نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي ثقافتي ايڪتا ڏينهن تي سنڌي فنڪارن سنڌي قومي گيت ڳائي هر طرف جيئي سنڌ سدائين جيئي جا نعرا هڻائي ماڻهن کي جهمريو هڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان وارن هيلوڪي ايڪتا ڏينهن تي ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙو ڀرپور رنگا رنگ سنڌي قومي گيتن جو شو منعقد ڪرايو ، جنهن ۾ سنڌ ليول جي مشهور سنڌي فنڪارن شرڪت ڪئي ، ان کان علاوه هن رنگا رنگ ميوزڪ شو ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ۽ ڀر پاسي جي ڪافي سارن سنڌي نارين ۽ مردن به شرڪت ڪئي ۔ جيئن ته مونکي بحيثيت سنڌ سلامت جي نمائندي جي اسپيشلي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري هن رنگارنگي قومي گيتن جي پروگرام شرڪت جي دعوت ڏني هُئي، ترقي پسند هائوس جي سامهون هڪڙو وڏو اسٽيج ٺاهيو ويو هو ، مان صُبح جو ڏهين وڳي اتي پهتس ته اڃان پروگرام شروع ٿيڻ ۾ دير هُئي ، سيد سارنگ شاه جنرل سيڪريٽري سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان اسٽيج سيڪريٽري واري فرضن ادا ڪرڻ جي تيارين ۾ هو ، آئون هيٺ ويٺل ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان محترم ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب سان ڳالهه ٻول ڪري رهيو هُئس سنڌ سلامت جو لوگو منهنجي هٿن ۾ هو ، ته اتان مونکي هڪڙي دوست اچي چيو ته مٿي اسٽيج تي سيد سارنگ شاهه سڏي پيو ، مان ڊاڪٽر صاحب کان موڪلائي اسٽيج تي آيس ته سيد سارنگ شاهه چيو ته ناز تنهنجي سنڌ سلامت جي مائڪ ۽ لوگو ذريعي دل چوي ٿي ساري ڪاروائي هلائي وڃي ۽ هر ميڊيا جي ڪئميرا جي اک جڏهن هن رنگا رنگ شو کي ڪور ڪرڻ ايندي ته سڀ کان پهرين سنڌ سلامت جي لوگو کان گُذرندي ۽ ائين سنڌ سلامت جي ڪارڪردگي ٽنڊومحمدخان ۾ ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان انتهائي فعال نظر ايندي، مونکي سيد سارنگ شاهه جي اها ڳالهه انتهائي مناسب لڳي۔ سو پنهنجو مائڪ لوگو سميت ايڪو سائونڊ واري کي ڏنم هن منهنجو مائڪ مونکي ڏيئي ان مان سنڌ سلامت جو لوگو ڪڍي سندس مائڪ ۾ لڳايو ۽ ڪاروائي هلائيندڙ اسٽيج سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه جي حوالي ڪيو، توهان يقين ڪندا ته جيڪي به ميڊيا جا نمائندا جنهن ۾ سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي آواز ٽي وي وارا حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا سائين نثارناز جي سنڌ سلامت باقائده هر جڳه تي ايڪتا ڏينهن تي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هن ايڪتا ڏينهن جي خوب ڪوريج ڪئي آهي دوستو توهان هاڻي ته منهنجي انهي خيال کان خوب واقف ٿي ويا هوندا ته مان ڪوشش ڪندو آهيان ته سنڌ سلامت تي جيڪا به ونڊ اماڻيان اها ڪجهه مختلف هُجي، ۽ جنهن ۾ سنڌ سلامت جو فعال ڪردار واضح هُجي، هاڻي مان ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان ان جا مناسب جج توهان آهيو توهان ڏسي سگهو ٿا ته هن رنگا رنگي تقريب جي آرگنائزرس کان وٺي هر فنڪار جي هٿن ۾ سنڌ سلامت جو لوگو آهي ، هن رنگارنگي تقريب جي سموري ڪاروائي سنڌ سلامت جي لوگو ذريعي هلائي ويئي جڏهن ٽنڊو محمد خان جي هن رنگارنگي تقريب جي ڪلپ مختلف ميڊيا وارن نشر ڪئي ان ۾ پنهنجي سنڌ سلامت جو لوگو واضح ۽ نمايان هو۔ دوست دل ته گهڻي چاهيندي آهي ته تصويرن جي جاءِ تي وڊيو ڀري توهان سان ونڊ ڪريان پر جيئن ته وڊيو رڪارڊ ڪري ايڊيٽنگ ڪري اپ لوڊ ڪرڻ هڪڙو ڪافي ٿڪائيندڙ ڪم آهي ، مان پوڙهو مڙس آهيان ، ان ڪري هاڻي مونکان نٿو پُهچي ۔
پيش آهن هن رنگارنگي تقريب جون تصويرون سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنهنجي پيش ڪش
سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان سنڌي قوم سان مخاطب آهي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم رضا خاصخيلي سنڌي قوم سان مخاطب آهي
سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي مخاطب آهي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽر سيد سارنگ شاهه تقرير ڪري رهيو آهي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي سينئر ڪارڪن نجما خاصخيلي ڳالهائي رهي آهي
سنڌ مشهور فنڪاره ثريا سومرو سنڌ جا قومي گيت ڳائي سڀني کي جهومائي ڇڏيو
سنڌ جي قومي گيتن تي جهمريون هڻڻ ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز پيش پيش هو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان سنڌي قوم سان مخاطب آهي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم رضا خاصخيلي سنڌي قوم سان مخاطب آهي

سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي مخاطب آهي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽر سيد سارنگ شاهه تقرير ڪري رهيو آهي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي سينئر ڪارڪن نجما خاصخيلي ڳالهائي رهي آهي



سنڌ مشهور فنڪاره ثريا سومرو سنڌ جا قومي گيت ڳائي سڀني کي جهومائي ڇڏيو


سنڌ جي قومي گيتن تي جهمريون هڻڻ ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز پيش پيش هو