هڪ سٺي خبر آهي ته گذريل هڪ سال جي عرصي کانپوء مشهور ڳائڻي سائنڻ عابده پروين جي فن جي دنيا ۾ واپسي ٿي آهي۔ گذريل سال نومبر مهيني ۾ لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ فن جي مظاهري دوران کيس دل جو دورو پيو هو ۽ کيس فوري طور اسپتال پهچايو ويو هو۔ لکين مداحن جي دعا ۽ ڊاڪٽرن جي ڪوششن کانپوء عابده پروين کي هوش آيو هو پر ڊاڪٽرن کين ڳائڻ کان منع ڪئي هئي۔
گذريل ڇنڇر واري رات هڪ سال جي وقفي کانپوء ڪراچي جي هڪ مقامي ڪلب ۾ سائنڻ عابده پروين ٻن ڪلاڪن تائين پرفارم ڪيو ۽ نوجوانن سندس آمد وقت ڪيئي منٽ اٿي بيهي ۽ تاڙيون وڄائي استقبال ڪيو۔ هن ٻن ڪلاڪن جي پرفارمنس دوران اڌ ڪلاڪ جو وقفو به ڪيو ۽ صوفي ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومايو۔
57 ساله عابده پروين لاء اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ کيس صحت عطا ڪري ۔۔۔۔ آمين