ثقافتي ڏينهن جون تياريون خادم گھراڻو

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ثقافتي ڏينهن جون تياريون
    خادم گھراڻو
    هر سال وانگر هن سال به ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان سنڌ ميڊيا فورم جي طرفان ڪيو ويو آهي جنهن جي ملهائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن سنڌ ميڊيا فورم جي طرفان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي هنن ڏينهن تي هر هنڌ سنڌي ثقافت اجاگر هوندي سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪو نظر ايندو سنڌي لباس گج ڀرت ڀريل پوشاڪون هونديون سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي هيءُ ڏينهن ملهائيندا آهن هن ڏينهن جي ملهائڻ جي تياري هر ڪو ڪري رهيو آهي جنهن جي شروعات ٿي ويئي آهي ڪثي ڪچهرين جو ميڙاڪو آهي ڪٿي سگھڙن جو سٿ آهي ڪٿي ميلا ملاکڙا آهن هن ڏينهن کي عيد جي ڏينهن وانگر ملهايو ويندو آهي هن ڏينهن ملهائڻ ۾ ٻار وڌيڪ پرجوش هوندا آهن ڪافي ماڻهو هن ڏينهن جي حوالي سان اجرڪ وارا ڪپڙا ٺهرائي رهيا آهن سنڌي ٽوپيون خريد ڪري رهيا آهن جتي هنن ڏينهن اسان کي هڪ ڪيو آهي اتي بي روزگارن جو روزگار کلي ويو آهي اڳ سنڌي ٽوپي جو وڪرو ايترو نه هوندو جيترو هنن ڏينهن ملهائڻ کان پوءِ ٿيو آهي هنن ڏينهن ماڻهن کي روزگار مهيا ڪيو آهي ٽوپي ٺاهڻ وارن ۽ وڪڻن وارن جو روزگار سٺو ٿي ويو آهي اهي ڌنڌو ڪري حلال روزي ڪمائي رهيا آهن اجرڪ جو وڪرو به جام ٿي ويو آهي ڪيترائي اهڙا هنر آهن جيڪي اسان جي سنڌي ثقافت جو حصو آهن انهن کي ڪمال ملي ويو آهي هنن ڏينهن ملهائڻ سان ڪيترائي هنر وارا روزگار سان لڳي ويا آهن گذڙيل سال اهو ڏينهن ڊسمبر ۾ ملهايو ويو هو هن سال نومبر ۾ ملهايو پيو وڃي هن ڏينهن تي اسان پنهنجي انهن ٻوڏمتاثرين کي به نه وساريون هن سال جيڪا برسات پيئي ان انهن غريبن جا ڪچا ڪکاوان گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا انهن جي جيڪو زر زيور هو اناج هو سڀ برسات جي پاڻي ۾ لڙهي ويو وڏا چون ٿا ته اسان اڳ اهڙي برسات نه ڏٺي هئي جيڪا هن سال وسي هئي برسات کي ڪافي وقت گذري ويو آهي پر اڃا تائين ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺو آهي ماڻهو روڊن رستن جي ڀر ۾ تنبو ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن سنڌ ميڊيا فورم هن سال ثقافتي ڏينهن انهن ڀائرن سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي اسان کي انهن سان ان ڏينهن ملڻ گھرجي انهن کي تحفا ڏيڻ گھرجن انهن سان گڏ هيءَ ڏينهن ملهايون اسان انهن وٽ وڃون اهي اسان جا آهن پر هن وقت تڪليف ۽ ڏکن ۾ آهن عيد جو به مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن سڀ ڀاتي گڏجي عيد ملهائيندا آهن ثقافتي ڏينهن اسان جي لاءِ عيد جو ڏينهنآهي اسان ان سان گڏ ملهايون انهن کي سنڌي ثقافت جا تحفا ڏيون جيئن اهي به ان ڏينهن اسان گڏ هجن انهن جي خيمن ۾ به هو جمالو ۽ همرچو هجي انهن جي زبان تي اهي لفظ هجن ته اسان مٽي مان سون بنائڻ وارا سنڌي آهيون اسان سڀ هڪ آهيون اسان هيءُ ڏينهن هر شهر ڳوٺ واهڻ وستي ۾ گڏجي ملهايون هر سنڌي سنڌي ٿقافت نمايان هجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو