• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عورتن لئه سهڻي ٿين جا ڪجه نسخا

نثارابڙو

نائب منتظم
عورتن لئه سهڻي ٿين جا ڪجه نسخا
هڪ انگريزي ليک جو ترجمو؛

• چپن کي سهڻو ڪرڻ لئه ... سهڻو ڳالهايو
• اکين کي سهڻو ڪرڻ لئه... سٺي نظر رکو
• جسم کي سهڻو ۽ سالم رکڻ لئه ... پنهنجي کاڌي مان ڪجه کاڌو غريبن ۽ بکايلن کي کارايو ...
• سهڻن وارن رکڻ لئه ... ٻارڙن کي پنهنجي مٿي تي هٿ ڦيرڻ ڏيو
• سهڻي ڏيک لئه ... علم ۽ ڄاڻ سان گهمو ڪڏهن به اڪيلا نه ٿيندا
• شين جي بجاءِ، ماڻهون گڏ ڪريو، ماڻهون ٺاهيو، ماڻهون مضبوط ڪيو، ماڻهن کي ڪارائتو ڪيو ۽ کين قيمتي بڻايو؛ ڪنهن کي به گهٽ نه سمجهو ...
• ياد رکو، ممڪن اوهانکي ڪنهنجي مدد جي ضرورت نه هجي پر پوءِ به ڪو نه ڪو اوهانجي مدد لئه اوهانجي ويجهو ئي آهي ...
• جيئن جيئن اوهين پوڙها ٿيندا، اوهانکي محسوس ٿيندو ته اوهانکي ٻه هٿ آهن، هڪ پنهنجي مدد لئه ۽ ٻيو ٻين جي مدد لئه ...
• عورت جي خوبصورتي ان ۾ ناهي ته هوءَ ڪهڙا ڪپڙا پائي ٿي، ڪهڙي جسم جي مالڪ آهي يا هوءَ وارن کي ڪيئن سنواري ٿي ...
• عورت جي سهڻائپ سندس اکين مان ظاهر ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ ته اکيون ئي دل جون دريون هونديون آهن، جت پيار ۽ محبت جو گهر هوندو آهي
• عورت جي خوبصورتي سندس منهن جا تر ناهن، پر سندس حقيقي سهڻائپ سندس روح ۾ هوندي آهي، جنهن مان هوءَ آس پاس جي رشتن کي سهڻو بڻائيندي آهي ...
• صبر جا هوءَ ڏيکاريندي آهي ... ۽ عورت جي اها سهڻائپ سندس عمر جي سالن وڌڻ سان وڌيڪ وڌندي ۽ وڌيڪ سهڻي ٿيندي آهي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
تمام لاجواب شيئرنگ آهي سائين پر جيڪڏهن ڪا اهڙي معلومات مرد حضرات لا۽ ملي وڃي ته اها شيئر ضرور ڪجو .

مهرباني سائين

تمام بهترين شيئرنگ آهي
 
ڀائڙا فقير سائين، انهن نسخن مان کوڙ ساترا ته ٻنهي يعني عورت ۽ مرد لئه مفيد آهن، اکين جو شرم ۽ وات جو ضابطو نه فقط عورت تي لاڳو ٿئي ٿو پر مرد تي ان کان به وڌيڪ، اهڙي طرح ٻيون به ڪئي ڳالهيون ٻنهي جنسن لئه ڪارائتيون آهن ...

ڀائڙا! هڪ ٻي ڳالهه ته ٽٽونءُ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ... اسانجي جاڳيل ضمير لئه اشارو ئي ڪافي آهي باقي ستل ضمير يا مئل ضمير آڏو چڱائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن رڍ آڏو رباب وڄائڻ ... ڪي انسان ته ڳالهه سمجهي به نه سمجهندا آهن!!!

رازق اسانجي رزق ۽ علم ۾ اضافو فرمائي ... آمين

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
ڀائڙا فقير سائين، انهن نسخن مان کوڙ ساترا ته ٻنهي يعني عورت ۽ مرد لئه مفيد آهن، اکين جو شرم ۽ وات جو ضابطو نه فقط عورت تي لاڳو ٿئي ٿو پر مرد تي ان کان به وڌيڪ، اهڙي طرح ٻيون به ڪئي ڳالهيون ٻنهي جنسن لئه ڪارائتيون آهن ...

ڀائڙا! هڪ ٻي ڳالهه ته ٽٽونءُ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ... اسانجي جاڳيل ضمير لئه اشارو ئي ڪافي آهي باقي ستل ضمير يا مئل ضمير آڏو چڱائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن رڍ آڏو رباب وڄائڻ ... ڪي انسان ته ڳالهه سمجهي به نه سمجهندا آهن!!!

رازق اسانجي رزق ۽ علم ۾ اضافو فرمائي ... آمين

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal

ثم آمين

sadayeen gud
 
سائين حقيقت تي مبني تحرير پڙهي دل کي خوشي ٿي الله تعالي اسان کي پنهنجي امان ۾ رکي جيڪي ڪم اسان مسلمانن جا ٿي ويا آهن سي شايد ٻين قومن کي ڪرڻ به شرم محسوس ٿيندو شراب استعمال ڪري فخر سان ماڻهن جي سامهون مسلمان ڳالهه ٿو ڪري ته مون ڪالهه فلاڻي جي شادي ۾ ڏاڍو شراب پيتو اهڙي طرح ڪوبه گناهه جو ڪم ڪري ان کي وري فخريه طور بيان ڪرڻ اها ڪيڏي نه حد درجه جي بيحيائي آهي جو غير مسلم به جيڪو سٺي زندگي بسر ڪري ٿو اهڙو گناهه نٿو ڪري پر جيڪڏهن ڪري به کڻي ته اهڙي بيباڪي سان ان کي بيان نه ٿو ڪري شال الله پنهنجي حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي طريقي تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي ۔ آمين
 
جواب: عورتن لئه سهڻي ٿين جا ڪجه نسخا

عورت جي خوبصورتي سندس منهن جا تر ناهن، پر سندس حقيقي سهڻائپ سندس روح ۾ هوندي آهي، جنهن مان هوءَ آس پاس جي رشتن کي سهڻو بڻائيندي آهي ...

واھ سائين بهترين.​
 
Back
Top