• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي: دوستو ڪالهه قومي ثقافتي ڏينهن مختلف ميڊياز وارن ملهايو ۔ منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن انهي سلسلي ۾ هڪڙو شاندار رنگارنگي ميوزڪ شو جو اهتمام ڪيو، سنڌ سلامت جي عيوضي جي حيثيت سان هن ميوزڪ پروگرام کي مون ڪور ڪيو ، ڪافي ڪوشش ڪيم ته اهو سمورو پروگرام توهان سان ڪالهه ونڊيان ها پر پوڙهائپ جي ڪري ائين نه ڪري سگهيس، سموري پروگرام جون جملي تصويرون فيس بُڪ تي چاڙهي ڇڏيم پر اتان لنڪ ذريعي سنڌ سلامت تي آڻي نه سگهيس، سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان وارن اسپيشلي مونکي هن شاندار سنڌي قومي گيتن واري رنگا رنگ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ هر طرف ماڻهون واڌايون ڏيئي ملي رهيا هُئا سنڌي ٻارڙن کي خوبصورت سنڌي ٽوپيون پهريل هُيون اجرڪ جون ڦلڙيون پنهنجا انڊلٺي رنگ جرڪائي رهيون هيون ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي واحد پارٽي آهي جو سنڌ جي ڪنهن به مسئلي يا سنڌ کي ڀيٽا ڏيندڙ ڪنهن به پروگرام ۾ سنڌي عورتن ڪافي تعداد ۾ شرڪت يقيني هوندي آهي۔ هينئر ڳالهين کي ختم ٿا ڪريون ، دل چوي ٿي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سنڌي ثقافتي حوالي سان رنگا رنگ پروگرام جون سموريون تصويرون توهان سان شيئر ڪريان۔

376527_10150416120598216_794048215_8544476_204155082_n.jpg


390715_10150416119993216_794048215_8544470_1441170430_n.jpg


319272_10150416127643216_794048215_8544497_69398292_n.jpg



374354_10150416160288216_794048215_8544575_60089321_n.jpg


318301_10150416258553216_794048215_8545006_1204619552_n.jpg


373915_10150416410233216_794048215_8545930_1407730308_n.jpg


308571_10150416417043216_794048215_8545946_1416736702_n.jpg


384827_10150416767123216_794048215_8547611_2053908686_n.jpg


375241_10150416766903216_794048215_8547610_427602831_n.jpg


385196_10150416268943216_794048215_8545059_1977381284_n.jpg

سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن​
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

منهنجي سنڌڙي جا ماڻهو هيرا لال ماڻهو

377248_10150416267328216_794048215_8545049_1538382834_n.jpg


377804_10150416259823216_794048215_8545009_784147486_n.jpg


سنڌ جو سُريلو فنڪار علي حسن سولنگي ثقافتي ڏينهن تي جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون سنڌ سلامت جي سنگ

390846_10150416307598216_794048215_8545331_1802592900_n.jpg


308929_10150416284008216_794048215_8545130_1334909005_n.jpg


305801_10150416264118216_794048215_8545039_2077438597_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي پنهنجي ٻن ساٿي ڪارڪن نارين سان

391157_10150416258088216_794048215_8545005_257784568_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري کان سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪري رهيو آهي

307115_10150416449968216_794048215_8546053_259488498_n.jpg

سنڌي فنڪاره ثنا سومرو سنڌ سلامت جي سنگ هن ايڪتا ڏينهن تي پنهنجا سُر وکيري رهي آهي

381133_10150416384328216_794048215_8545788_935735458_n.jpg


375852_10150416130453216_794048215_8544506_1573907203_n.jpg


377657_10150416137808216_794048215_8544527_2125135721_n.jpg

سُهڻا ماڻهون ٻيا به هزار سنڌي ماڻهون پڌرا لکن ۾​
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

سائين ٻيو سڀ سٺو آهي سنڌ جي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان پر رڳو ٻارن جي هٿن ۾ اهي هٿيار نه هجن ها۔


جيئي سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي عوام
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

سائين ٻيو سڀ سٺو آهي سنڌ جي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان پر رڳو ٻارن جي هٿن ۾ اهي هٿيار نه هجن ها۔


جيئي سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي عوام
سهي ٿا چئو پر ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان جنهن پارٽي اهو پروگرام آرگنائز ڪيو اهي ئي بهتر جواب ڏئي سگهن ٿا ادا معظم ، منهنجي ذاتي را اها آهي ته اهي معصوم سنڌي ٻارڙا اسان جي سنڌ جي رکوالن طور هڪڙي تمثيل ۽ تشبيهه طور هتي بيهاريا ويا هُوندا، ته ڪو دشمن اسان جي جيجل سنڌ ڏانهن ميري نظر نه کڻي ۔ بلڪل ائين جيئن مختلف پروگرامن ۾ ٽيبلو ذريعي تشريح ڪئي ويندي آهي ، جڏهن اسان جا ٻارڙا اسان جا نوجوان، اسان جون مائون اسان جون ڀينرون جيجل سنڌ جا راکا ۽ رکوالا ٿيندا تڏهن اسان جي سنڌ جي بقا ، سنڌ جي ايڪتا ۽ سنڌ جي ثقافت کي ڪو لهر ۽ نڪو لوڏو ٿيندو، توهان جي مهربانيون جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي ونڊ توهان کي سُٺي لڳي۔
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

سائين نثار صاحب توهان جي اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان جي سنڌ امڙ تي ڪو ميري اک سان نه ڏسي تنهن ڪري ٻارن جي هٿ ۾ هثيار ڏئي ڏيکاريو ويو آهي پر سائين اسان سنڌي ڇو ائين ڪندا آهيون پر اسان جي سنڌي ميڊيا به گهڻو ڪجهه ڏيکاريندي آهي ته هٿيار ۽ داڙيل ڪلچر ڏيکاري ٿي۔



جيئي سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻولي زنده باد۔
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

سائين نثار صاحب توهان جي اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان جي سنڌ امڙ تي ڪو ميري اک سان نه ڏسي تنهن ڪري ٻارن جي هٿ ۾ هثيار ڏئي ڏيکاريو ويو آهي پر سائين اسان سنڌي ڇو ائين ڪندا آهيون پر اسان جي سنڌي ميڊيا به گهڻو ڪجهه ڏيکاريندي آهي ته هٿيار ۽ داڙيل ڪلچر ڏيکاري ٿي۔

جيئي سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻولي زنده باد۔

ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان توهان ٻارڙن جي هن تمثيل ۽ تشبيهه کي ڌاڙيل ڪلچر سان نه ڀيٽيو، ڌاڙيل معاشري تي بدنما داغ آهن، پر هتي هٿيار کڻي ڏيکارڻ جو مقصد اهو آهي ضرورت پوڻ تي اسان ڌرتي جي حفاظت لا هٿيار به کڻي سگهون ٿا۔ امن محبت ۽ پيار ته سنڌي ماڻهن جو شيوو آهي پر اسان جي هن پيار محبت ۽ امن کي ڌارين سدائين غلط سمجهي اسان جي پُٺين ۾ خنجر وهائي ڪڍيا آهن ۔ اڄ نه ته سڀاڻي اسان کي وطن ۽ ڌرتي جي حفاظت لا هٿيار به کڻڻا پوندا اسان ان کان ڪنڌ نٿا ڪڍائي سگهون، ڌاريا ۽ سنڌ جا دشمن مسلسل اسان جي مٿان ورن مٿان وار ڪندا رهن ۽ اسان انهن کي مجبوري آهي ته گُل ته نٿا پيش ڪري سگهون۔ اسان انهن سان مسلسل پيار ته نٿا ڀاسي سگهون۔ باقي ميڊيا وارا ڌاڙيل ڪلچر کي ها لائٽ ڪن ٿا اها به هُنن جي مجبوري آهي زياده تر ماڻهو انهن ئي موضعن کي پسند ڪن ٿا۔ ميڊيا جا ادارا خالص پروفيشنل ادارا آهن ، جتان هنن کي روينيو حاصل ٿيندو ظاهر آهي انهي  موضع کي ئي هو ها لائٽ ڪندا۔ اسان صرف پنهنجي اندر ۾ جهاتيون پايون ته اسان سنڌين جي انفرادي ۽ اجتمائي سوچ ڪهڙي آهي اسان جيجل سنڌ لا اجتمائي يا انفرادي طور تي ڇا ٿا ڪري سگهون ۔ توهان جون مهربانيون ادا معظم۔
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

ٽنڊي محمد خان جي سڀني جوڌن، دودن ۽ سنڌ سڄڻن کي سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جون لک لک واڌايون ۔۔۔ سلام آهي انهن سڀني سنڌ دوستن کي جي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لئه ڪهاڙيون ڪلهن تي سجائن ٿا ۔۔۔ اهي قومون آزاد ۽ خودمختيار رهن ٿيون ۽ ترقي ڪن ٿيون جي دنيا ۾ پنهنجن سگهه ثابت ڪن ٿيون ۽ ڏاڍين قومن جي وچ ۾ ڏاڍ ۽ ايڪتا سان زنده رهن ٿيون ۔۔۔ سنڌي قوم ۾ جڏهن دودا ۽ دولهه هيا ته سنڌ جي تاريخ ۾ بهادرين جا داستان لکيا ويا ۔۔۔۔

سنڌ هزارن سالن کان هڪ ملڪ رهيو آهي ۽ خوشحاليءَ ۽ بهادريءَ جا مثال قائم ڪندو رهيو آهي، اڄ به سنڌ کي دودن، جوڌن ۽ دولهن جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ جي سنڌ لئه پرخلوص ويڙهه وڙهي سگهن ۽ هڪ دفعو ٻيهر سورهيائيءَ جا مثال قائم ٿين ۔۔۔۔

سورهيه مرين سوڀ لئه، ته دل جا وهم وسار،
کڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين ۔۔۔

جيڪڏهن هٿيار کڻڻ حرام هجن ها ته سنڌ جو سهڻو لطيف هي مٿيون بيت هرگز به نه جهونگاري ها ۔۔۔۔ اي سنڌ واسيو! پاڻ سنڀاليو ۽ سنڌ جي مالڪي ڪريو، پنهنجي ڏاهپ سان، پنهنجي فڪر سان، پنهنجي اهليت سان ۽ پنهجي سورهيائي سان ۔۔۔

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو۔

وطن سارڻ جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ سنڌ ڪندا رهون بلڪ وطن سارڻ جو مقصد آهي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ، سنڌ جي وسلين جي حفاظت ڪرڻ، سنڌ جي ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارڻ ۔۔۔ اچو ته سڀ ايڪتا ۽ سورهيائيءَ سان اهو ڪم ڪري ڏيکاريون ۔۔۔۔

ڪنهن ڏاهي سورهيه جو چوڻ آهي ته؛ ”شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگيءِ کان، گدڙ جي سئو ساله زندگيءَ کان بهتر آهي“

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: اچو ته ڪجهه ايڪتا ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ وکيريون

ايڪتا جا رنگ هزار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سدا آباد رهي ۔۔۔۔۔۔

سائين نثار ناز ثقافتي ڏينهن جي ڪوريج لاء گهڻو سرگرم ۽ مصروف رهيو آهي۔ سنڌ سميت سائين نثار ناز کي خاص واڌايون پيش ڪجن ٿيون جنهن ايڪتا جي ڏينهن کي ڪيترن ئي ڏينهن کان پئي رپورٽ ڪيو آهي۔

ان رات آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ جشن ثقافت ۾ شريڪ هئاسون ۽ پروگرام بهتر انداز سان هلي رهيو هو ته ڪجهه منچلا نوجوان هٿن ۾ ڪهاڙي وارا ڳاڙها جهنڊا کڻي اسٽيج تي آيا ۽ وري هلندي پروگرام ۾ فائرنگ ڪري ٻارن ۽ نياڻين کي هيسائي وڌو ۽ پروگرام جي خوشي اڌوري رهجي وئي۔ اسان اهڙي قسم جي نوجوانن ۽ سياسي گروپن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ ان قسم جا فوٽوز يا رپورٽس پڻ نروار نه ڪجن ته بهتر ٿيندو۔

سنڌ جي هن ثقافتي عيد واري ڏهاڙي اسان کي اهو وچن ڪرڻو آهي ته اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاء سچائي ۽ محنت سان ڪم ڪيون۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top