سنڌي ٻوليء جي سهڻي شاعر عبد الغفار تبسم کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سٿ پاران سنڌي ٻوليء جي ڀلوڙ شاعر ۽ بهترين انسان محترم عبدالغفار تبسم کي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي هميشه خوش هجي ۽ سندس قلم مان نيون تخليقون جنم وٺنديون رهن۔

    سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عبدالغفار ” تبسم “

    مسٽر عبدالغفار تخلص ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي تاريخ 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ مير پور ڀٽو تعلقو رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئو ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري مان سال 1966ع ۾ جڏهن ته بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال 1972ع ۾، ايم اي (بين القوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سال 1974ع ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.

    تبسم صاحب جي زندگي گهڻن رخن ساب ڀرپور رهي آهي. جنهن ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ بلدياتي سياست، ٽي وي، فلم، ڊراما، شاعري، سماجي ۽ ثقافتي شعبي ۾ وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي نالو پيدا ڪيائين. بحيثيت طالب علم سال 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن (ايل ايس او) جو نائب صدر به رهيو، تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام کٽيائين. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجئيٽس ايسوسيئشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئو ديرو ڊراماٽڪ سوسائٽي صدر ۽ سرپرست به هيو. هن پليٽ فارم تان شيرين فرهاد، آغا حشر ڪاشميري جو سنڌي ترجمي ڪيل ڊرامو باغبان، تاريخي ڊرامو ليلا چنيسر ۽ ٻيا ڊراما پيش ڪيا ويا.

    تبسم صاحب ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيائين جنهن 1978ع جوبهترين ڊرامو ”بري هن ڀنڀور۾“ به شامل آهي. ڪيترن علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو. ٽيلوزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. سال 1982ع ۽ 1984ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم به ٺاهيائين جنهن ۾ فلم ” برسات جي رات“ جو هيرو جڏهن ته بي ايس گل صاحب جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولن جو ڪرادار ادا ڪيائين جڏهن ته پروگرام آرگنائيزر به پاڻ هو. ٽن سالن کان ڪراچي آرٽس ڪائونسل گورننگ باڊي جو ميمبر به آهي.

    پاڻ ملازمت جي لحاظ کان پهرين 1982ع ۾ استاد وري فيملي پلاننگ آفيسر پوءِ 1983ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آئي اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشل لا دور ۾ 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ بعد ٺيڪيداري به ڪيائين. سال 1983ع کان 1987ع تائين نئو ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين چونڊجي اچڻ بعد شهر جي خدمت ۽ راڄوڻي فيصلا به ڪيائين. ٻيهر 1990ع ۾ پي آئي اي ۾ ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ هڪ ڪامياب آفيسر جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀائي رهيو، آهي.
    تبسم صاحب جي هاڻ سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي جيڪو پنهنجي شاعري معرفت محبت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل رهي ٿو. شاعري ۾ پهريون قدم سال 1964ع ۽ 1965ع ڌاري رکيو. پهرين شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي زير اهتمام مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي زير صدارت منعقد ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي شعري مجموعا پڻ شايع ٿيل اٿس. هن ڏس ۾ پهريون ڪتاب ”گلن جهڙا ڳل“ 1966ع ، ”مٽي جا سر“ 1991ع، ”شفق وارا ڇانورا“ 1982ع، ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ (سرنامو) 1994ع، ”سوچون صحرا سراب“ 1995ع ۽ ”نيڻن جي آڳر ۾“ 1996ع ۽ تنها ڪنڌيءَ مسافر 1999ع شامل آهن.
    تبسم اٽڪل ٽي سال لڳاتار عوامي آواز اخبار لاءِ قطعو لکندو رهيو. محفلن، مشاعرن ۾ پنهنجا شعر پيش ڪرڻ، صدارت يا مهمان خاص هئڻ کان علاوه هو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شايد پهريون شاعر آهي جنهن جي گيتن، غزلن کي سنڌ جي هر وڏي ننڍي فنڪار ڳايو آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سندس شاعري ٻڌي وڃي ٿي. سندس هر ڳايل شاعري يا گانا هر ننڍي وڏي جي لبن تي جهونگارجن ٿا. هر ايندڙ گيت مقبوليت ماڻي ٿو سندس ڪافي آڊيو ڪيسٽون رليز ٿيون آهن هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون خوشنصيب شاعر آهي جنهن جي آمريڪا مان 1999ع ۾ سي ڊي رليز ٿي آهي. هنجي شاعريءَ ۾ تمام رمزون، بحر وزن ۽ پختگي آهي. محبوب، پيار، ڌرتي ۽ ماروئڙن لاءِ شاعري ۾ سچائي ۽ انقلابي صداقت شامل آهي. پاڻ سنڌ جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي ۾ هڪجيتري مقبوليت رکي ٿو. سندس مداحن جو وڏو حلقو آهي. بنيادي طرح سان محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. وٽس دفتر يا گهر ۾ گهڻو ڪري محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. محبت ۽ مرڪ سان هر، ڪنهن جي آجيان ڪندڙ، ڪنهن جي به مخالفت ۾ ڪونه سڀ جو خير گهرندڙ هي نئين ٽهي جو شاعر ننڍي وڏي اديب ۽ اد دوست حلقن ۾ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

    پاڻ پرڏيهي دورن جي حوالي سان به خوشنصيب آهي. 1992ع ۾ دبئي ۾ ”سنڌي سدائين گڏ“ تنظيم جي دعوت تي شرڪت، سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ 1992ع ڪئيليورنيا، شڪاگو، واشنگٽن، نيويارڪ کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا، بئنڪاڪ، سعودي عرب (والد سان گڏ 1978ع ۾ عمرو) جرمني ۽ انگلينڊ جو سير ب ڪري چڪو آهي.

    عبدالغفار تبسم سال 1980ع ۾ اعواڻ خاندان مان شادي ڪئي. هن وقت اولاد ۾ خليل جبران، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران ۽ نياڻي ساره غفار اٿس.



    محترم عبدالستار ڀٽي جي لکيل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون تان ورتل

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 نومبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. raja sindhi

    raja sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    pvt job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ڀلوڙ شاعر محترم عبدلاغفار تبسم کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    تمنا دردِ دل جي اٿئي ته ڪر خدمت فقيرن جي
    نه ملندو آ اهڙو گوهر اميرن جي خزانن ۾ اسانجي طرفان به کوڙ مبارڪون
     
  3. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ڀلوڙ شاعر محترم عبدلاغفار تبسم کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    اسانجي طرفان به کوڙ مبارڪون
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليء جي سهڻي شاعر عبدالغفار تبسم جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران کيس سلام پيش ڪندي واڌايون ڏيون ٿا۔ دعا آهي ته پاڻ سدا خوش هجن۔

    واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب،
    کڻي نيڻ خمار مان ڪُهين ڪرين ڪباب،
    تنهجو تبسم چوي جاني نه آهي جواب،
    تکو تنهنجو تاب سج چنڊ کان سپرين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان ته مايوسين ۾ تبسم، ماٺ ٿي ويهان مگر،
    هر دفعي هڪ نئين تمنا، آٿتون ڏيندي رهي.

    سنڌ جي نامياري شاعر سائين عبد الغفار تبسم کي جنم ڏڻ جون واڌايون


    [​IMG]
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڀلوڙ شاعر کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو