• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي پسند جي ايڪٽرن سان ملي، ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڏيا ٻاري سنڌيت جو ثبوت ڏيو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
More Info

More Info
ست هزار سال پُراڻي سنڌ ماٿريءَ جي پنهنجن چئنلن، اخبارن، رسالن ۾ واويلا
ڪندڙ، دعويدار ، شاهوڪار، مُهذب، تهذِيب ، تَمدُن ، ثقافت رکندڙ سنڌي قوم کي اڄ به ٽن ڏينهن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ پاڻ ۾ ملي جُلي اجتمائي ۽ ٻڌي ءَ جا فيصلا ڪرڻ ۽ ڪو به هڪ مرڪزي ڏينهن مُقرر ڪرڻ ، هڪ ٻئي سان ملي جلي هلڻ بجاءِ هن سال به سنڌي ثقافتي عيد جا مڪمل ٽي ڏينهن هر سال جيان ملهائيندي.

قيادتن جي پويان هلندڙ سنڌي بيوس بڻيل قوم ، صحيح ۽ حقيقي ليڊر شپ جي فُقدان ڪري ۽ سمورن اجتمائي سورن جي هوندي به، ٽنهين قيادتن جي ٽنهين ڪاڄن جي ڏهاڙن کي ڀرپور ملهائي کين لبيڪ چئي ميدان تي نڪري اچي ٿي ۽ هر مُنفرد منتظمن جي ڪاڄ کي پنهنجو ڪاڄ سمجهي ٿي ، ڇو جو قوم ته هڪ آهي ۽ متن مقصدن تي ممُتفق، پر هي روايتي، فطرتي ايگو ۽ انا پرستي رکندڙ وسائل رکندڙ قيادت، پنهنجن ذاتي ۽ ڪاروباري اختلافن ڪري اڄ به هڪ ناهي جنهن ڪري سنڌي قوم اهڙن سوچن جي ڪري اڃا به وڻ وڻ ڪاٺي آهي. هنن ۾ وڌيڪ ويڇا نه اچن، اُن ڪري سمجهو عوام 13 نومبر کان ئي جشن سنڌ جي تيارين ۾ آهي ۽ ٽنهين ڪاڄن لاِ پڻ تيار.

(1) سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو 17 نومبر ڏيا رات کان شروع,
(2) ثقافت ڏهاڙو18 ڏيا رات، 19 نومبر ڏينهن تي ۽
(3) ٻڌي(ايڪتا ڏهاڙو) 19 ڏيا رات ۽ 20 ڏينهن تي

(هي سالانو جشنِ سنڌ، نه صرف هند سنڌ پر پوري دُنيا ۾ مڪمل ملهائيو ويندو ) سموري سنڌ جا خوشحال ننڍا، وڏا، پوڙها، پڪا، نوجوان، هن کي ڀرپور طريقي سان ملهائيندا۽ ٽنهين سوچن جي رٿيل ڪاڄ ڪي ڀرپور موٽ ڏيندا ان ڪري جو ٽنهين قيادتن پنهنجي ڪاڄ ۾ سيلاب، برسات، بيروزگاري، منهنگائي، بُک، جهالت ۾ غرق، تعليم ۽ صحت جي وسائلن کان محروم قوم سان ئي ٻانه ٻيلي ٿيڻ جو عهد ڪيو آهي.

جشن سنڌ نسبت سان ، سنڌي ميڊيا (ڪي ٽي اين، ڪشش، ڌرتي، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، پي ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان )جي مڙني فنڪارن،(ايڪٽر ۽ ايڪٽرياڻيون) ليکڪن، ڊائريڪٽرن، ماڊلس، سنگرس ۽ انهن جي فينس جو ميڙاڪو ، ٺيڪ رات جو اٺين وڳي ، 17، 18 ۽ 19 نومبر جي رات تي رابعا سٽي آخري گيٽ، گُلستان جوهر، پٺاڻ جي هوٽل، سامهون لاکاني فليٽ جمع ٿيندو. جتان ڊائريڪٽر خادم حُسين خاصخيليءَ عرف (ڪي. ڪي )۽ اُتي رهندڙ ٻين ڊائريڪٽرن، ايڪٽرن جي قيادت ۾ ڏيا روشن ڪري، سموري ڪراچيءَ جو گشت ڪري پريس ڪلب ڪراچي تي پُهچندو.

ڀر پاسي وارن تمام سنڌ شيدائن کي هن جشن سنڌ ۾ گڏ ٿيڻ لاِءَ اپيل ڪجي ٿي. هتي پُهچڻ لاءِ جيڪي بسون يا ڪوچون هلن ٿيون اُهي هي آهن. گُلستان ڪوچ، سفاري ڪوچ، جي 19،جي 17، جي 11، جي24، 11 اي، ۽ چنچيون. ياد رهي ته 20 نومبر جي صبح جو به ساڳيو ڪافلو هڻي هنڌ ڪندو. مهرباني ڪري پاڻ سان ميڻ بتيون يا ڏيا ضرور کڻي اچجو ۽ پاڻ کي سنڌي ويس وڳن (ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو، لونگي ، سوسي، ڀرت ڀريل ڪپڙن سان پڻ ڍڪي اچجو. وقت جي پابندي لازمي آهي. جو جٿو ٺيڪ ساڍي اٺيب بجي رات جو نڪرڻ شروع ڪندو. پنهنجي پسند جي ايڪٽرن سان ملي، ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي، هٿ هٿَ ۾ ڏئي ڏيا ٻاري ڪراچيءِ جا روڊ رستا، بازارون روشن ڪري سنڌيت جو ثبوت ڏيو.

مُحترم علي قاضي صاحب(ڪي ٽي اين، ڪشش،ڪاوش، شام)، مُحترم ڊاڪٽر ڪريم راڄپر صاحب، (سنڌ ٽي وي سنڌ ميڊيا فورم) محترم قاضي اسد صاحب (سنڌ فورم، روزانو عبرت)، محترم بلال ميمڻ صاحب (ڌرتي ٽي وي، سنڌ ميڊيا فورم ۽ مقدمو اخبار) محترم چاچا غلام نبي مورائي صاحب ( مهراڻ ٽي وي) جھجتوئي صاحبان (آواز ٽي وي) ، ۽ سڀني سنڌي اخبارن جا مڙئي مُحترم مالڪ و ايڊيٽران ۽ توهان کي اپيل ٿي ڪجي ته (سنڌ ميڊيا فورم جا ميمبرس، انتظاميه) اڃا به وقت آهي، توهان سڀني مان ڪو به هڪ سنڌي روايتن تحت شروعات ڪري ٻئي رُٺل ڀاءُ کي ملي پاڻ پنهنجي ڪاڄ جي دعوت ڏي ته سنڌ سموري پاڻ کي هڪ ۽ مُتحد سمجهي ءُ ڪو به شروعات ڪري پوءِ ڀلي توهان پنهنجي اعلانيل ٽنهين ڏينهن جي ڪاڄ کي ڌار ڌار ملهايو. مان سموري سنڌ کي ، بلخصوص سنڌ قوم پرستن، سياسي جماعتن ۽ حڪومت سنڌ کي به اپيل ڪندس ته اهڙو نوٽ پاڻ به ڇڏين ۽ هن ڪٺ کي هن موقعي جي مناسبت سان گڌڏ کڻي هلن.

المُشتهر:
(سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن) ساوا. سنڌي ميڊيا(ساليوُود) ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيو سعيدآباد سنڌ ضلع مٽياري، برانچ آفيس گُلستانِ جوهر ڪراچي.
وڌيڪ تفصيل لاءِ رابطي ۾ رهو موبائل تي 03323062209 ۽ 03242815119
 
Back
Top