• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ريلي۔

نثارناز

سينيئر رڪن
۽ جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي سنڌياڻي نارين جيجل سنڌ سان پنهنجي چاهت جو اظهار اجرڪون اوڍي، سنڌي ڀرت ڀريل گج پهري، سنڌي ٽوپيون پائي ايڪتا ريلي جي صورت ۾ ڪيو.​

رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدنا ز​

پيارا سنڌ سلامت ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ، نمستي

ڪالهه بروز اڱارو 18 نومبر 2011 تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي جي سرواڻي ۾ هڪڙي شاندار ايڪتا ريلي ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين ڪڍي وئي ، جنهن ۾ هزارين سنڌي عورتون ٻار ٻچا شريڪ ٿيا، عورتن ۽ ٻارن جي هٿ ۾ پنهنجي پارٽي جا جهنڊا هُئا، سنڌياڻي ناريون اجرڪون اوڍي، مٿي تي سنڌي ٽوپيون پائي ، سنڌ جيجل سان پنهنجي چاهت جو اظهار جيئي سنڌ سدا جيئي جا نعرا، دهل شرنائين تي جهمريون هڻي ڪري رهيون هُيون، ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ سنڌ جي چمن جو هر گُل پنهنجي مهڪ سان گڏ رنگ وکيري رهيو هُجي ٻارڙا ۽ ٻارڙيون رنگ برنگي لباس پائي مٿي تي سنڌي ٽوپيو ن ۽ ڪُلهي ۾ اجرڪو ن اوڍي سنڌ جو مان ۽ شان وڌائي رهيا هُئا انهن ٻارن گڏ هن ايڪتا ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ سوين نارين پڻ 19 نومبر 2011 تي سنڌ جي مختلف ميڊيا جي چينل ، آواز ٽي وي، سنڌي ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان هڪ آواز هم قدم ٿي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو وچن ڪري رهيا هُئا، هن ريلي ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ۽ ڀرپاسي جو ڪافي هندو ڀينرون پڻ سنڌ جو قديمي لباس گهاگهرو چولو ۽ چُنري اوڍي شريڪ ٿيون. اهڙيءَ طرح هي ريلي سموري شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب تي پهتي،جتي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ ٻين مختلف ميڊياز جي نمائندن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ نارين کان ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڪافي سارا سوال جواب ڪيا. ان سلسلي ۾ ناري تحريڪ جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي سنڌ سلامت پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي سنڌي قوم تهذيبي ، ثقافتي، لحاظ کان هڪڙي شاهوڪار قوم آهي ، اسان جي اجرڪ جا رنگ دنيا جي هر رنگ کان نرالا آهن ، خود اجرڪ کي اسان جي سُهڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پسند ڪرڻ فرمايو هو، اسان جي سنڌي ٽوپي جي ٽڪن جو تجلو هڪڙو عجيب رنگ وکيريندو آهي، اسان سنڌي هن ايڪتا ڏيهاڙي کي بلڪل عيد وانگر ملهائيندا آهيون، اڄ اسان سنڌي ميڊيا سان گڏ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وارن سان هن ايڪتا ڏينهن ملهائيڻ ۾ ساٿ ساٿ آهيون، اسين ڌرتيءَ جون وارثياڻيون آهيون اسان کي انتهائي پيار ۽ خلوص سان سنڌ امڙ جي هر رنگ کي اجاگر ڪرڻو آهي، هن ايڪتا ڏيهاڙي ملهائڻ مان اسان کي وڏي ۾ وڏو سبق اتحاد جو ملي ٿو، ايڪتا جو ملي ٿو هڪ ٻئي مٿان پيار نڇاور ڪرڻ جو ملي ٿو، انهي ڏينهن تي اسان جو هر سنڌي پنهنجا ويڇا وساري سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ۽ ڌيءَ هُجڻ جو ثبوت ڏي ٿو .
ناري تحريڪ جي هڪڙي ٻي خاتون ڪارڪن نجمه خاصخيلي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تهذيب ڪا هڪ ڏينهن جي ڪانهي پر هزارين سالن کان صد ين کان سنڌ جا الڳ حيثيت ۽ آزاد وطن جي حيثيت سان پنهنجا رنگ آهن، پنهنجي رهڻي ڪهڻي آهي، پنهنجون رانديون آهن، اجرڪ ته سنڌ جي رنگن کي نکاري پڌرو ڪري ٿي ، اسان ايڪتا ڏينهن ملهائي پنهنجون خوشيون سنڌي ماڻهن سان ونديندا آهيون. اهڙا ايڪتا ڏينهن وڏي پئماني تي ملهائڻ گهرجن ڇو ته اسان سنڌين کي گڏجي سنڌ مٿان پنهنجا پيار وارڻ جو موقعو ملي ٿو. ناري تحريڪ جي هڪڙي معصوم سنڌي نياڻي قُبرى خاصخيلي چيو ته سنڌي ٽوپي جي چمڪار ۽ اجرڪ جي رنگن جي مهڪار کي ڏسي کيس خوشي ٿيندي آهي، ايڪتا ڏينهن کي عيد وانگر ملهائيندي آهي ، اسان گهر ۾ پنهنجي وڏن سان ۽ ننڍڙن سان عيد وانگر واڌايون ۽ مُبارڪون ڏيئي ملندا آهيون، شل نه ڪو سنڌ تي بُرو وقت اچي جي آيو ته هُو پنهنجي جان به سنڌ مٿان واري ڇڏيندي. ايڪتا ڏينهن جي حُوالي سان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان ڳالهائيندي عزيزان کوکر چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ايڪتا ڏينهن اسان پنهنجي جيجل سنڌ امڙ سان وچن ڪندا آهيون ته سنڌ امڙ جي سينڌ کي سائو رکنداسين، سنڌ امڙ کي رنگن سان سجائينداسين، سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي عيد وانگر اسان سنڌي ناريون هڪ ٻئي سان گلي ملنديون آهيون هڪ ٻئي کي مُبارڪون ڏينديون آهيون.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته اسان سڀ سنڌي امن ۽ پيار جا پانڌيئڙا آهيون، اسان ايڪتا ڏينهن تي سنڌ جي وستي وستي ، واهڻ واهڻ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر کي سجائيندا آهيون، جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ جا نعرا هڻي امڙ سنڌ سان تجديد عهد وفا ڪندا آهيون ۽ سنڌ امڙ سنڌي ماڻهن لاءِ پنهنجو تن من وارڻ جو وچن ڪندا آهيون ، اسان سنڌين سان جيڪو پيار ڪندو آهي ته اسان جون محبتون به ان لاءِ هونديون آهن جيڪي اسان سان ۽ اسان جي جيجل سنڌ سان نفرت جو اظهار ڪندا آهن اسان به انهن سان کُلي عام پنهنجي نفرت جو اظهار ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا، اسان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، آواز ٽي وي، سنڌ ٽي وي ، مهراڻ ٽي وي ڌرتي ٽي وارن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ کين ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. ۽ ان سلسلي ۾ 19 نومبر تي صُبح 10 وڳي ترقي پسند هائوس چوڪ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي رنگا رنگي ميوزيڪل پروگرام منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ سموري سنڌ جا فنڪار ، الهڏنو جوڻيجو، جانب علي بلاولي، ثريا سومرو، ثنا سومرو، علي حسن سولنگي ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا.
ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي هاري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محمد جمن سمون چيو ته سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو سڀ دل وارا وسري ويا، اسان سنڌي ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ نه صرف پنهنجون خوشيون پر پنهنجون جانيون به واري سگهون ٿا. سنڌ جيجل جا حلالي پُٽ آهيون سنڌ لاءِ مرنداسين ته سنڌ لاءِ سنڌ جي دشمنن کي مارينداسين .هٿ هٿ ۾ ڏيئي ايڪتا جو مظاهرو ڪري پنهنجي لازوال چاهت جو اظهار سنڌ سان وچن جي صورت ۾ ڪنداسين. اهڙيءَ طرح هي رنگن ڀري ريلي شام جو ستين وڳي پنهنجي اختتام تي پهتي.​

پيش آهن ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت پاران تصويرون

393316_10150410606703216_794048215_8526139_2086052473_n.jpg

19 نومبر 2011 تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران تي ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪڙو رنگا رنگي پروگرام منعقد ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ بينر ناري تحريڪ جي ڪارڪن عورتن جي هٿ ۾ هو

317389_10150410587213216_794048215_8526103_1380464521_n.jpg


375175_10150410585833216_794048215_8526100_1240392177_n.jpg


381441_10150410676858216_794048215_8526360_777604649_n.jpg


316949_10150410715153216_794048215_8526514_377943930_n.jpg


297824_10150410723033216_794048215_8526547_1897339_n.jpg


378078_10150410713003216_794048215_8526507_1279245436_n.jpg


318326_10150410658928216_794048215_8526260_1029566514_n.jpg

ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي سنڌي ٽوپي اجرڪ ڊي جي حوالي سان ايڪتا ريلي جي سرواڻي ڪندي مختلف انداز۔

379653_10150410816023216_794048215_8526754_945282574_n.jpg


312868_10150410828178216_794048215_8526783_290208595_n.jpg

محترما ثمينه خاصخيلي کان ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سلامت پاران سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز به ڪافي سوال جواب پُڇيا۔​
 
جواب: ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ريلي۔

ڪجهه وڌيڪ تصويرون ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ سموري سنڌ پنهنجي سُرهاڻ وکيري رهي آهي

314660_10150410716348216_794048215_8526519_2009723344_n.jpg



374182_10150410717623216_794048215_8526525_454931084_n.jpg



392850_10150410624373216_794048215_8526170_1578607600_n.jpg



386506_10150410611683216_794048215_8526147_1797186669_n.jpg



378061_10150410602503216_794048215_8526131_164927134_n.jpg



311051_10150410595483216_794048215_8526124_1441893219_n.jpg



382080_10150410609033216_794048215_8526142_444022613_n.jpg



387669_10150410714783216_794048215_8526512_438548538_n.jpg



374896_10150410598178216_794048215_8526127_276397711_n.jpg



317565_10150410724818216_794048215_8526553_619563383_n.jpg

هي ته ٽوپِي سنڌِي ۽ ٽِڪِنِ سوجهرا۔۔۔،
رنگَ اجرڪ ڏسو انڊلَٺِي سلسلا۔۔۔۔۔،
سنڌ گُلابن جيان خُوب مهڪي پئِي
هِيرَ خُوشبو هُلِي سنڌ سڄِي جا بجا۔۔۔ !
نثاراحمدناز​
 
جواب: ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ريلي۔

لک شُڪرانا مالڪ ۔۔۔۔!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو

387635_10150410603263216_794048215_8526132_1558874850_n.jpg


392032_10150410710863216_794048215_8526490_792020662_n.jpg


387674_10150410717248216_794048215_8526523_1742553403_n.jpg


302051_10150410721728216_794048215_8526542_329533888_n.jpg


320863_10150410723553216_794048215_8526549_1761846003_n.jpg


381125_10150410729713216_794048215_8526579_1122907130_n.jpg


316535_10150410835908216_794048215_8526820_1281350933_n.jpg


376046_10150410830708216_794048215_8526796_1161766247_n.jpg


303122_10150410848598216_794048215_8526900_1416471729_n.jpg


377486_10150410796578216_794048215_8526720_304333188_n.jpg
 
جواب: ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ريلي۔

ٽنڊي محمد خان جي سنڌي نياڻين کي لک سلام، جن ترقي پسند پارِٽي جي جهنڊي هيٺان سنڌي ايڪتا ڏينهن ملهائي حب الوطني جو ثبوت ڏنو آهي ۔۔۔

دعا آهي ته سموري سنڌ جون نياڻيون ۽ سورهيه پٽ هڪ ٿي سنڌي ايڪتا ڏينهن ملهائين ۽ ٻڌي جي سگهه سان سنڌ جي سينڌ سنوارين ۔۔۔

حيف تنن کي هو وطن جن وساريو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ريلي۔

سائين نثار ناز سلام

تمام گهني خوشي ٿي جو هڪ دفعو ٻيهر اسان جي ناري تحريڪ ٽنڊي محمد خان جون ڀينرون ايترو گهڻو سرگرم نظر آيون آهن۔ سنڌ جي هن ثقافتي ميلي جي موقعي تي سائين نثار ناز به گهڻو مصروف رهندو ۽ سندس جاندار رپورٽنگ پڻ نظر ايندي۔ اسان سڀ سنڌي گڏ هونداسين ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪنداسون۔
 
Back
Top