نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي: دوستو ڪالهه قومي ثقافتي ڏينهن مختلف ميڊياز وارن ملهايو ۔ منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن انهي سلسلي ۾ هڪڙو شاندار رنگارنگي ميوزڪ شو جو اهتمام ڪيو، سنڌ سلامت جي عيوضي جي حيثيت سان هن ميوزڪ پروگرام کي مون ڪور ڪيو ، ڪافي ڪوشش ڪيم ته اهو سمورو پروگرام توهان سان ڪالهه ونڊيان ها پر پوڙهائپ جي ڪري ائين نه ڪري سگهيس، سموري پروگرام جون جملي تصويرون فيس بُڪ تي چاڙهي ڇڏيم پر اتان لنڪ ذريعي سنڌ سلامت تي آڻي نه سگهيس، سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان وارن اسپيشلي مونکي هن شاندار سنڌي قومي گيتن واري رنگا رنگ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ هر طرف ماڻهون واڌايون ڏيئي ملي رهيا هُئا سنڌي ٻارڙن کي خوبصورت سنڌي ٽوپيون پهريل هُيون اجرڪ جون ڦلڙيون پنهنجا انڊلٺي رنگ جرڪائي رهيون هيون ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي واحد پارٽي آهي جو سنڌ جي ڪنهن به مسئلي يا سنڌ کي ڀيٽا ڏيندڙ ڪنهن به پروگرام ۾ سنڌي عورتن ڪافي تعداد ۾ شرڪت يقيني هوندي آهي۔ هينئر ڳالهين کي ختم ٿا ڪريون ، دل چوي ٿي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سنڌي ثقافتي حوالي سان رنگا رنگ پروگرام جون سموريون تصويرون توهان سان شيئر ڪريان۔
سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن










سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن