• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت جي ڏيک ۾ آيل تازي تبديلي!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
پيارا ساٿيو اسلامُ عليڪم

هميشه جي روايت کي قائم رکندي سنڌسلامت انتظاميه پاران اسان جي اوطاق جي ڏيک ۾ موقعي جي مناسبت سان تبديلي ڪئي وئي۔ ۽ اهو انتهائي ساراه جوڳو قدم آهي ته اسان جي اوطاق تي به سنڌين جي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان اجرڪ ۽ ٽوپين جو نماء ڪيو ويو آهي۔

توڙي جو رنگ ٿورو شوخ آهي پر جيئن ته هي موقعو ئي اهڙو آهي ۽ اسان جي ثقافت اجرڪ جو رنگ به اهو آهي سو هي هڪ بهترين ڏيک ڏيئي رهيو آهي۔

اميد آهي ته دوست پنهنجي راءِ ڏيندا ۽ انتظاميه جي همت افزائي به ڪندا ۽ جي ڪا صلاح يا تجويز اٿن ته اها به ڏيندا ته بهتري جي هن عمل کي اڃان وڌيڪ سهڻو بڻايو وڃي۔

سنڌسلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌسلامت جي ڏيک ۾ آيل تازي تبديلي!

ساري سنڌ وانگر اسان جي اوطاق به ايڪتا جي رنگ ۾ رنڱجي وئي آهي تمام ذبردست تبديلي آهي جيڪا وقت جي مناسبت سان ڏاڍي وڻي
 
جواب: سنڌسلامت جي ڏيک ۾ آيل تازي تبديلي!

تبديلي تمام خوبصورت آهي ليڪن ڪن برائوزرن ۾ اها مڪمل نظر نه ٿي اچي جيئن اوپيرا ۾ اجرڪ نظر نه ٿو اچي فقط ڳاڙهو بيڪ گرائونڊ نظر اچي ٿو هن طرح

69695377.png



جيڪڏهن توهان کي اجرڪ بيڪ گرائونڊ ۾ نظر نه اچي ته توهان فورم کي گوگل ڪروم يا فائرفوڪس ۾ کوليو ته توهان کي هن طرح ڊزائن نظر ايندي۔


[URL=http://profile.imageshack.us/[/URL]
 
جواب: سنڌسلامت جي ڏيک ۾ آيل تازي تبديلي!

سائين رشيد سمون جي مهرباني جو ايتري مصروفيت هوندي ۽ ڳوٺ ۾ هوندي به ايڪتا ۽ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان تبديلي آندي اٿس۔

مون وٽ ته ڪروم ۾ اجرڪ جا رنگ پيا جرڪن، اميد ته سڀني دوستن وٽ اهي رنگ نمايان هوندا۔ سنڌ جي ثقافتي عيد جي ڏهاڙن جي مناسبت سان سنڌ سلامت سميت سمورن سنڌين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون
 
جواب: سنڌسلامت جي ڏيک ۾ آيل تازي تبديلي!

ادي رشيد جي مهرباني جو قومي ڏينهن جي موقعي تي هي بهترين تبديلي آندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي مصروف هجڻ جي باوجود هن پنهنجي ذميواري ادا ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top