Sindhi Media
سينيئر رڪن
جشن سنڌ جي سلسلي ۾ اُهي تمام پرديدار يا گهرن ۾ مشغول عورتون يا دُڪاندار جيڪي روڊن رستن تي ڪنهن مجوري سببن جي ڪري شرڪت نٿا ڪري سگهن تن کي اپيل ڪجي ٿي ته جتي به هُجو پنهنجي گهرن جي چتين، گهر جي دروازن يا فليٽن جي درين ۾ 17، 18، 19 رات ڏيا ٻاري جشن سنڌ ۾ شرڪت ۽ مُتاثره ٻوڏ ۽ برسات ستايلن سان يڪجهتي ۽ مُحبت جو اظهار ڪرو. ان ڌينهن سنڌي ويس وڳا لازمي پاتل هُجن، وسائل رکندڙ اوڙي پاڙي جي غريبن کي به اهي تحفن جي شڪل ۾ ڏين.