئي آهي ليڪن سندن فگر ۾ ڊي مي سائيز سامهون لکيل آهي 17.5 ۽ 22.5 مون کي حيراني لڳي ته ڊيمي سائيز ته اها تمام وڏي آهي پر مون سمجهيو ته شايد مون غلط سمجهيو آهي ليڪن سائين ابو واصف جي ڏنل فگر ۾ڊيمي سائيز 4.5 ۽ 7.5 آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ درست آهي ۔ اميد ته سائين طاهر جن جي مطلوبه معلومات کين حاصل ٿي چڪي هوندي۔
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال



    وڏي مهرباني ادا ابو واصف اوهان جي تصديق شده سمجهاڻيءَ سان منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيو ۽ گڏ و گڏ انٽرنيٽ جي نه سمجهه ۾ ايندڙ انگن اکرن جي بابت به غلط فهميءَ جي تصحيح ٿي.
    اميد ته دوستن جي اها رهنمائي جاري رهندي.


    دعا ۾ ياد.


    .
     
  10. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    تمام مهرباني دوست! اصل ۾ ڇا آهي ته انٽرنيٽ تي اوهان جيڪا فگر ڏني آهي، اها فگر پيپر جي شيٽ جي آهي، اسان ته هتي 23_36 جي سائيز مان ڊيمي سائيز جو سورهون حصو ڪڍون ٿا۔ ممڪن اهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ ڊيمي سائيز جي پيپر جي مڪمل شيٽ ملندي هجي۔ مون هتي صرف حيدرآباد جي پريس جي مارڪيٽ جانچڻ کان پو جيڪو وچور ڏنو آهي، اهو دوستن جي سامهون عرض رکيم۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پريس جي دوستن کان سوال

    ادا ابو واصف صاحب اوهان جا لک لائق جو اوهان خود تڪليف ڪري حيدرآباد جي پيپر مارڪيٽ ڏسي هت اسان سڀني کي فائدو رسايو آهي الله تعالا اوهان کي جزائي خير عطا فرمائي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو