محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين ناز صاحب ،

    توهان سان ملاقات ته ٿئي پر ڪچهري نه ٿئي سگهي ان جو مون کي به افسوس رهندو

    اصل ۾ مان ڳوٺ کان هڪ دوست سان آيل هيس بائيڪ تي سو دوست جو اصرار هو ته نڪرڻ جي ڪريون ته ڪٿي دير نه ٿئي وڃي

    مان ته ماني به کائڻ نه پئي ويس سوچيم ته سنگت سان گڏ ماني به کائبي ڪچهري به ڪبي پر ان دوست جي اصرار کان پو۽ ادا رشيد اشارو ڪيو ته توهان ڀلي هلو ماني کائي اچو ماني کائي ڪري سنگت کان موڪلايو سين

    وري ڪڏهن انشاالله ملاقات ٿيندي

    اميد ته ڪچهريون به ٿينديون

    سدائين گڏ
     
  2. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين ناز صاحب،
    توهان جون ونڊ ڪيل انمول تصويرون ڏسي دل خوش ٿي وئي، اهو به زندگي جو هڪ خاص حصو آهي، جنهن کان پوءِ انسان تي ڪافي زميورايون اچي وڃن ٿيون،

    سنگت جو ديدار به ٿي ويو ان بهاني سان پر اهو افسوس آهي ته سائين سليمان جي شادي ۾ مان شريڪ نه سگهيم ۽ دوستن سان به نه ملي سگهيم۔
    باقي مست ته مست لڳو پيو آهي سائين جي شادي ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار ناز جن اکين ڏٺو احوال لکڻ جا ماهر آهن ان ڪري مون فقط هڪ مختصر خبر لکي باقي تفصيلي احوال سائين جي حوالي ڪيو سائين محمد سليمان جن کي اتي روبرو به مبارڪون ڏيڻ نصيب ٿيون ليڪن هن تحرير ۾ سڀني دوستن سان گڏ وري به کيس مبارڪو پيش ڪجن ٿيون الله تعالى کان دعا آهي ته رب ڪريم سائين جن جي ازدواجي زندگيء ۾ خوشين جا خزانا سمائي ڇڏي هميشه سکيا ستابا رهن کين نيڪ صالح فرزند عطا فرمائي ۔ آمين۔
    ادا عامر ضياء جن جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي سائين محمد سليمان جن به بار بار سندن باري ۾ پڇي رهيا هئا ليڪن سندن موڪليل تحفه سائين جن تائين سائين عبدالرشيد جن پهڇايو ان طرح ڄڻ ته پاڻ شريڪ رهيا۔ سائين نثار ابڙو جن جي دعا وانگر اسان جي به دعا آهي ته شال رب ڪريم سڀني دوستن کي ڀلو روزگار نصيب ڪري ان سان گڏ پاڻ گهوٽ به بنجن۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا

    [JUSTIFY]سڀ کان پهريان ته مان سڀني دوستن جي ڏنل مبارڪن جي موٽ ۾ خير مبارڪ چوندس ۽ پنهنجي رب جو شڪر گذار آهيان جنهن شادي جي هن پروگرام کي خير خيريت سان توڙ پڄايو۔

    دوستو سچ پڇو ته مان سنڌ سلامت جي سمورن دوستن جي اڳيان شرمنده آهيان جو کين شادي ڪارڊ ڪونه پهچائي سگهيس۔ ان جا گهڻا سبب هئا ۽ ڪجهه اچانڪ آيل پريشانيون پڻ هيون۔ پوء به مون دوستن کي ڪوشش ڪري فون ميسيج يا وري فيسبوڪ ميسيج ڪيو، اهو به سڀني دوستن کي نه پر ڪجهه ئي دوستن کي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن سنڌ سلامت جو نائب منتظم سائين نثار ابڙو جن ٻه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي فيملي سان گڏ منهنجي ڳوٺ آيا ۽ رات پڻ ٽڪيا۔

    ٿورا سرپرست سائين نثار ناز جا جنهن ايڏو پري کان منهنجي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿي عزت بخشي ۽ هيڏي سهڻي رپورٽ دوستن سان ونڊ ڪئي جيڪا اڃان جاري آهي۔ مان ٿورائتو آهيان منتظم اعلا ادا رشيد سمون، ايڊيٽر دوستن سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري صاحب، ادا اسد علي مست ميرجت، لوڪل فقير ادا وحيد ڦلپوٽو، سينير ميمبر محترم طاهر سنڌي، ادا عرس پريو ۽ سائين عبدالواحد سومرو جو جيڪي پري پري کان اچي شريڪ ٿيا ۽ تحفا ۽ دعائون کڻي آيا۔

    سچ ته سنڌ سلامت پاران ڏنل تحفا منهنجي زندگيء جي يادگار لمحن مان ڪجهه لمحا آهن جيڪي سدائين ياد رهندا۔ دوست تڪليفون سهي پري کان اچي منهنجي خوشي ۾ شريڪ ٿيا ۽ محفل کي چار چنڊ لڳايائون۔ ٿورائتو آهيان چاچا ڪريم چانڊيو جو جيڪي هڪ هفتي کان منهنجي شادي جي انتظامن لاء منهنجي ڳوٺ موجود رهيا۔

    منهنجي دعا آهي ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست خوش هجن ۽ هڪٻئي جي خوشين ۾ ايئن ئي شريڪ ٿيندا رهن۔

    انهن دوستن کان دلي معزرت ڪيان ٿو جن کي اطلاع ڪونه ڏئي سگهيس۔[/JUSTIFY]
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔


    خيئر آهي ادا هاڻي توهان جون روز معزرتون هونديون ۽ اسان فراۡخدل ماڻهو اوهان کي ڪجهه چونداسين ڪونه

    هههههههههههههههههههههههههههههه


    سدائين گڏ
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    مهربانيون انٽرنيشنل فقير علي علي جون

    اوهان جي مبارڪن جي موٽ ۾ خير مبارڪون ۽ اوان جي دعائن لاء آمين ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت سميت آيل سمورن مهمانن جا لک ٿورا
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار ناز صاحب اوهان بهترين رپورٽ پيش ڪئي آهي،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو