جي توهان سچا سنڌي ۽ سنڌي قوم پرست آهيو ته!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي نيشنلزم؟ پنهنجي قوم جي ڪنهن به قسم جي صلاحيتن ڏيکارڻ واري کي کوجي هڪ پليٽ فارم تي نروار ڪري اڳيان وڌايو ، ڳوليو، جانچيو، ڀلي اُن جي پرورش ڍونڍ ۾ ٿي هُجي، ڀلي اُهو ڍونڍ ۾ ڍڪيل هُجي. جي توهان سچا سنڌي ۽ سنڌي قوم پرست آهيو ته! اُن کي ڍونڍ مان به ڪڍي صاف و شفاف ڪري تيار ڪريو ۽ ساٿ ڏئي سامهون آڻيو! پنهنجي قوم جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ! نه دٻائي ضايع ڪيو يا ڪرايو پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ،پنهنجي سوچ جي مُختلف نظريئي هُئڻ ڪري. نهاريو ٻين قومن جي خوبين کي به جيڪي پنهنجي هر سياسي، مذهبي، ذاتي، نّظرياتي سوچ کي هٽائي پنهنجي قوم جي ٽيلنٽ کي اڳيان وڌائين ٿا ۽ پنهنجي قوم جي مستقبل جي ضمانت بڻيل آهن ته پوءِ توهان ڇو نه؟ سّڻڻ تعصب ۽ نفرت ڇڏيو رشق ڪريو انهن جي ٽيلنٽس تي۽ اهڙا ٿيڻ سکو! پنهنجين خامين کي سمجهو ۽ پاڻ مان ڦٽي ٻاهر ڪيو اهائي اهائي سچي قومي مُحبت ۽ قوم پرستي آهي. جي قوم آهي ته مذهب به آهي، سياست به ۽ وڏيرپائي به! وڏيرو پئسي سان نه ڪردار سان آهي! ڇا انڪار ڪندئو؟.


    SINDHI NATIONALISM: Track, Trace, Trap your Sindhi Talents of any Skill, even if it isSINDHI NATIONALISM: Track, Trace, Trap your Sindhi Talents of any Skill, even if it is growing in MUD, wash it, recycle it, save it, safe it and use it for National interest and growth, rather suppress it if it challenge your Eggo or personality or personal interest. (Revive Your Tradition).
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي توهان سچا سنڌي ۽ سنڌي قوم پرست آهيو ته!

    محترم عبدالرزاق صاحب! اوهانجي ڳالهه اکين تي ۔۔۔ بيشڪ حق سچ آهي ته اسانکي سنڌين جي اهليت کي ڪٺي ڪري قومي خدمت ڪرڻ گهرجي، پر اسانجي محترم ۽ عوامي پارٽي، جنهن هر وقت سنڌين تي حڪومت پئي ڪئي آهي جيترو اهليت جو جنازو ان پارٽيءَ ڪڍيو آهي ته شايد ڪنهن ائين ڪيو هجي ۔۔۔

    اهل ماڻهن جي جاءِ تي پنهنجن جيالن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ نالائق ماڻهن کان رشوتون وٺي يا سفارشون قبول ڪري ڀرتيون ڪرايون وڃن ٿيون ۔۔۔۔ اهو رويو جيستائين تبديل نه ٿيندو تيستائين اهليت طرف توجهه ڪير ڏيندو ۔۔۔ ان پارٽيءَ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياست کي داخل ڪرايو ۽ اڄ حالت اسانجي سامهون آهي ۔۔۔ اهليت ۽ تعليم جو ٻيڙو سنڌو درياهه ۾ هٿ وٺي ٻوڙايو ويو آهي ۔۔۔

    بحث ته تمام گهڻو پر پوءِ به اوهانجون ڳالهيون سون جهڙيون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: جي توهان سچا سنڌي ۽ سنڌي قوم پرست آهيو ته!

    علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان ”علي قاضي 03152750900“.
    علي قاضي سنڌ جاگرتا لاءِ، پنهنجي جدوجهد جي مشعل کڻي، نئين ٽهيءَ سان گڏ ،سنڌي قوم کي نئين قيادت جو ڏس ڏئي، 22 جنوري 2012 حضرت شاه عبدالطيف جي مزار تان پنهنجي قوم جي هن پهرئين ۽ عظيم سفر ”سفر نجات “ جو آغاز ڪري رهيو آهي. اُهي تمام غيرت مند، باهمٿ، باشعور، قوم لاءِ فڪرمند سنڌي ، جيڪي ڏهائين تائين پوءِ ڍائيل ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن، رئيسن، ڀوتارن، ڪانڀون، راشي ڪامورن، جاگيردارن جي ڪوڙن دلاسن ۽ دولابن واري مورثي ۽ خود غرض سياست ۾ ڦاٿل هُئا. اڄ انهن لاءِ 22 جنوري2012 آزاديءَ جو پيغام کڻي اچي رهي آهي. ان کي ڀرپور موٽ ڏئي پنهنجي پوءِ ڍائيل ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن، رئيسن ڀوتارن، ڪانڀون، راشي ڪامورن، جاگيردارن وٽ عرصي کان گروي رکيل سنڌ ۽ سنڌين کي بچايو. اسان اُميد ٿا ڪريون ته هن مرد مُجاهد جي قيادت ۾ سنڌ ۽ مفلوج ڪيل سنڌي قوم انهن ظالم دجال نما ڀوتارن ۽ انهن جي موالي، چرسي، شرابي، شبابي، عياش پرست ڇاڙتن پيروڪارن کان ضرور آزادي وٺندي ۽ سنڌي قوم کي چرسن ۾ ڀريل سُلفين جي سُوٽن، ڀنگ ۽ ڪچي شراب ۾ مدهوش اوطاقن، دوهانٽيل اوتارن مان ڪڍي پُرفزا ماحول ۾ آڻي حقيقي قومي غيرت ڏيندي.

    ڪنهنجو نالو تبديل ٿي سڏائي سگهي ٿو، ڪنهنجي ذات تبديل ٿي سڏائي سگهجي ٿي(جهڙوڪ شيديءِ مان قمبراڻي، ميمڻ مان قاضي، ماڇيءِ مان سولنگي وغيره)، ڪنهنجو مذهب به تبديل ٿي سگهجي ٿو، ڪنهن جي سياست ۽ سياسي سوچ به تبديل ٿي سگهجي ٿي پر ڪنهنجي قوميت هرگز تبديل نٿي ٿي سگهي. سنڌي ٻي قوم نٿو سڏجي سگهجي ڀلي ڪهڙي ذات جو هُجي، مذهب ياعقيدي جو هُجي، نالي جو هُجي. پوءِ ڇو نه پنهنجي پنهنجي وِتُن ۽ سوچن ۾ رهي ڪري به سنڌ ۽ سنڌي قوم لاِءِ سوچيون، جتي به هُجون، ڇا به هُجون، ڇو به هُجون اسان جي سوچ جو مرڪز ثقل سنڌ، سنڌو، سنڌي ۽ سنڌيت ڇو ناهي؟ جڏنهن ته موٽ مرڪز ثقل آهي؟ سوچيو! هاڻ سوچڻ جو وقت اچي چُڪو اهي! ان کان پهرين جو قوم آخري پساه کڻي پنهنجو وُجود وڃائي ويهي.

    اڄ سنڌي قوم کي پاڻ علي قاضيءَ جي شڪل ۾ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت کي ٻاهر اُڀارڻ تي آئون سلام پيش ڪريان ٿو. هاڻ ڪير ڪيترو به کڻي انڪار ڪري پر اها حقيقت آهي ته سنڌي قوم کي سنڌي اجرڪ ٽوپيءَ جي نعري سان هي سهي، شروعات ڪري ثقافتي رنگ ڏئي ۽ ايڪتا (ٻڌي) جي نالي سان جيترو محترم علي قاضي صاحب جن هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ثابت ڪيو آهي ته هن شخص ۾ نه صرف سچائي آهي بلڪه هو هر مڪتب فڪر ۽ سوچ، مختف ذاتين، پاڙن، عقيدن، سياسي خيالن جي باوجود کين هڪ ڪاز ۾ شامل ڪري اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ کين به اوترو مان ۽ عزت ڏئي ڪري پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگهي ٿو. مان علي قاضيءَ کي عرض ڪندس ته هاڻ هو کُلي ڪري سنڌ ۾ سياسي خلا کي پُر ڪرڻ لاِءِ ميدان تي اچن ۽ پاڻ سان ٻين اهڙين ٻين سوچن کي به کڻي اڳتي وڌن جو هن وقت سنڌي قوم وڻ وڻ ڪاٺي هڪ اهڙي بي مهار اُٺ وانگر آهي جنهن جو ڪو ڌڻي سائين ناهي پر سڀني علي قاضيء جي سوچ ۾ هڪ ٿي ڏيکاريو آهي ۽ قيادت به تسليم ڪندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو