• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ليول جو مشاعرو ۽ ٽنڊو محمد خان شهر

نثارناز

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان ۾ شهر جي سماجي شخصيت محترم دُرمحمد ڀٽي پاران بين السنڌ مشاعرو منعقد ڪرايو ويو. جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن شاعرن شرڪت ڪئي .​

تصويرون ۽ رپورٽ : نثاراحمدناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​

گُذريل رات 17 نومبر 2011 تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ شهر جي سماجي شخصيت محترم دُر محمد ڀٽي جي جاءِ تي هڪڙو شاندار بين السنڌ مشاعرو منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن شرڪت ڪئي، انهن ۾ سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ، ڀلوڙ شاعر عنايت بلوچ، محترم سيد شبير هاتف شاهه، محترم حبيب الله صديقي، مشهور سنڌي ڏاهو قاضي خادم، پروفيسر عنايت الله زنگيجو، پروفيسر پير بخش پياسي، غلام علي چانگ، مشتاق سچاروي، مشڪور ڦلڪارو، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ، ٽنڊو محمد خان جي ديني شخصيت حافظ محمد رمضان عباسي، محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي، گُل ٽکڙائي، سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز، انعام ٽکڙائي، آڪاش ٽکڙائي، عاشق ڳاهو، نوشاد ڀٽي، فهيم ڀٽي، ساحل اياز، ڪي ٽي اين ڪاوش جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو، شام اخبار جو نمائندو محترم رمضان شورو کان علاوه شهر ۽ ڀر پاسي جون ڪافي سماجي ۽ ادبي شخصيتون شريڪ ٿيون.​
هن مشاعري جو آغاز باقائده تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ڪلام پاڪ پڙهڻ جي سعادت پروفيسر عنايت الله زنگيجو حاصل ڪئي ، تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ شهر جي مشهور ديني شخصيت سائين حافظ محمد رمضان عباسي ساري محفل کي قصيده برده شريف سنڌي ترجمي سان ٻُڌائي روحاني سرور بخشي ڇڏيو، ان کانپوءِ هن مشاعري جي تقريب جي ميزباني ڪندڙ شهر جي سماجي شيخصيت محترم درمحمد ڀٽي مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته شهر ٽنڊو محمد خان علمي ۽ ادبي لحاظ کان شاندار ماضي ۽ حال رکي ٿو، هتي جا شاعر اديب ڏيهان ڏيهه پنهنجِي مڃتا ماڻي چُڪا آهن هن نوجوان شاعرن کي تاڪيد ڪندي چيو ته هو پنهنجي شاعري ۾ جدت سان گڏ فلسفي کي به سلهاڙين ته جيئن شاعري جي کيتر ۾ انهن جو نالو به ياد رکيو وڃي ۽ سنڌي ادب جو فني فڪري ، علمي ۽ ادبي لحاظ سان مسقبل به محفوظ ٿي سگهي. ان کانپوءِ مشاعري جي گڏجاڻي هلائيندڙ خوبصورت شاعر انعام ٽکڙائي پنهنجو بهترين غزل جنهن جا ڪجهه بند ياد پيا اچن​

سوچي سمجهي زُبان ڏيندو ڪر
پنهنجي لفظن کي مان ڏيندو ڪر
دل جي ڌرتي کي پيار وارا پرين
مُرڪ جو آسمان ڏيندو ڪر​

پڙهيو ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي، ،ٽنڊو محمد خان شهر جي نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو جو وارو آيو ان پنهنجو غزل پڙهيو جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هُئا،​

رُٺلن کي پرچائي وٺجي
سو ڪردار نڀائي وٺجي

ته ساري محفل دل کولي واهه واهه جي زبردست داد عاشق علي ڳاهو کي ڏني، ان کانپوءِ ٽکڙ شهر جي نوجوان شاعر آڪاش ٽکڙائي کي شاعري پڙهڻ لاءِ سڏايو ويو جنهن پنهنجو نظم ڪجهه هن ريت سڀني سان ونڊ ڪيو:​

اڄ سنڌ جا نظارا موهن جو دڙو لڳن
هيڏا لوڏا هِي هاڃا ڀنڀور ۾ ٿين،
رب پاڪ تون رحم ڪرهن حال کي ڏسي
ٿر جون ڀِٽُون به هاڻي پاڻي نٿيون کڻن​

مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني تاڙيون وڄائي هن نوجوان شاعر کي ڀرپور داد ڏنو، ان کان پوءِ وارو راقم الحروف ( سنڌ سلامت جي جهوني) ٽي درجي واري شاعر نثاراحمدناز جو آيو جنهن پنهنجو آزاد نظم :​

مشعلون بنائي پنهنجي
آڱرين کي،
حد ديوانگي
ڇُهڻ مان ٿو چاهيان،

ٻُڌايو ته شريڪ ٿيندڙ دوستن دل کولي تاڙيون وڄائي ۽ واهه واهه ڪري کيس ڀرپور داد ڏني، مشڪور ڦلڪاري پنهنجو هڪڙو تمام زبردست نظم :​

گهاءُ دل گهٽ ٿين
پيار تان پهرا هٽن
ڏينهن شل اهڙو اچي
محبتي جهمريون هڻن​

ترنم ۾ پڙهي ٻُڌايو سندس انداز بيان ۽ بهترين شاعري تي مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙن کوڙ سارا پيار مشڪور ڦلڪاري مٿان واريا. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جو وارو آيو ته هُن هڪ ڪافي،​

اوهان جي آ مرضي اوهان کان پُڇون ٿا
ڪڍون ڪاڻ ڪنهنجي نه ڪنهنکان پُڇُون ٿا​

ٻُڌائي ته کيس به ڀرپور داد مليو؛
اسان جي استاد سائين پروفيسر پير بخش پياسي جو وارو آيو جنهن پنهنجو شاندار بياض ٻُڌائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، هاڻي وارو آيو مشهور شاعر گُل ٽکڙائي جو ان به پنهنجو طويل نظم پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهي ماڻهن ۾ مڃتا حاصل ڪئي، طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو ۽ زندگي آهي سفر جهڙن مشهور شاعري جي ڪتابن جي خالق جهوني شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائي هڪڙو نظم ۽ هڪڙو غزل انتهائي جذباتي انداز ۾ پڙهي ٻُڌايو اهڙي طرح غلام علي چانگ به پنهنجي تمام خوبصورت شاعري ٻُڌائي، غلام علي چانگ کانپوءِ حيدرآباد جي شاعر محترم مشتاق سچاروي پنهنجو نعتيه ڪلام ٻُڌايو ته سڀني شريڪ ٿيندڙن جي زبان تي سُبحان الله جو ورد جاري ٿي ويو ، سنڌ مشهور شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان جي سابق اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ پنهنجا شاندار قطئا ۽ قصيدو شان مُبارڪ حضرت علي ڪرم الله وجهه ٻُڌايا ته مشاعري جي هِي مانَ واري محفل اصل جهومِي پئي ان موقعي تي محترم عنايت بلوچ ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان شهر جا ماڻهو انتهائي دل وارا آهن هو پنهنجي شاعرن اديبن جو محبتن سان استقبال ڪندا آهن ۽ هڪڙي ڊسيپلين يڪ سُوئِيءَ سان سندن ڪلام ٻُڌندا آهن . مشهور سنڌي ڏاهي ۽ شاعر محترم حبيب الله صديقي پنهنجي انتهائي دلڪش ۽ وڻندڙ شاعري ٻُڌائي سندس شاعري ۽ شاعري پڙهڻ جوانداز ايترو ته ڀلو هو جو دل چيو ٿي ته اٿي سندس هٿ عقيدت سا چُميا وڃن، اسان جي سنڌ سموري هيرن جي کاڻ آهي ۽ اسان سنڌين کي فخر آهي ته سائين حبيب الله صديقي جهڙو هيرو ماڻهو هيرن جي کاڻ جو چمڪندڙ املهه ماڻڪ آهي، هاڻي وارو آيو سنڌ مشهور شاعر، شاعري جي ٻن ڀلوڙ ڪتابن ”امداد آهي رول“ ۽ ”هوائن جي سامهون“ جي تخليق ڪار، مون جڏهن ڀي ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ جي سُندر گيت جي سرجڻهار، محترم امداد حُسيني صاحب جي شاعري پڙهڻ جو، پاڻ جيئن ئي ڊائس تي آيو ته سڀني اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس ڀرپور آجيان ڪئي ، دوستو جڏهن امداد جهڙو انمول شاعر پنهنجي شاعري ٻُڌائي ته توهان ڇا ٿا سمجهو اصل هن مشاعري واري تقريب کي چار ڇا پر چاليهه چنڊ لڳي ويا، هر طرف واهه واهه سُبحان الله ، نشر مڪرر، سائين وري ٻُڌايو جا دلفريب آواز اچڻ شروع ٿِي ويا، رات جا 11 وڳي رهيا هُئا اڃا رات پنهنجي جوڀن تي ڪانه پُهتِي هُئي پر امداد حُسيني جي شاعري ٻُڌي ائين پي محسوس ٿيو ته اڄوڪِي رات پنهنجي ڦوهه جواني تي پُڄي چُڪي آهي پنهنجو ڀرپور جوڀن ماڻي چُڪي آهي امداد جا شعر ٽنڊو محمد خان شهر جي فضائن ۽ هوائن کي معطر ڪري رهيا هُئا دل چيو پي ته امداد شعر پڙهندو رهي ۽ پيار پلبا رهن ، نينهن نڀائبا رهن. محترم امداد حُسيني کان پوءَ هن مشاعري جي صدارت ڪندڙ ٽکڙ شهر سان تعلق رکندڙ سينئر شاعر سنڌ مشهور شاعر جيڪو اڪثر ڪري سعودي عرب ۾ رهندو آهي سيد شبير ”هاتف“ جڏهن پنهنجي پر اثر شاعري ٻُڌائي ته رنگ لڳي ويا، جذبا مجاز جي رنگن ۾ رنگجي ويا، مشاعرو پنهنجي عروج تي پهچي ويو نينهن وارن جي نياپن جون ڳالهيون هُلِي ويو ، محبت جي مستيءَ سر تي چڙهي ڳالهائڻ لڳي، شبير هاتف جي شاعري جا لفظ رقص ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز سموري محفل سان گڏ مسلسل تاڙيون وڄائي شاعر شبير هاتف کي داد جهڙا انمول خزانا ارپي رهيو هو. ساٿيو اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته هن عظيم الشان مشاعري جي صرف سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پوري دنيا جي سنڌين واسطي ڪوريج ڪئي. چڱو موڪلاڻي ڪانهي يار زنده صحبت باقي ملنداسين انشاالله وري ڪنهن ٻي موقعي تي وري ڪنهن ٻي ادبي محفل جو احوال توهان سان اوربو تيستائين اجازت ..............!​

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
هاڻ پيش آهي انهي بين السنڌ مُشاعري جو تصويري احوال خالص سنڌ سلامت جي پيشڪش​

321563_10150412501368216_794048215_8532566_823947331_n.jpg



302122_10150412498913216_794048215_8532561_2071502163_n.jpg


هن مُشاعري جو ميزبان ٽنڊو محمد خان شهر جي سماجي شخصيت محترم دُرمحمد ڀٽي مهمانن کي آجياڻو ڏيئي رهيو آهي

313541_10150412386138216_794048215_8532273_2052841440_n.jpg


پروفيسر عنايت الله زنگيجو تلاوت ڪلام پاڪ پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهي

392764_10150412502168216_794048215_8532567_99854108_n.jpg


298719_10150412502823216_794048215_8532568_86367776_n.jpg

نيڪ بُزرگ مشهور ديني شخصيت سائين محمد رمضان عباسي صاحب قصيده برده شريف ۽ ان جو جڏهن ترجمون پڙهي ٻُڌايو ته ساري محفل روحاني سڪون حاصل ڪيو

383055_10150412370053216_794048215_8532222_746502767_n.jpg

سنڌي شاعري جي ڪتاب رُلي رُلِي جهان ڏٺم جو تخليق ڪار انعام ٽکڙائي هن مشاعري جي ڪاروائي هلائي ۽ پنهنجو هڪ غزل پڻ پڙهيو۔

380237_10150412524328216_794048215_8532620_1985297570_n.jpg

نوجوان شاعر عاشق ڳاهو پنهنجي شاعري ٻُڌائي رهيو آهي

316736_10150412527573216_794048215_8532628_1555370841_n.jpg

سنڌي شاعري جي ڪتاب آڪاش اڌورو جو تخليق ڪار نوجوان شاعر آڪاش ٽکڙائي هن مشاعري ۾ پنهنجو تازو نظم ٻُڌائي رهيو آهي۔

375574_10150413265723216_794048215_8534773_830065243_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو ٽي درجي وارو شاعر نثارناز پنهنجو آزاد نظم ٻُڌائي رهيو آهي۔

376666_10150412644403216_794048215_8533041_623560794_n.jpg

محترم غلام علي چانگ پنهنجي شاعري جا گُل وکيري رهيو آهي۔​
 
جواب: سنڌ ليول جو مشاعرو ۽ ٽنڊو محمد خان شهر

پيش آهن سنڌ جي ٻن ڀلوڙ شاعرن محترم امداد حُسيني ۽ محترم عنايت بلوچ جون تازه ترين تصويرون​

392231_10150413198338216_794048215_8534432_468692613_n.jpg



386622_10150413199023216_794048215_8534434_445765214_n.jpg


387675_10150413199233216_794048215_8534437_1513007748_n.jpg


379521_10150413201738216_794048215_8534446_2030591459_n.jpg


317002_10150413203103216_794048215_8534448_1870297410_n.jpg

سنڌ مشهور شاعر هر دلعزيز شخصيت، علمي شخصيت سائين امداد حُسيني جا هن مشاعري ۾ شاعري پڙهندي دوران مختلف انداز صرف سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک مان توهان دوستن سان شيئر ڪيا پيا وڃن

377334_10150413189303216_794048215_8534414_1152290303_n.jpg


298806_10150413190173216_794048215_8534418_1644579039_n.jpg


317157_10150413190958216_794048215_8534419_511993873_n.jpg


316435_10150413189923216_794048215_8534417_1552844664_n.jpg


376885_10150413192118216_794048215_8534423_1393959688_n.jpg

سنڌ جو ڏاهو اديب ريڊيو پاڪستان جو سابق ريجنل ڊائريڪٽر ڀلوڙ شاعر محترم عنايت بلوچ جا شاعري پڙهندي دوران مختلف انداز سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ هميشهه لا محفوظ ٿي ويا۔
 
جواب: سنڌ ليول جو مشاعرو ۽ ٽنڊو محمد خان شهر

تمام بهترين سائين نثار صاحب پر ان پروگرام جا وڊيو هجن ها ته اسان ائين محسوس ڪيون ها ته ًگهر ويٺي اسان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي
تڏهن به سر توهان جس لهڻو جو اسان تائين رپوٽ پڄائي ، سٺو لڳو
 
جواب: سنڌ ليول جو مشاعرو ۽ ٽنڊو محمد خان شهر

ڪجهه وڌيڪ تصويرون

306422_10150413205333216_794048215_8534455_721934484_n.jpg


315090_10150413207028216_794048215_8534458_1599161498_n.jpg



304093_10150413207548216_794048215_8534461_214556385_n.jpg


381131_10150413258753216_794048215_8534719_695993520_n.jpg

علم ادب جي وڏي شخصيت ًٽکڙ سنڌ لاڙ جي مردم خيز ڌرتي سان تعلق رکندڙ مشهور شاعر هن مشاعري جي صدار ڪندڙ محترم سيد شبير هاتف جا شاعري پڙهندي دوران مختلف انداز ، سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ سدائين لا محفوظ ٿيل تصويرون۔ دوستو ٿي سگهي ٿي سائين شبير هاتف جون تصويرون پهريون ڀيرون هتي اپ لوڊ ٿيون هُجن۔

392262_10150413187673216_794048215_8534408_152983178_n.jpg


307149_10150413188143216_794048215_8534409_1489836584_n.jpg


313567_10150413188933216_794048215_8534411_1508805348_n.jpg

سنڌ جي ڏاهي شخصيت بهترين شاعر محترم حبيب الله صديقي جون شاعري پڙهندي دوران سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيل نڪور تصويرون محترم حبيب الله صديقي جون هي تصويرون به سنڌ سلامت جي تاريخي رڪارڊ ۾ پهريون ڀيرو شامل ٿيون آهي

317007_10150413186543216_794048215_8534400_1521747039_n.jpg


374089_10150413185903216_794048215_8534397_557747208_n.jpg


حيدرآباد جو بهترين شاعر محترم مشتاق سچاروي پنهنجي شاعري ٻُڌائي رهيو آهي مختلف انداز

387583_10150413179513216_794048215_8534377_1413172384_n.jpg

کاهوڙي شاعر مشڪور ڦلڪارو پنهنجي شاعري پڙهي رهيو آهي​
 
جواب: سنڌ ليول جو مشاعرو ۽ ٽنڊو محمد خان شهر

تمام بهترين سائين نثار صاحب پر ان پروگرام جا وڊيو هجن ها ته اسان ائين محسوس ڪيون ها ته ًگهر ويٺي اسان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي
تڏهن به سر توهان جس لهڻو جو اسان تائين رپوٽ پڄائي ، سٺو لڳو
مهرباني ڀيڻ سنڌي نور صاحبه جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي ونڊ سُٺي لڳي، ڀيڻ وڊيو به آهن پر ان جي ايڊيٽنگ اپ لوڊنگ، هاڻي مون جهوني کان نٿي پُهچي، سنڌي نور توهان منهنجي هن رپورٽ کي غور سان پڙهي ڏسو ، مون ڪو پهلو هن بين السنڌ مشاعري جو ڇڏيو ته ڪونهي جو توهان کي محسوس نه ٿئي ته توهان هن مشاعري ۾ موجود نه آهيو ان هوندي به انسان آهيان پوڙهو مڙس آهيان ٿي سگهي ته ڪو رنگ مونکان هن مشاعري جو رپورٽنگ جي سلسلي ۾ رهجي ويو هُجي۔ توهان جي همت افزائين جو تهه دل سان شڪر گُذار آهيان۔ لک لائق ڀيڻ۔
 
Back
Top