Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌي قوم جي جذبن جي حقيقي ترجمانيءَ جي دعواي ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا لاٰءِ ”جشن سنڌ“ جا ڏهاڙا 18،19،20 نومبر ملهائڻ ۽ انهن موقعن تي سنڌي قوم کي ليڊ ڪرڻ جي بجاءِ لنڊن روانو ٿي ويو؟ هن کي حيرت سان ڏٺو ۽ پرکيو پيو وڃي. جڏنهن ته قُدرت پاڻ مُرادو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سنڌ جاڳرتا ”جشن سنڌ“ ۾ هي موقعو فراهم ڪيو هو ته هو سنڌي قوم جو داعي ثابت ڪري رهيل سنڌين جون دليون وٺي. بحرحال جيڪڏنهن هن موقعي ۽ مهل تي ڊاڪٽر زوالفقار مرزا جي لنڊن ياترا ڪا ذاتي مجبوري هُئي ته قوم کيس اپيل ڪري ٿي ته هو لنڊن ۾ رهي به هيءَ جاڳرتا ريليون ليڊ ڪري ۽ لنڊن ۾ سنڌي قوم جي سڃاڻپ بڻجي. قوم گهڻين اُميدن سان ڊاڪتر ذوالفقار مرزا جي قول ۽ فعل کي پرکڻ چاهي ٿي ۽ لنڊن ميڊيا تي سنڌي ٽوپي اجرڪ ريلين جي نمائنگي ڪري ڏسڻ پڻ چاهي ٿي. لنڊن ۾ رهندڙ سنڌي باخبر رهن ۽ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي پويا پون جيئن هو سنڌي قوم سان قرآن مٿي تي کڻي قسم جي پاسداري ڪري.
ڪراچي جي سرمائيدارن سميت غير مقامي ماڻهن ڀنڀور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين قومي شاهراهه جي آسپاس جي زمينن جي خريداري وڏي پئماني تي شروع ڪري ڏني آهي، اهڙي صورتحال سبب ماضي ۾ سنڌ جو تخت گاهه رهندڙ ٺٽو ضلعو حڪومت جي هڪ اتحادي ڌر جي گهر تي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي صورت ۾ مقامي سنڌي آبادي کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، سنڌي جاگرتا جي جشن سنڌ ريلين ۾ ، واڻين کي قتل ڪري، خوف ڏئي سنڌ مان لڏائڻ جي چڪ سازش ۾ احتجاج پڻ بُلند ڪري سنڌي جاڳرتا جو ثبوت ڏيو ته سنڌي قوم پردن جي پويان هلندڙ سازشن کان مُڪمل آگاه آهي ۽ هڪ قوم ٿي دفاع ڪرڻ پڻ ڄاڻي ٿي