منھنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
سڄڻ جي نظر جو اثر ياد آيو،
ڪئين دل کي قابو سحر ياد آيو۔

ھٽايا جڏھن زلف رخسار تان ھن،
ڪڪر ۾ لڪل ڪو قمر ياد آيو۔

ھي بد بخت برباد شامون ڏسي اڄ،
سڄڻ سان گذاريل صحر ياد آيو۔

وڌي لوڪ بندش اسان جي اچڻ تي،
مگر پو به تنھنجو شھر ياد آيو۔

ڏئي سور بسمل ڪيو دل کي جنھن آ،
وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو۔

۽ مٍجروح ويران دل جي چمن کي،
اميدن جو ڪارو ڪڪر ياد آيو۔

مجروح ڀٽشاھي
 
جواب: منھنجي شاعري

وڌي لوڪ بندش اسان جي اچڻ تي،
مگر پو به تنھنجو شھر ياد آيو۔


محبوبن ۽ معشوقن جا شهر سدائين ياد رهندا آهن۔ بهترين شاعري
 
جواب: منھنجي شاعري

مھرباني سائين سليمان صاحب ۽ ادا رياض
ajxunm.jpg
 
جواب: منھنجي شاعري

واه سائين واه بهترين شاعري آهي جاري رکجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: منھنجي شاعري

لک لائق ادا وسيم اوھان جا، جو اسان جي ھي ننڍڙي ڪوشش اوھان کي بھترين لڳي
 
جواب: منھنجي شاعري

يار مجروح ڀٽشاهي ۔۔۔ ماري وڌو اٿئي، الائجي ڪيئن پرديس جي رستن تي هلندڙ زندگي جي گاڏي ۾ ديسي محبوب کي يادن جي پوئين ڪرسي تي ٿا اڇلايون ته وري ڪو اوهان جهڙو شاعر انهن کي اهڙو ته تازو ڪيو ڇڏي جو جان جوکم ۾ ۔۔ دل تي هٿ اچيو وڃن ۔۔۔

هٽايا جڏھن زلف رخسار تان ھن،
ڪڪر ۾ لڪل ڪو قمر ياد آيو۔

ھي بد بخت برباد شامون ڏسي اڄ،
سڄڻ سان گذاريل صحر ياد آيو۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top