مرتضيٰ ڏاڏاهي : ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مرتضيٰ ڏاڏاهي
    ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر

    منظور ڪالرو

    سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حُب، ڌرتيءَ سان پيار، وفاداري، امن، جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنهنجو نينهن جو ناتو خوب نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جيجل جو ڀرم رکي سگهجي ۽ ائين ماءُ جي ٻولي ۽ لولي جا گيت صدا گونجبا رهن.

    اهڙن وطن دوست شاعرن ۾، ٻهڳڻو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏهي به پنهنجي مٺڙي وڻندڙ ۽ لطيف شاعريءَ سبب وڏن ناميارن شاعرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي نهايت سجاڳي، ذميواري ۽ فرض شناسي سان پنهنجيون پنهنجيون جوابداريون نڀائيندي سنڌي ٻولي کي جياريو اچن. جيتوڻيڪ هتي سنڌي ٻولي خلاف وڏيون بغاوتون ۽ نفرتون ٿيندي ڏسڻ ۾ آيون آهن پر شاعرن جون خدمتون ۽ محنتون ٿيل آهن، جنهن سبب انهن نفرتن کي مات ڏئي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جو به بچاءُ ٿيو. پر پوءِ به سنڌي ماڻهن سميت ٻولي ۽ ثقافت سان نفرتن وارا لاڙا اڃا بند ٿيندي نٿا ڏسجن ۽ نه ئي سنڌين جي ماڳ مڪانن جا قدر ٿا ٿين. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙن سنڌ دشمنن کي جن هٿيارن سان سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪيو تن ۾ سنڌ جي وفادار شاعرن جي شاعريءَ جو گهڻو حصو شامل هوندو.

    هونئن به پالڻهار سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجين خاص نعمتن سان سرشار ڪري، اسان کي انهن نعمتن سان نوازيو آهي جيڪي دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڻلڀ آهن. تنهنڪري قدرت جي ڏنل تحفي جي هر نعمت جو نه فقط خيال رکڻو آهي پر حفاظت سميت، سندس سونهن کي داغدار ڪندڙن کان به کيس محفوظ ڪرائيندي وڌيڪ سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون آهن.

    هاڻ جيڪو به پاڻ کي سنڌواسي سڏائي ٿو، اهو اعليٰ مقام تي يا وڏي عهدي تي فائز آهي، تنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ننڍو وڏو ڪارنامو ۽ خدمت جاري رکڻ يا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سنڌي سماج دنيا جي سڌريل قومن سان گڏ هلي سگهي نه ته ٻليءَ پير هلندو رهي. هن ڏس ۾ جن شخصيتن پنهنجي ڏات سان سنڌ وطن جي خدمت جا مختلف مورچا سنڀاليا تن ۾ سماج سڌار، تعليمي ماهرن، عوام دوست سياستدانن، زرعي ماهرن، انسان دوست خدمتي ادارن، واپار ڪندڙن سميت شاعرن، اديبن ۽ صحافين (پرنٽ ميڊيا هاڻ ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا) پاڻ ملهايو آهي.

    انهن خدمت گذارن ۾ محبوب ۽ مقبول، سنڌ جو ڀلوڙ عوامي شاعر، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي به اوچي ڳاٽ سان ڏسجي ٿو، جنهن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي کي شاعريءَ جي حوالي سان وڌيڪ شاهوڪار ڪيو. 26 نومبر 1939ع ۾ ڏاڏاهي صاحب جو جنم ٿيو. سندس والد امام الله شاهه خود به علمي ادبي شخصيت طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جنهن کي راڳ سان پڻ بي پناهه چاهه هوندو هو. جيئن ته پاڻ زميندار هئا تنهنڪري سندن اوطاق تي راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. جتي راڳ جا ڄاڻو فنڪار، باقاعدگيءَ سان اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ماحول ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهي وڏو ٿيو ته سندس لاڙو شاعريءَ طرف گهڻو ٿي ويو. شاعري به اها جيڪا پوريءَ طرح سان وزن، بحر، ڪافيو، رديف جي گهرجن ۽ سنڌي ٻولي جي لفظن تي ٻڌل هئي. ڏاڏاهي صاحب جا غزل ۽ ڪافيون پڙهي ۽ ٻڌي چئي سگهجي ٿو ته سندس ڏات ۾ سمورا خوبصورت رنگ شامل آهن، جيڪي سموري شاعريءَ ۾ محبت جو مشاهدو، انتظار، درگذري، وفاداري، دوستي، جدوجهد، خوشحالي، ترقي، وطن سان پيار، ڏوراپن ۽ التجائن جي مختلف ڪيفيتن ۽ روپن ۾ لطيف جو اظهار ڪن ٿا. تنهن ڪري عام و خاص مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪلام ڳائيندي ۽ جهونگاريندي ڏسڻ ۾ ايندو.

    زهر کي به زم ز م ڪري پي ڏٺوسين،
    مرڻ کان اڳيئي، مري جي ڏٺوسين.

    سائين مرتضيٰ نه فقط شاعري پر ادب جي ٻين صنفن تي به خوبصورت انداز ۾ لکيو جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، افسانو، مزاحيه ڪالم، ريڊيو لاءِ ميوزيڪل فيچر به شامل آهن. جن کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن پاران ساراهيو ويو. کيس شهرت ڏيارڻ ۾ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ جو به وڏو ڪارنامو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري شاعر کي ته شهرت ملي پر ان جي شاعريءَ کي موسيقيءَ جا وڻندڙ ويس ڍڪائي عام ڳائيندڙ راڳين کي به مشهوري ملي. استاد عبدالقادر، ڍول فقير، اسحاق فقير، ڪارو مڱڻهار، ٻڍو فقير، ڦوٽو زرداري، استاد فيروز گل، قمر سومرو، قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، راڳ جي راڻي عابده پروين، روبينه قريشي، فوزيه سومرو، تاج مستاني ۽ ٻيا ڪيترا ئي سُريلا فنڪار شامل آهن، جن مرتضيٰ جي شاعريءَ کي جهر جهنگ پهچائي ان کي عام ۽ مقبول ڪيو.

    سوين هن دنيا مان، سڪندر هليا ويا،
    ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا.

    سيد مرتضيٰ ڏاڏهي ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتو. ايتريقدر جو ڪنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدگيءَ سان ماهوار live مشاعرو نشر ٿيندو هو ته ان ۾ به کيس خصوصي دعوت ڏئي مدعو ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ پاڻ اڪثر پُر بهار شخصيت، مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه ته سنڌ جي علمي ادبي شخصيت، گرامي صاحب ڪيترن مشاعرن ۾ فرمائش ڪندي کيس ترنم سان پڙهڻ لاءِ چوندو هو ۽ کيس وڏي آواز ۾ داد ڏيندو هو. ياد رهي ته ڏاڏاهي صاحب پنهنجي شاهڪار شاعريءَ کي ترنم جي انداز ۾ پڙهندڙ شاعرن مان به آهي.
    مرتضيٰ ڏاڏاهي بابت محترم ”نصير مرزا“ جا خوبصورت لفظ آهن ته؛ ”سنڌي ڪافي، جنهن ۾ اسان مصري شاهه امام کي هن صنف جو ’بادشاهه‘ تصور ڪندا آهيون ۽ ان کانپوءِ واري زماني ۾ مخدوم طالب الموليٰ تي ڪافيءَ جي صنف پنهنجي انتها تي پهتل نظر اچي ٿي. هاڻوڪي دور ۾ اسين جيڪڏهن نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪافيءَ جي صنف جو حسين ترين شاعر جيڪڏهن ڪو نظر اچي ٿو ته اهو مرتضيٰ ڏاڏهي آهي، جنهن کي شاعري جي نج سنڌي صنف ڪافيءَ جي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. اسان جا ڀاڳ جو هن قافلي ۾ سائين شريڪ آهي ۽ رهنمائي ڪندو رهي ٿو.“

    ڏاڏاهي صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي کوڙ واڌايون ڏيندي سندس مڪمل صحتيابي جون دعائون ڪجن ٿيون.

    ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،
    محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.



    سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    ڪافي

    تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس پرين،
    تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جيس پرين.


    تنهنجي چهري جي چانڊاڻ وڻي،
    تنهنجي لبڙن جي لالاڻ وڻي:
    تنهنجي سونهن وڻي، سرهاڻ وڻي،
    تنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻاٻيس پرين.


    تنهنجا واسينگن جهڙا وار عجب،
    تنهنجا ڳاڙها ٻئي رخسار عجب:
    اهي عاشق لئه آزار عجب،
    ڪن ڪاريون اکيون ٿيون ڪيس پرين.


    تو پيچ محبت پائي ڇڏيو،
    منهنجي دل کي گهورن گهائي ڇڏيو.
    تنهنجي نينهن نئون رنگ لائي ڇڏيو،
    تنهنجي مرڪ ٿي مقناطيس پرين.


    ايڏا عهد وچن پيمان ڪري،
    مٺا ’مرتضيٰ‘ جو مٿي مان ڪري:
    وري دڙڪا ڏيئي دهمان ڪري،
    هيڏو هاڻ نه هر هر هيس پرين.

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 نومبر 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مرتضيٰ ڏاڏاهي : ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر

    قرب واري ڪئي ڪچهري، سا مٺا وسري نٿي
    دلربا توکان سوا، هت ڪا گهڙي گذري نٿي۔

    واه واه جهڙو ڪلام، تهڙي شاعري

    سلام مرتضي ڏاڏاهي صاحب جن کي جيڪي پنهنجين صلاحيتن کي سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن کي ترقي وٺرائڻ ۾ صرف ڪنٿا ۔۔۔ هي تسلسل سنڌي صوفي بزرگن جو آهي ۽ اسان لئه معتبر آهي ۔۔۔

    لک ٿورا سهڻا گهوٽ سليمان

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    ڪافي

    سڄڻ ڏني سوغات،
    سورن جو سامان سهيڙي.

    حال وندن لئه حال وڃايم، جانب خاطر جهوليءَ پايم،
    ڏکڙن جي هيءَ ڏات،
    آنڌي اسان لئه عشق اويڙي!

    آئون ڇا ڄاڻان سور سفر جا، راز ۽ رمزون انت بحر جا،
    ڪهڙي بتايان بات؟
    نينهن رندن جي آنديس نيڙي.

    پلپل پرين صوبت ساري، ڪوڙئين قاصد ڪانگ اُڏاري،
    راه ڏٺم ڏينهن رات،
    جل جدائي جو ٿو جهيڙي.

    مرتضيٰ محبن ميلو ٿيندو، رحمت وارو ريلوايندو
    ڪابوُند وَسي برسات،
    مٺڙن ساڻ مون، کي شل.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ٿيون ملاقاتون وڏيون ڀرھين جون باتيون وڏيون
    تو جداي جو ٿي ڏينھن وڏو راتيون وڏيون
    جھڙو ناء تھڙي شاعري ۾ رنگ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قرب واري ڪئي ڪچهري، سا مٺا وسري نٿي
    دلربا توکان سوا، هت ڪا گهڙي گذري نٿي
    مان جڏهن ننڍو هوندو هئس ته ريڊيو جو تمام گهڻو شاقين هوندو هئس، ۽ انهن ڏينهن ۾ ريڊيو جي سنڌي ڪلامن ۾ هي مٿيون ڪلام به تمام گهڻو ٻڌندو هئس، مرتضه شاهه صاحب جي شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي، اصل هان کي ڇهندي آهي،​
    ڪنهن به ادب ۾ هميشه يا ته نثر ۾ لکيو ويندو آهي يا وري نظم ۾۔ نثر ۾ مضمون واري انداز ۾ لکيو ويندو آهي ۽ نظم وري شاعري جي انداز ۾ لکيو ويندو آهي۔ شعر جو لفظ عربي لفظ ”شعور“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ.“ اصطلاح ۾ شعر انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو علم عروض جي وزن ۽ بحر تي موزون ڪيل هجي. علم عروض شاعري جو هڪ قانون ۽ قائدو آهي۔سنڌي شاعريءَ ۾ جديد شاعريءَ کان اڳ ڪافيون، وايون، گيت. بيت ۽ لوڪ شاعريءَ جون مشهور صنفون رائج هيون۔۔ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ڪافين جو راڳ ڳايو ۽ ٻڌو ويندو هو، سنڌ ۾ ڪافي اهڙا شاعر آهن جنهن جي سڃاڻپ ئي ڪافي آهي، جهڙي ريت سچل سرمست رح مخدوم محمد زمان طالب الموله، مصري شاهه وغيره، مصري شاه ته سنڌي ڪافي جو بادشاهه سڏبو آهي۔ انهن ڪافي جي شاعرن مان سنڌي زبان جو هي مٺڙو شاعر مرتضه شاه ڏاڏائي پڻ هڪ آهي۔
    سنڌي زبان جي هن مٺڙي شاعر سيد مرتضيٰڏاڏاهي جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو (تون پارس، آئون لوهه ) آهي، جيڪو سيپٽمبر 1994ع ۾ ديدار بُڪ ڊپو،ٽنڊي الهيار شايع ڪيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ مخدوم جميل الزمان لکي ٿو ته: ”مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا ڪيترائي اهڙا شعر آهن، جن ۾ سلوڻائي، خيالن جي نفاست،ٻوليءَ جا مقبول عام محاورا، هڪڙي ئي منٽ ۾ سمجهه ۾ ايندڙ تشبيهون، سهڻن جاواعدا، سڄڻن جا دلاسا، وفا جو اعتماد، عشاقن جي نهٺائي، اڌورا خواب،انتظارن جو مزو، پنهنجي عقيدت مندانه عشق و محبت جي اظهار جا معزز طريقا،اڻ کٽ تمنائون ۽ يادگيريون يا اهڙا ٻيا انساني جذبا جيڪي جڏهن اکرن جي صورت۾ اچن ٿا ته انهن کي تغزل ۽ شاهه-بيت- وغيره جهڙا لقب ڏنا ويندا آهن، اهي .۔۔۔ مرتضه شاهه صاحب جو هي شاعري مجموعو مون وٽ موجود آهي، جيڪو مون 1996ع ۾ دادو مان خريد ڪيو هو۔
    ڪافي واري شاعري تي سنڌ جي ماياناز عالم اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔ مثلن ڪافيون جلد نمبر پهريون۔۔۔ ڪافيون جلد ٻيون ۔۔۔ ڪافيون جلد ٽيون
    ٿيون ملاقاتون وڏيون ڀرھين جون باتيون وڏيون
    تو جدائي جو ٿئي ڏينھن وڏو راتيون وڏيون
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    • سنڌ جي نامياري شاعر مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي اکين جو نور به گهٽجي ويو


      [​IMG]


      سنڌ جو ناليوارو شاعر مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي ڦڦڙن جي بيماري کان پوءِ اکين جي روشني گهٽجي وئي، ڊاڪٽرن سندس اکين جو آپريشن ڪرڻ کان جوب ڏئي ڇڏيو، شاعر مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڦڦڙن جي بيماري اڳ ئي هيڻو ڪري ڇڏيو هو، مٿان اکين جي روشني گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن اکين جو آپريشن ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر چون ٿا ته ڦڦڙن جي بيماري جي ڪري اکين جو آپريشن نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اکين جي روشني گهٽجڻ ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ تمام گهڻي مشڪلات پيش اچي رهي آهي، خبر ناهي ڪهڙي امتحان مان گذري رهيو آهيان، هن چيو ته بيمارين جي ڪري گهر جو الهه تلهه علاج تي لڳائي ڇڏيو آهي، هاڻ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪندس ته مالي مدد ڪئي وڃي ته بهتر علاج ڪرائي سگهان، هن چيو ته سڄي عمر سنڌ واسين کي شاعري ڏني ۽ موٽ ۾ پيار محبت مليو جنهن جي ڪري جيءَ رهيو آهيان.
    مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جو مختصر انٽرويو


    [​IMG]
    دنيا ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي شاعري جي ذريعي انسان ذات کي محبت، پيار، امن ۽ انساني ڀائيچاري جو پيغام ڏنو. انهن شاعرن مان ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ شاعر سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي 26 نومبر 1939ع ۾ سيد امام الله شاه ڏاڏاهي جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم، سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ پنهنجي والد محترم کان حاصل ڪئي، پاڻ ڪيترن ئي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جنهن ۾ بزم مسافر، بزم طالب الموليٰ، بزم نور ادب، سنڌي ادب ثقافت سنگت، سنڌ سيد ايسوسيئيشن، حلال احمر ڪميٽي، اينٽي نارڪو ٽيڪس ڪميٽي، پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي ۽ وتايو فقير مئنيجمينٽ ڪميٽي. هن شخص پنهنجي ڪاوشن ذريعي مختلف تنظيمن جو پڻ بنياد وڌو، جنهن ۾ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ان کان علاوه ٽنڊوالهيار پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو، هن پنهنجي زندگي جا ڪجهه ڏينهن صحافت ۾ پڻ گذاريا.
    س: شاعري ڇا آهي؟
    ج: شاعري قدرت جي حقيقت جي ترجماني ڪري ٿي منهنجي نظر ۾ شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪو هرهڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي .
    س: توهان شاعري جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ اهو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
    ج: 1953ع جي دور ۾ ٽنڊوباگو ۾ فارسي جي وڏي اهميت هئي، منهنجي والد محترم وٽ ڪافي شاعر اديب ۽ فنڪار ايندا هئا، انهي محفل ۾ آئون پڻ ويهندو هئس، انهن کي ڏسي 14 سالن جي عمر ۾ شاعري جو شوق پيدا ٿيو.
    س: شاعري جون ڪيتريون صنفون آهن؟
    ج: شاعري جون ٽوٽل 11 صنفون آهن ، جيڪي هن ريت آهن، حمد، نعت، وائي، ڪافي، منقبقت، غزل، گيت، نظم، بيت، قطعا، مناجات وغيره .
    س: توهان جو آزاد نظم جي باري ۾ ڇا رايو آهي؟
    ج: آئون آزاد نظم کي تسليم ئي نه ٿو ڪريان ، ڇو جو جنهن نظم ۾ ضبط نه آهي اها نظم نه بلڪه نثر آهي.
    س: توهان شاعري جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن؟
    ج: ڪافي ڪتاب آهن، جنهن ۾ زهر، زم زم، تون پارس آئون لوه، سهڻا سرها گل ان کان علاوه اڻ ڇپيل مواد جنهن ۾ عشقيه شاعري، وطن جا گيت، مزاحيه نظم، ڪالم، زرعي نغمه، ميوزيڪل فيچر شامل آهن.
    س: توهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
    ج: هڪ سئو کان وڌيڪ فنڪارن، جن منهنجي شاعري ڳائي، انهن مان مشهور ماسٽر محمد ابراهيم، عابده پروين، مائي ڀاڳي، ٻڍو فقير، ڍول فقير، ڦوٽو زرداري، سليمان شاه ۽ وحيد علي نمايان رهيا.
    س: شاعري ته هڪ وسيع فيلڊ آهي انهي ۾ ڪو توهان جو استاد رهيو؟
    ج: حضرت علي عليه السلام جي قول مطابق جيڪڏهن توهان ڪنهن کان هڪڙو اکر به سکو اهو توهان جو استاد آهي، شروع شروع ۾ ٽنڊي باگي ۾ مولوي احمد ملاح جيڪو تمام وڏو بزرگ، عالم دين ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو انهي وٽ هڪ ڀيرو هڪ شعر کڻي ويس جنهن مون کي تمام سٺي موٽ ڏني ته تون سٺو شاعر ٿي سگهين ٿو، آئون هن کي پنهنجو استاد تسليم ڪريان ٿو .
    س: اڄ جي دور جي نوجوان شاعرن مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
    ج: ڪافي نوجوان مون وٽ ايندا آهن ، انهن مان گهڻا پنهنجي شاعري ضبط کان ٻاهر کڻي ايندا آهن، ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي سٺي شاعري ڪن ٿا.
    س: توهان جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟
    ج: انسان جي زندگي نه کٽندڙ خواهشن جو مجموعو آهي، هر ڪو انسان چاهي ٿو ته آئون سٺو کاوان، سٺو پهريان، مون وٽ دولت هجي، چار چڱن ۾ ويهان، منهنجو نالو ٿئي، منهنجي هميشه اها ئي خواهش رهي آهي ته جهڙي حال ۾ به هجان منهنجو رب مون سان راضي هجي.
    س: آخر ۾ توهان شاعري جي حوالي سان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
    ج: انهن کي اهو ئي پيغام آهي، ته شاعري ۾ عام فهم هجي، پيار محبت هجي جنهن سان محبتون وڌن ۽ نفرتون گهٽجن .
    س: جيڪڏهن توهان کي سنڌ ڌرتي جي خدمت لا موقعو ڏنو وڃي ته سڀ کان پهرين ڪهڙو ڪم ڪندؤ؟
    ج: سڀ کان پهرين منهنجي هن سنڌ ڌرتي ۾ غريب، لاچار ۽ مفلس ماڻهو رهن ٿا، انهن جي خدمت ڪندس ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندس.
    مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جون يادگار تصويرون


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    تمام بھترين معلومات ونڊ ڪيو آھي
    [​IMG]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعري : سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي

    فنڪار : ٻڍو فقير

     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪافي جي صنف جي ملوڪ عوامي شاعر
    سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون


    [​IMG]


    سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،
    کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين.

    ڀري جام حنائي هٿن سان،
    شرابِ محبت لڳائي لبن سان،
    پيارا اسان کي پياري ٿو مارين.

    سلامي ڀريندي سڄڻ سال ٿي ويا،
    ڀلائي ڪريو ڪا برا حال ٿي ويا،
    دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين.

    ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
    اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
    پرين پهر پاسي گذاري ٿو مارين.

    هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
    ٻيائي نه ٿيندي ٻڌي ٻول ڪهڙا،
    وري مرتضيٰ کي وسارين ٿو مارين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو